ايتري حفاظت ڇو
هيءَ هاسٽل ڇهه ماڙ آهي. پنهنجي حساب سان پنج ماڙ جو هيٺين پٽ کي گرائونڊ فلور سڏين ٿا. پر چين، جپان، هانگ ڪانگ وانگر هتي پهرين ماڙ گرائونڊ فلور کان شروع ٿئي ٿي. سيءَ جي ڪري هتي جون سڀ عمارتون بند بند ٿين.در دريون سڀ بند نظر اينديون. ڏسڻ ۽ روشنيءَ لاءِ پڙدو هٽائي شيشي مان ڏسي سگهجي ٿو. هاسٽل ۾ گهڙڻ سان هاسٽل جي مئنيجر جي آفيس آهي. جيڪا رسيپشن سڏجي ٿي. در کي کولڻ لاءِ در جي ٻاهر ڪئلڪيوليٽر جهڙي نمبرن واري شيءِ لڳل آهي ۽ مقرر نمبر دٻائڻ سان الارم سان گڏ دروازو کلي ٿو. اڄڪلهه دروازو کولڻ جو نمبر 1190 آهي جيڪو وقت بوقت حفاظت جي خيال کان تبديل ڪيو وڃي ٿو. ان کان علاوه موڪل وارن ڏينهن تي ۽ رات جو ڏهين بجي کان پوءِ، جڏهن گيٽ وٽ رسيپشن آفيس ۾ مئنيجر ۽ سندس سيڪريٽري ڇوڪري موجود نه هوندي آهي ته اهو دروازو فقط ڪوڊ نمبر دٻائڻ سان به کلندو آهي ۽ وڌيڪ حفاظت خاطر هر هڪ کي هڪ پلاسٽڪ جو ڪارڊ مليل آهي جيڪو دروازي ۾ ٺهيل سير ۾ اندر وجهڻ سان اليڪٽرڪ سرڪٽ ۾ چرپر اچيو وڃي ۽ دروازو کليو وڃي. ساڳي طرح يونيورسٽي جي هر ماڙ تي در کولڻ لاءِ ڪوڊ نمبر آهي، جيڪو اڄڪلهه 3570 آهي. دروازو کولڻ جو هي نمبر سسٽم هتي جي ٻين عمارتن ۾ به آهي. پر اسان جي هاسٽل ۽ يونيورسٽيءَ ۾ تمام گهڻو آهي.
”هتي سئيڊن ۾ ته ايترا ڏوهه نٿا ٿين پوءِ ايتري حفاظت ڇو؟“ مون پهرين ڏينهن ئي هتي جي هڪ سڪيورٽي آفيسر کان پڇيو.
”تڏهن به اسان کي خبردار رهڻ کپي ۽ ڪنهن کي نه موقعو ڏجي ۽ نه پنهنجي طرفان ايڏي ڍر ڏجي جو ٻئي جو من وڌي ۽ ڏوهه ڪرڻ لاءِ Risk کڻي.“ هن ٻڌايو.
”پر اسان ته شاگرد ۽ ڌارين ملڪن جا آهيون ۽ پئسي ڏوڪڙ ۾ سڀئي مسڪين ئي آهيون.“ مون چيو.
”رڳو پئسي ڏوڪڙ جي ڳالهه ناهي. ڌارين ۽ مختلف ملڪن جا هجڻ ڪري اسان کي ويتر وڌيڪ خبردار رهڻو پو ي ٿو. هتي توهان پاڪستان جا آهيو ته هندستان ۽ بندگلاديش، برما جا به، عراق جا آهن ته ايران، سعودي عرب، مصر، شام جا به، لبيا جا آهن ته چاڊ، موراڪو، الجيريا ۽ ٽيونشيا جا به آهن. ائنگولا جا آهن ته مورزمبيق، ڪينيا، نائيجيريا جا به آهن. اهڙيءَ طرح رومانيا، بلغاريا جا آهن ته ترڪي البانيا جابه ۽ روس جي لٿونيا، آرمينيا، آذربيجان ۽ جارجيا تائين جا شاگرد آهن. پاڻ ۾ ته کڻي توهان نه وڙهندؤ. پر متان ڪو ڌاريو اسان جي ئي ملڪ جو ڪنهن عرب، آفريڪي يا روسيءَ تي بگڙي پنهنجو بدلو وٺڻ لاءِ هيڏانهن هليو اچي ته سڄي ڳالهه جو مزو خراب ٿي پوندو. ۽ هر هڪ کي خبر آهي ته هن هاسٽل ۽ يونيورسٽيءَ ۾ دنيا جي هر ملڪ جا ماڻهو رهن ٿا. انڪري توهانکي Diplomats واري حفاظت ڏيڻ چاهيون ٿا.“
پهرين، ٻين، ٽين ۽ پنجين ماڙ تي ٽي وي روم ٺهيل آهي جنهن ۾ انگريزي ترجمي لاءِ Decoder پڻ آهي. يورپ ۽ انگلينڊ جا ڪيترائي چئنل نظر اچن ٿا. گهڻا مشهور بي.بي.سي BBC، سي.اين.اين، سپرچئنل، Discovery, Eurosport ۽ هڪ عربن جو چئنل آهي جيڪو شايد قبرص کان ٽيليڪاسٽ ٿئي ٿو. ناروي، ڊئنمارڪ، فنلئنڊ ۽ سئيڊن جون ٽي وي اسٽيشنون به اينديون آهن پر جيئن ته انهن جا گهڻا پروگرام انگريزيءَ ۾ نه آهن، انڪري اهو ڪو ورلي ڏسي. البت ڇنڇر ۽ اربع ڏينهن شام جو (دير سان) انهن مان هڪ يا ٻن تي اڌ اگهاڙيون يا ٺپ اگهاڙيون فلمون اچڻ مهل ٽي وي روم ڏسندڙن سان ڀريل هوندو آهي.
هاسٽل جي ٻي ماڙ تي لئبرري آهي، جنهن ۾ يا آئون هوندو آهيان يا هڪ بنگالي. آچر ڏينهن ڪجهه آفريڪي شيدي (۽ شايد وچ آمريڪا جي ملڪن جا پڻ ڪجه شاگرد) گڏ ويهي ڪجهه دير بائيبل پڙهندا آهن. نه ته گهڻا تڻا لئبرريءَ ۾ ويهي ڪتاب يا رسالا پڙهڻ بدران پنهنجي ملڪ کان آيل رسالا ڪتاب ڇڏڻ ايندا آهن. هر هڪ جو اهو زور هوندو آهي ته سندس ملڪ بابت سڀ کان گهڻو لٽريچر ۽ معلومات هجي. سو پنهنجن پئسن سان يا پنهنجن سفارتخانن، هوائي ڪمپنين ۽ ٽورسٽ آفيسن کان ڪافي مواد گهرائي هتي رکندا آهن جيئن سندن ملڪ بابت باقي ملڪن جا شاگرد پڙهي، گهڻي کان گهڻو متاثر ٿين. بهرحال ان مقابلي ۾ ڏٺو وڃي ته ايران ۽ ٻئي نمبر تي ڏکڻ آمريڪا جا ڪجهه ملڪ: وينزوئلا، چلي ۽ پيرو سڀ کان اڳ اڳ آهن.
هاسٽل جي چوٿين ماڙ تي ريڊيو ۽ اسٽيريو جو بندوبست آهي، جيئن ڪنهن کي فقط ميوزڪ ٻڌڻ جو شوق هجي ته اتي ويهي رڪارڊ يا ڪئسٽ ٻڌي. ڇهين جيڪا آخري ماڙ آهي ان تي ڪمپيوٽر روم آهي جتي هر هڪ پنهنجو خط پٽ درخواست يا پنهنجي چونڊيل عنوان جي ٿيسز پوري ڪرڻ لاءِ لکندو يا پرنٽ ڪندو آهي.
هاسٽل کي هيٺ بهرو (Basement) پڻ آهي جنهن ۾ هڪ وڏي ميس ۽ ڪيفيٽيريا آهي جتي اسان نيرن ۽ رات جي ماني کائيندا آهيون. منجهند جي پاڻ پچايون يا يونيورسٽيءَ جي ڪئنٽينن مان وٺي کائون. ڇنڇر ۽ آچر ڏينهن به پاڻ پچايون يا هوٽل ۾ کائون. روز جي ان لنچ ۽ موڪل وارن ڏينهن جي مانيءَ جا پئسا يونيورسٽيءَ طرفان ملن، جيڪي پاڻ ئي پچائي کائڻ لاءِ چڱا خاصا ٿين ٿا. پر جيڪڏهن هڪ ويلو به هتي جي هوٽل ۾ کاڌو سين ته باقي ڏينهن چڻن (Peanuts)، ڊبل روٽي ۽ چانهه تي گذارو ڪرڻو پوي ٿو.