بس طلاق ئي سمجهو
مون کيس آهستي “Gigo” چيو، جيڪو ڪمپيوٽر جي هڪ ٽرم Garbage in Garbage out تان کنيو اٿئون ۽ ٻٽاڪي ماڻهن لاءِ استعمال ڪندا آهيون. يعني محبوب جون ڳالهيون ائين ئي آهن منجهن ڪابه گهرائي ناهي. منهنجي ان سگنل کي سمجهي راحت يڪدم ”اها ڳالهه آهي“ چئي مون کي Response ڏنو.
محبوب ان وچ ۾ بيئر جا هڪ ٻه وڏا ڍُڪ ڀري سگريٽ دُکايو. ”بس هاڻ سوچيم اٿم ته پاڪستان مان وڃي شادي ڪري ايندس.“
”ڀلا اها پولينڊ واري زال اڄڪلهه ڪٿي آهي؟“ اسان پڇيس.
”هتي ئي آهي. ڪڏهن ڪڏهن ڌيءَ کي ڏسڻ لاءِ ويندو آهيان، کيس بلڊ پريشرٿي پيو آهي. انڪري ڪڏهن ڪڏهن وٺي دانهون ڪندي آهي.“ محبوب هن جي دانهن جي نقل ڪري، ٽهڪ ڏيڻ لڳو، ”پاڳل آهي.......“ هن گار ڏني.
”پوءِ نه وڃيس.“ اسان چيس.
”آئون ته نه وڃانس پر وري پاڻ ئي فون ڪندي آهي ته اچ. اچ مون تولاءِ هي پچايو آهي يا چوندي ته تنهنجي ڌيءَ توکي ياد پئي ڪري. يا چوندي اچ ۽ اچي هتي ئي سمهه.“
”طلاق ٿي وئي اٿانوَ يا رڳو علحدگي؟“ اسان پڇيس.
”بس طلاق ئي سمجهو. هتي شادي به ائين ٿيندي آهي ته طلاق به ائين ئي. هتي نه ڪو قاضي، مولوي ملون آهي۽ نه ان جي ضرورت پوندي آهي.“
”اهڙي ته ڳالهه ناهي. هتي ته ترڪي، پاڪستاني ۽ مصر پاسي جا ڪيترائي عالم دين ۽ مولوي پيا هلن.“ اسان چيس.
”پر حڪومت ان کي ضروري نٿي سمجهي ڪهڙو جوڙو شادي شده آهي ڪهڙو غير شادي شده. جيڪي زالون الڳ رهن ٿيون انهن کي سرڪار مهيني تي خرچ پکو ڏئي ٿي ۽ جي ٻار اٿن ته اڃا به گهڻو ڏئي ٿي. سو هيءَ اسان واري جوءِ به سرڪارمان ڪڍيو ويٺي آهي ته مون مان به، هينئر به ٻه هزار ڪرونا ڏنامانس. جيڪي ڪمايان ٿو اهو خرچ ڪريو ڇڏيان. هڪ نه ٻئي سال ورلڊ ٽوئر تي به ويندو آهيان. هينئر نيويارڪ مان ٿي آيس. جيڪو ”من هتا“ مان ٿي آيو، اهو ڄڻ پاس ٿي ويو. دنيا ۾ خطرناڪ شهر آهي.“
”من هتا نه، پر مئن هٽن“ سليم درستي ڪئي. ”اتي ٽوليءَ ۾ نڪرڻ کپي.“
”توهان آمريڪا ڏٺو آهي؟“ هاڻ هن پهريون دفعو اسان بابت معلوم ڪرڻ جي ضرورت محسوس ڪئي. اسان کيس ٻڌايو ته اسين جهازن جا ڪئپٽن ۽ چيف انجنيئر ٿي رهيا آهيون ۽ دنيا جا ڪيترائي شهر ڏٺا اٿئون.
”آمريڪا واپا رلاءِ ڏاڍو سٺو آهي. مونکي شئنل فائو جي عطر جو نقل ملي ويو ۽ هتي پنجين پنجين ڊالرن جو وڪيم. اتان فقط ڊالر جو وٺي آيس. سنگاپور به سٺو شهر آهي پر ”جوبهارو“ صفا گندو آهي. اتي ملئي ماڻهو پنن تي ڀت رکي کائين ٿا.“
“جوبهارو نه ”جو هوربارو“ ۽ اهي ملئي نه پر ڏکڻ هندستان جا تامل آهن. انهن جو ڪلچر ۽ رسم رواج اهوئي آهي. اسان ٻڌايس.
”يار توهان منهنجي گهر ضرور ماني کائڻ لاءِ اچو. آئون توهان کي پنهنجي زال ۽ ٻين ساهيڙين سان به ملائيندس. مونکي خوشي ٿيندي توهان اچو.“
”پر اسان کي ڪهڙي خبر ته تنهنجي ائڊريس ڇا آهي.“
پوءِ اسان کان پين وٺي ائڊريس لکڻ لڳو. پنج ڇهه منٽن ۾ پنهنجو نالو مس لکيائين، جنهن مان لڳو ته کيس لکڻ ڪونه ٿو اچي ۽ پوءِ پنهنجو شناختي ڪارڊ اسان کي ائڊريس لکڻ لاءِ ڏنائين. ”يار توهان منهنجي ضرور ماني کائڻ لاءِ اچجو.“ هن چيو.
”مهرباني. ٻه سال هتي آهيون ڪڏهن واندڪائي ملي ته اچي نڪرنداسين.“ راحت چيس.
”آئون ڀلاٻيو بيئر وٺي اچان؟“ هن پڇيو.
”ڀلي..........“ اسان وراڻيس.
”پرمون وٽ کُلا پئسا نه آهن هڪ ويهه ڪرونا اڌارا ڏيندؤ.“
اسان هڪ ٻئي جو منهن ڏسڻ لڳاسين. اسان ۾ سڀ کان وڌيڪ شريف ماڻهو سليم قاسم کان رهيو نه ٿيو. پرس مان ويهه ڪرونا ڪڍي ڏنائينس. جيڪي وٺي بيئر خريد ڪرڻ لاءِ اٿيو.
”وڏو ڪو ٻٽاڪو آهي. هڙ ۾ لڀيس ڪجهه نه رڳو گشا. جوڻس کي به پاڻ بکون ماريون هوندائين تڏهن هن لتون هڻي ڪڍيو اٿس. هاڻ اهي ويهه ڪرونا هونئن ئي ڪونه ملندا، جو ٻي بوتل پيئڻ بعد رهيل هوش به هليا ويندس. ڪوپن هيگن پهچي ڇا اڌار قبوليندو. پر اهو آهي ته ويهن ڪرونائن ۾ جان ڇٽي. هاڻ اڌار موٽائڻ جي ڊپ کان پاڻ ئي غائب ٿي ويندو. نه ته هن ڪمبل مان سولي جان نه ڇٽي ها.“ سليم چيو.