ولايت ۾ پاڪستاني کاڌا
ڪئپٽن سليم چکي چيو: ”پاڪستاني کاڌا به هتي ولايت ۾ واهه جا لذيذ ٿين ٿا جو هتي هر شيءِ صاف سٿري ۽ سٺي ملي ٿي.“
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته پاڪستاني مٺايون ۽ کاڌا پيتا ولايت ۾ ٺهيل هميشه پاڪستان ۾ ٺهيلن کان سٺا ٿين ٿا. ڪوالالمپور جي برفي هجي يا براڊ فورڊ جو لڏون، جليبي، سنگاپور جي دال پوري هجي يا لنڊن جو نان ڦڙاٽو. ٻاهر جي شين جي جواب ناهي. هونءَ ڪو زمانو هو پاڪستاني ولايت ۾ ويهي پاڪستان جي کاڌي کي ياد ڪندا هئا. پر هاڻ جڏهن کان پاڪستان ۾ مٽيءَ مليل اٽو، سريل چڻا ۽ ڪني گيهه واريون مٺايون وڪامڻ شروع ٿيون آهن، ولايت ۾ رهندڙ پاڪستانين پنهنجي ملڪ مان کاڌا ۽ مٺايون گهرائڻ کان توبهه ڪري ڇڏي آهي. ڪاڏي ويو ڦليلي ۽ چناب جو پاڻي جنهن جي سڪ ۽ سواد ۾ اسان جي وڏن ولايت ۾ ويهي شاعري ڪئي. هنيئر هتان ولايت کان ڪو وطن وڃي ٿو ته ٻيو ڏهه نصيحتون ٿو ڪريس ته کاڌي پيتي جو خيال رکجانءِ. ٿي سگهي ته ٻارن لاءِ پاڻي به هتان ولايت ۾ مان کڻي وڃ.
”هونءَ ان ۾ ڪو شڪ ناهي،“ سليم چيو، ”هتي ٻاهرن ملڪن ۾ هر شيءِ ايڏي اعلى قسم جي ۽ اوچي ملي ٿي جو رڌڻ بعد اها بيحد لذيذ ٿيو پوي. انڊونيشيا کان لونگ، ڦوٽا، ڪارا مرچ اهي اچن ٿا جيڪي اعلى جنس جا آهن. افغانستان کان ڪابلي ڇولا اهي اچن ٿا جيڪي اوچي قسم جا آهن. پاڪستان ۾ ته ڪڏهن ڪڏهن تاريخ موجب کير وٺبو ته به اندران خراب نڪرندو جو صحيح طرح پئڪ ٿيل نه هوندو. پر هتي ولايت ۾ مقابلي ڪري هر ملڪ سٺي ۽ اوچي شيءِ موڪلي ٿو. ٻيو ته هتي خراب شيءِ وڪڻڻ وڏو ڏوهه آهي، جنهن جي سزا سخت رکي وئي آهي ۽ ڪوبه ڏوهاري ان کان بچي نٿو سگهي.“