گوشت جو حلال حرام جو مسئلو
ميس ۾ اسان کي نيرن تي ڪارن فليڪس، بيضي ۽ ڊبل روٽي سان گڏ ڪڏهن ٽرڪي پکيءَ جي گوشت جا سنها سلائيس ملن يا ڳائي گوشت جي سنهي قيمي جون لٺيون جيڪي سنهي آنڊي ۾ ڀريل ٿين جنهن کي هن پاسي Hot Dogs چون ٿا. پهرين دفعي ٽرڪيءَ جي گوشت جو گلاب مايل رنگ ڏسي طارق کي چيم: ”آئون مسلمان آهيان.“
يورپ پاسي نيرن تي بئڪن يا هئم (سوئر جو گوشت) عام طرح واپرايو وڃي ٿو ۽ هاٽ ڊاگس ۾ به پاسي پورڪ (سوئر جو گوشت) وڌو وڃي ٿو. بلڪ هئم برگر (جيڪو پاڪستان ۾ ڳائي گوشت جو ٺهي ٿو) هتي سوئر جي قيمي مان ٺهي ٿو. سوئر جي ران واري گوشت کي Ham سڏجي ٿو جنهن جو قيمو ٺاهي بن جي وچ ۾ رکي هئم برگر جي نالي سان وڪيو وڃي ٿو يا ڊبل روٽي جي سلائيسن جي وچ ۾ رکڻ سان ان کي هئم سئنڊوچ سڏجي ٿو. اهو برگر جنهن ۾ ڳائي گوشت جو قيمو رکيو وڃي ان کي بيف برگر چئجي ٿو ۽ اهڙيءَ طرح چڪن برگر يا فش برگر، خبر ناهي ڇو پاڪستان ۾ هر برگر جو نالو هئم برگرپئجي ويو آهي _ ڪنهن گروهه جي شرارت ڪري يا اڻ ڄاڻائي ۽ بيوقوفيءَ ڪري. هڪ يورپي همراهه پاڪستان جي دؤري بعد مونکي اچي چيو: ”تون جو وتين اسلام اسلام ڪندو. تنهنجي پاڪستان جي ته اها حالت آهي جو جنهن ڳوٺ ۾ ويس اتي جي وڏيري پنهنجن هٿن سان شراب ٿي پيش ڪيو ۽ ڪراچيءَ ۾ هئم برگر عام جام پئي وڪيا. اسلام جي نالي تي پاڪستان ضرور ٺاهيو هوندؤ پر هاڻ اهو نه رهيو اٿانوَ. رڳوڳالهيون ڪندا وتو.“
بهرحال طارق ٻڌايو ته اسان جي ميس ۾ شراب ۽ سوئر جي گوشت تي بندش آهي.
”هتي يورپ ۾ جيتوڻيڪ هر شيءِ _ شراب، سوئر عام هلي ٿو پر جيئن ته هن هاسٽل ۾ ڪجهه مسلمان رهن ٿا سو انهن جو خيال رکي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ۽ سئيڊن جي حڪومت اهڙين شين جي استعمال تي بندش وڌي آهي. هتي رڳو ڳائو، رڍ، ٻڪريءَ جو گوشت يا ڪڪڙ مڇي ٽرڪي پچائي وڃي ٿي. ويندي رڌڻ جو تيل يا مکڻ مارجرين به استعال ٿئي ٿو جنهن ۾ سوئر جي چرٻي نه هجي. باقي اهو آهي ته گوشت ايم. ڪي (Muslim killed) ناهي. اسلامي طريقي سان ان کي حلال نه ڪيو ويو آهي.“
”پوءِ؟“ مون پڇيومانس.
”بس سائين هڪ ٻن ڏينهن لاءِ جيڪي هتي اچن ٿا اهي ان کان به پرهيز ڪري سگهن ٿا پر جن کي هميشه رهڻو آهي يا وڏي عرصي لاءِ رهڻو آهي اهو ڇا ٿو ڪري سگهي. گناهه گناهه آهي پر جيترو ٿي سگهي وڏي ڏوهه کان پاڻ بچائي. سوئر ۽ شراب کي هٿ نه لائجي. باقي اهي جانور پکي جيڪي پاڻ اسلام لاءِ حلال آهن انهن کي کائڻ مهل ڪلمو پڙهي کائي ڇڏجي.“
هڪ ڏينهن علويءَ چيو: ”آئون ته سڄو سال مڇي کائي بيزار ٿي پيو آهيان.“
”توهان ته وري به مڇي کائو ٿا،“ مون چيو مان، ”منهنجو ڇا حشر ٿيندو جو آئون ته پاڻيءَ جي ڪابه شيءِ مڇي پلو، گانگٽ نٿو کائي سگهان جو الرجڪ آهيان.“
قاضي حميد چيو: ”مون ٻڌو آهي ته ڊئنمارڪ (ڀر واري ملڪ) ۾ هڪ ٻه دڪان آهن جن تي حلال گوشت ملي ٿو.“
”يار ڪمال ٿو ڪرين هاڻ گوشت وٺڻ لاءِ هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ اهو وڃي سگهي ٿو جنهن وٽ وقت ۽ اڻ ميو پئسو هجي ۽ جنهن وٽ اهي شيون آهن اهو ته هتي هُتي پرديس ۾ ڇو ڌڪڙ کائيندو وتي.“ مون چيو.
”منهنجو ته نوڪري جي سلسلي ۾ ڪڏهن ڪڏهن ڊئنمارڪ وڃڻ ٿيندو رهي ٿو.“ سترهن سالن کان هتي رهندڙ پاڪستاني جوهر زمان چيو، ”۽ ڪڏهن ڪڏهن گوشت وٺي ايندو آهيان. پر سوال ٿو پيدا ٿئي ته ڪنهن کي ڪهڙي ثابتي آهي ته دڪاندار فريزر مان جيڪو گوشت ڪڍي ٿو ڏئي اهو حلال به آهي يا نه.“
”بس پوءِ هن جي نيت تي مدار آهي.“ قاضيءَ چيو.
”اهو تڏهن کڻي چئجي جڏهن دڪاندار مسلمان هجي ۽ پاڻ ئي گوشت ڪٺو هجيس.“ جوهر چيو.
”گذريل سال جي ڳالهه آهي ته،“ جوهر زمان سان گڏ آيل هڪ ٻئي هتي جي رهاڪو پاڪستانيءَ چيو، ”سعودي عرب، جيڪو ڊئنمارڪ کان ڪڪڙيون ۽ ڳائو گوشت گهرائي ٿو. ان کي ڊئنمارڪ وارن هڪ کيپ ۾ ڳائي جي قيمي بدران سوئر جو قيمو موڪلي ڇڏيو ۽ پوءِ جڏهن خبر پئي ته وڏو گوڙ مچي ويو ۽ اخبارن، ٽي وين تي اچي ويو.
”سو جڏهن هي ايتري بي ايماني ڪري سگهن ٿا ته پوءِ گراهڪن سان ڪوڙ ڳالهائڻ ته هن لاءِ سولي ڳالهه آهي ته ڍڳي يا ڪڪڙ اسلامي طرح ذبح ٿيل آهي.“ جوهر چيو.
”پر مونکي عربن جي اها ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي ته ڪڪڙ، ڍڳي يا رڍ جو گوشت به ڊئنمارڪ کان گهرائين ٿا پر پنهنجي ويجهي مسلمان ملڪ پاڪستان کان نٿا وٺن. اهي چار پئسا به ڀلي گوري انگريز يورپيءَ کي فائدو ٿئي باقي پنهنجي پاڙيسري غريب ملڪ کي نه ٿئي.“ قاضيءَ چيو.
”غريب مسلمان پاڙيسري ملڪ کي پنهنجي ئي کائڻ لاءِ ڍڳيون، ٻڪريون ڪونه آهن. تڏهن ته اڱارو اربع گوشت بند رکيو اٿن، سو ٻين کي ڇا سپلاءِ ڪندو.“ علويءَ چيو.
”نه اها ڳالهه ناهي. عرب جي وٺن ته اسان ٻڪريون، رڍون آسٽريليا کان به گهرائي، ذبح ڪري کين گوشت موڪليون. کين به سستو پوندو ته اسان کي به فائدو ٿيندو.“ قاضي چيو.
”اهو ته صحيح آهي پر هو اسان جي ڪاساين، مڏن ڪپن ڪاتن، گندگي ۽ مکين کان وٺي گوشت جي Transportation تائين ڀلي ڀت واقف آهن،“ علويءَ چيو، ”عرب انڌا آهن. ڏسن ڪونه ٿا ته ايمپريس مارڪيٽ ۾ جيڪي صبح کان شام تائين ڪڪڙيون ويٺا ڪُهن، نڪو وضو ڪن نڪو ڇا. ڀت جي ڀر ۾ پيشاب ڪريو ويٺا ڪڪڙين تي ڪات هلائين، ۽ ذبح ڪرڻ مهل تڪبير به جهڙي پڙهي تهڙي نه، باقي سڄو ڏينهن گار جي رَئي لڳايو ويٺا آهن. اس کي تو بهن ڪي، اس کي تو مان کي...............
”۽ پوءِ ڪٺل ڪڪڙين ۽ ڍڳين مٿان ڪو ڏينهن ته ڪارين ٿلهين مکين جا انبار پيا آنا لاهيندا، جيسين ڪالو مڪراني گڏهه گاڏي ڪاهي اچي ۽ گوشت کي هوائي اڏي يا بندرگاهه تائين پهچائي. ان کليل گوشت تي رستي جي ڌوڙ ۽ مٽيءَ جي ڇَٽَ الڳ ٿيندي آهي. سو عربن کي جيڪڏهن دستن ۽ ڪالرا جو شوق هجي ته ڀلي اهو هٿ ٺوڪيو اسان جو اسلامي گوشت کائين.“
”هونءَ هتي سئيڊن جي ذبح گهر (Slaughter House) ۾ مون ڏٺو آهي“ جوهر ٻڌايو، ”هڪ ته هر قسم جي جانور جو الڳ ذبح گهر آهي. رڍن جو الڳ ته ڍڳين جو الڳ. ايتري قدر جو هر هڪ جانور جا ڪپ ڪات به ٻئي تي نٿا استعال ٿين ۽ ٽين ڳالهه ته روزانو ان سلاٽر هاؤس کي مٿان کان هيٺ تائين گرم پاڻيءَ سان ڌوتو وڃي ٿو ۽ جانور کي اليڪٽرڪ شاڪ ڏيئي يا مڻڪو ڀڃي مارڻ بدران سير وجهن ٿا. باقي اهو آهي ته ڪاسائي مسلمان نه آهن جو سير وجهڻ مهل تڪبير پڙهن.“