نيرن مسئلو ناهي
بهرحال هتي جي ٿلهن ڳيرن، ڪبوترن کي اونهاري ۾ شاهه پنجو سلطان يا باڊهه، بوبڪ هلي ڇڏجي ته ان ئي وقت گذاري وڃن. ساڳي طرح سوڀوديرو ۽ سانڌاڻ جا پکي سياري ۾ سئيڊن پهچڻ سان جيڪر سرڳواسي ٿي وڃن.
مون جلدي جلدي چانهه جو ٻيو ڪوپ ٺاهيو ۽ رب جا شڪر بجا آندا ته اڃا وقت پيو آهي ٻيو ڪوپ به نصيب ٿي ويو. ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته خالي پيٽ تي نيرانو چانهه نه پيئجي. بلڪل صحيح چون ٿا. نه فقط اسان جي ڳوٺ هالا جي ڊاڪٽر خير محمد ۽ ڊاڪٽر يوسف جو چوڻ آهي پرهتي جا به ڊاڪٽر اهوئي چون ٿا. پر خالي پيٽ تي چانهه پيئڻ جو نشو ئي ٻيو آهي. هڪ هتي جو دوست ڊاڪٽر جيڪو بيئر گهڻو پيئندو آهي تنهن پڻ اها ڳالهه ڪئي.
”تون خالي پيٽ تي بيئر پي ماني پوءِ ڇو کائيندو آهين؟“ مون کانئس هڪ ڏينهن پڇيو.
It gives me a Kick” ائين سرور ٿو ملي. نشو ٿو ملي.“ هن چيو.
کلندي وراڻيومانس، ”اسان جهڙن مستري ۽ اديبن کي وري خالي پيٽ تي چانهه اها Kick ٿي ڏئي.“
ٻيو ڪوپ چانهه جو پي ويٺي Naval _ Architect جا انگي حساب ڪيم ته اتي علوي اڌ گابرو تيار ٿيل، ڪمري ۾ گهڙي آيو. (اڌ تيار ٿيل معنى ٻاهر نڪرڻ لاءِ ڪوٽ مٿان اوورڪوٽ، مفلر ۽ ڪوهه قاف جي ڪنهن جن جو ڇڏيل غيباتي ٽوپ پائي اڃا Snow _ man نه ٿيو هو.)
”يار هي ڇا ويٺو ڪرين؟ هلڻو ناهي ڇا؟“ هن پڇيو.
”ها. بلڪل هلبو. اڃا ته ڪلاڪ پيو آهي“ مون پڇيو.
”ته پوءِ تيار ٿي. هي موڪل واري ڏينهن يونيورسٽيءَ جو ڪم ڪرڻ جي بدسوڻي ڇو ٿو ڪرين.“
”آخر ڪرڻو ته آهي نه.“ وراڻيومانس.
”پر موڪل ته آرام لاءِ ٿي ملي. باقي يونيورسٽيءَ وارا پنج ڏينهن ڇاجي لاءِ آهن؟“ علوي پڇيو.
”اخبارن ۽ رسالن لاءِ مضمون لکڻ لاءِ.“ کلندي وراڻيومانس.
پاڻ به وڏو ٽهڪ ڏنائين: ”يونيورسٽيءَ کي تو چڱيءَ طرح سڃاتو آهي. چڱو جلدي نيرن ڪر ته پوءِ ٿورو جلدي کڻي نڪرون.“
پنج ڏهه منٽن ۾ تيار ٿيس. مون لاءِ نيرن ڪڏهن به مسئلو نه رهي آهي. گهل ڪرڻ جي همت ۽ موڊ هوندي ته آمليٽ بيضو زندهه باد ۽ اها وڏي ۾ وڏي عياشي ٿي، نه ته ٽيون ڪوپ چانهه جو ٺاهي منجهس ڊبل روٽي ٻوڙي کائيندي، چاليهه پنجيتاليهه سال گذري ويا آهن.
جلدي جلدي چانهه ٺاهي نيرن ڪيم ته ڪئپٽن سليم ۽ راحت عزيز جا به ٻاهر آواز ٻڌڻ ۾ آيا. سڀ سوڙهن جهڙن ڪوٽن، مفلر، ٽوپن ۾ شاديءَ جا ڳرا ويڙهيل هنڌ بستر لڳي رهيا هئا دريءَ جي ٻاهران لڳايل ٿرماميٽر ۾ ٽمپريچر ڏٺم چار ڊگريون ڏيکاري رهيو هو. جلدي جلدي سئيٽر مٿان سئيٽر ۽ ڪوٽ مان ڪوٽ چاڙهي آئون به انهن جهڙو هڪ ٿي ويس ۽ بس اسٽاپ ڏي هلڻ لڳاسين. رستي تي علوي ڪجهه ڳالهائڻ جي ڪئي. شايد ڪجهه پڇڻ ٿي چاهيائين پر سندس لفظ به ڄڻ وات مان نڪرڻ بعد برف ٿيو ٿي ويا ۽ ڪجهه سمجهه ۾ نه پئي آيو. سخت ٿڌ ۽ وات کولڻ سان جيڪا ٻاڦ نڪرندي آهي رڳو اهائي نظر پئي آئي. ڪو جملو سمجهه ۾ آيو به ٿي ته هر ڪنهن پڪائي ڪري جواب نٿي ڏنو. ههڙي سيءَ ۽ ٿڌي هوا ۾ گهڻو وات کولڻ معنى نمونيا جو جهٽڪو لڳڻ.