سئيڊن ۾ پهرين عيد
۽ پوءِ هڪ ڏينهن زينورين مون وٽ ڊوڙندو آيو:
”ٿوري دير لاءِ لئبرري هل.“
”ڇو خير ۾؟“ پڇيومانس.
”سعودي عرب، اردن، ٽيونيشيا جي عربن جو گرما گرم بحث پيو هلي. شايد عيد بابت.“
پهتاسين ته عربيءَ ۾ سڀ هڪ ئي وقت زور زور سان ڳالهائي رهيا هئا. رڳو اهي ٻه لفظ سمجهه ۾ آيا Latitude واحد، Longitude واحد......
زينورين کي چيم: ”بلڪل سؤ سيڪڙو عيد بابت آهي.هاڻ دعا ڪر ته هڪ ڏينهن تي ٿئي.“
ٿوري دير بعد اردني ان بحث مان نڪري اسان وٽ آيو. انگريزيءَ ۾ پڇيومانس ته خير ته آهي.
”عيد تي ڦڏو آهي. اسين سڀان عيد ڪنداسين پر ٽيونيشا وارا پرينءَ ڪرڻ ٿا چاهين. گهٽ ۾ گهٽ ساڳي ويڪرائي ڦاڪ ۽ ڊگهائي ڦاڪ وارا ملڪ ته هڪ ڏينهن تي عيد ڪن.“
”ڀلا هي شهر مالمو وارا ڪڏهن ٿا ڪن؟“ زينورين پڇيس.
”اهي پرينءَ ٿا ڪن. پر اسين اردن ۽ مصر وارا سڀاڻي صبح ساڻ فيريءَ ۾ڊئنمارڪ جي مسجد ۾ عيد نماز پڙهڻ پيا وڃون، جو ڊئنمارڪ ۾ سڀاڻي عيد آهي. سئيڊن، سعودي عرب ۽ تيونيشيا وارا ڀلي پرينءَ عيد ڪن ۽ نماز پڙهن“
اتي بنگلاديش جو ڪئپٽن امين اچي ويو جيڪو بنگلاديش شپنگ ڪارپوريشن جومئنيجر آهي ۽ هتي فائينل ييئر۾ آهي. تنهن چيو:
”هيئن ڇو نٿا ڪريو ته سڀان کڻي روزو رکو ۽ سڀ گڏجي پرينءَ عيد ڪريون.“
”ائين ڪيئن ٿيندو.“ جارڊن جي عايد خلف چيو، ”ٽيهه روزا رکڻ ته حرام آهن. مون توهان کان هڪ ڏينهن اڳ روزا رکڻ شروع ڪيا هئا.“
”ته پوءِ اهو هڪ ڏينهن اڳ وارو رمضان جو روزو ته نه ٿيو نه. اهو تو پنهنجي طرفان رکيو.“ ڪئپٽن امين سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي.
”پر مون اهو روزو رمضان جي نيت سان رکيو.“
”ته پوءِ هيئن ڪر سڀان روزو نه رک. ڀلي ماني کاءُ، باقي صبح ساڻ سيءَ ۾ فيريءَ ۾ چڙهي ٻئي ملڪ ڊئنمارڪ ۾ وڃي نماز پڙهڻ بدران پرينءَ اسان سڀني سان گڏ هتي مالمو (سئيڊن) ۾ ئي عيد نماز پڙهجانءِ.“
پر فيصلو ٿي نه سگهيو بحث هلندو رهيو. اتي آفريڪا جي ڪجهه ملڪن جا مسلمان به اچي نڪتا. منهنجي ڀر ۾ بيٺل شيدي شاگرد کان پڇيم ته هو ڪٿي جو آهي.
”آئون بينن (Benin) جو آهيان. اتي جي پورٽ جو ڪئپٽن آهيان.“
”بينن ڪٿي آهي. نائيجيريا ڀرسان؟“ مون پڪ ڪئي.
”ها، جنهن کي پهرين ”ڌومي“ سڏبو هو.“
”ڀلا ڪئپٽن صاحب عيد جو ڇاڪجي؟“
”مونکي ته سمجهه ۾ نٿو اچي. ناٽيڪل المناڪ ڪتاب ذريعي چنڊ جي بيهڪ پوري ڏينهن ته ڇا سيڪنڊن تائين ڪڍي سگهجي ٿي. پوءِ باقي بحث ڇا جو. ان حساب سان سئيڊن ۾ عيد سڀاڻي آهي.“
”نه يار. اها ڳالهه ناهي. چنڊ جو ڏسڻ (Sighting) ضروري آهي.“ اتي آيل اسان جي ڪئپٽن سليم قاسم چيو.
”پر حد ٿي ويئي. ههڙي موسم ۾ چنڊ ته ڇا سج به نظر نه اچي ٿو؟ گذريل ڇهن ڇهن ڏينهن کان برفباري هلي رهي آهي. مونکي ٻڌاءِ اهو چئي سگهندين سج ڪٿان اڀري ڪٿي لهي ٿو.“ ڪئپٽن امين چيو.
السڪندريه (مصر) اڪيڊمي جي ليڪچرار ڪئپٽن حنفيءَ فتوى ڏني: ”نه. چنڊ جو ڏسڻ ضروري آهي. هيليڪاپٽر ذريعي ڪڪرن کان مٿي چڙهي وڃي ڏسي سگهجي ٿو.“
ڪئپٽن امين مون کي ڇڪي چيو: ”هل ته هلون. شام تائين فيصلو ٿي ويندو. اجايو بحث ڪرڻ مان سڀني کي مزو اچي ٿو. ائين ته پوءِ ڀلا سال ۾ هڪ رات اهڙي نه اچي ٿي جنهن ۾ ٻه دفعا چنڊ نظر اچي ٿو.“
”واقعي؟“ مون انجنيئر لاءِ اِها ڳالهه نئين هئي.
”ها. واقعي. مون کي امتحان ۾ اهو سوال آيو هو، دراصل چنڊ وارو سال سج واري سال کان ننڍو آهي. ۽ سال ۾ هڪ ڏينهن تي مثال طور: 0004 Hours تي چنڊ اڀري ٿو ته ان ئي ڏينهن 2330 ڪلاڪن ڌاري ٻيو دفعو چنڊ اڀري ٿو.“
زينورين موڪلائڻ مهل عيد جي دعوت ڏني: ”عيد واري ڏينهن شام جو اسان جي گهر ماني اچي کائجو.“
”انشاءَ الله.“ مون وراڻيومانس.
”تنهن جي معنى تون نه ايندين.“ زينورين چيو ۽ اتي بيٺل سعودي عرب جي شاگرد ڪئپٽن جباريءَ چيو: ”نه. انشاءَ الله جي معنى اها ناهي، انشاءَ الله جو مطلب آهي ته جيڪڏهن الله چاهيو ته.“
”اسين سمجهون ٿا. پر اسان توهان سعودي عرب جي پورٽ اٿارٽي وارن جو نقل پيا ڪريون. جن کي جڏهن ويزا لاءِ چئبو آهي ته نه نه پيا ڪندا آهن. پوءِ زور ڀرڻ تي چوندا: اوڪي انشاءَ الله سڀاڻي ڏينداسين. سندن ان انشاءَ الله مان مطلب ٻئي ڏينهن ويزا ڏيڻ جو نه، پر اهو هوندو آهي ته هينئر ٽرو. مٿو نه کائو. سڀاڻي ڏٺو ويندو.“
جباري کلڻ لڳو، ”ڇو ڀلا سعودي عرب جي پوليس ۽ آفيسر اهڙا آهن ڇا؟“
”اهڙا تهڙا!“ ڪئپٽن سليم قاسم چيو، ”انگريزن ۽ گورن سان سو سڌا آهيو، باقي اسان جهڙن پاڪستاني، بنگلاديشي، هندستاني مسلمانن کي ته اهي ڏٽا ٿا ڏيو جو ماٺ ڀلي آهي.“