ڪراچيءَ کان ڪوپن هيگن تائين
انهن مڙني پريشانين کان بچڻ لاءِ بهتر آهي ته اڏام کان اڳ هر هڪ مسافر جي چڱيءَ طرح چڪاس ورتي وڃي.اليڪٽرانڪ ۽ ايڪسري ذريعي سامان ۽ مسافرن جي چيڪنگ، پاسپورٽ ويزا جي جانچ جونچ ۽ ماهر نفسيات ذريعي هر مسافر جي منهن جي پني جي تپاس، ته خوف، اميد، خوشي، بيخيالي ۽ سوچ جا جذبا ڪنهن ڳجهي راز ڏي ته اشارو نٿاڪن. هونءَ ته رڳو اليڪٽرانڪ Scanner (جانچ واري در مان لنگهڻ) ئي ڪافي سمجهيو ويو ٿي. جو ان مان پستول، خنجريا ڪالوهه واري شيءَ جي موجودگيءَ جي خبر پيئي ٿي. پر اغوا جا ڪيترائي اهڙا ڪيس ٿيا آهن جن ۾ دهشت پکيڙيندڙن ڪاٺ جا ڪاري رنگ جا پستول ۽ بم ڏيکاري جهاز کي اغوا ڪيو آهي. ان ڪري هاڻ مسافرن جي جسم کي هٿن سان پڻ چڱيءَ طرح ڦولهيو وڃي ٿو. مردن جي مرد چڪاس ڪن ٿا ۽ بند ڪمري يا تنبو نما ڪوٺيءَ ۾ ”پوليس عورتون“ مسافر عورتن جي چڪاس ڪن ٿيون.
۽ اها چڪاس فقط اسان وٽ ڪراچيءَ ۾ نه آهي. جتي ڪٿي آهي.ڪوپن هيگن ايئرپورٽ تي لهڻ وقت به سڀني مسافرن جي ڪلاڪ کن هٿن سان چيڪنگ هلندي رهي. مون سمجهيو ته شايد اسان پاڪستاني، بنگلاديشي، انڊين ۽ غريب ايشيائي آفريڪي ملڪن جي مسافرن جي چيڪنگ هلي رهي آهي جيڪي هر وقت اهڙي مصيبت جو نشانو هوندا آهن پر يورپين جي به ايتري ئي سختيءَ سان چڪاس هلي رهي هئي. ٿلهي ڪپڙي جا ٽي چار پارٽيشن ٺهيل هئا جن ۾ بيٺل پوليس جي عملي هڪ هڪ مرد توڙي عورت کي اندر سڏي مٿي کان وٺي پيرن تائين هٿ گهمائي ڏٺو ٿي ته ڪو هٿيار يا اوزار لڪل ته نه آهي. چرس يا گانجي جي ڪا پڙي ڪٿي لڪل ته نه آهي. تيسين ٻيا ٻاهر قطار ۾ بيٺا رهيا. پارٽيشن وارو ڪپڙو زمين کان ڏيڍ فوٽ مٿي هو. ان ڪري اندر بيٺل مسافرن جون مرين تائين ٽنگون نظر اچي رهيون هيون. ڪيترن مردن توڙي عورتن جا ڪپڙا پڻ لهرايائون ٿي. منهنجي به اڳيان پويان، ڪڇن هيٺان، ٽنگن جي وچ ۾ ٽنگن جي چوڌاري هٿ گهمائي چڪاس وٺي اوڪي ( O.K) چوڻ بدران ڊئنمارڪ جي ڊئنش پوليس واري پتلون لاهڻ لاءِ چيو. بيلٽ کولي پتلون لاهڻ وقت سوچڻ لڳس ته هن کي خبر ناهي ڪهڙي ڳالهه شڪ ۾ وڌو آهي. ظاهر ته هن سان منهنجي نه ته ڪا پراڻي دشمني آهي ۽ نه وري ڪنهن پاڙي جي ڏاڍي مڙس بدلو وٺڻ لاءِ هن پوليس واري کي رشوت ڏئي مونکي ذليل ڪرائڻ جو پروگرام رٿيو آهي. پر پوءِ پتلون لاهڻ تي چيلهه جي چوڌاري ٻڌل ويڪري پٽي تي نظر پئي جيڪو پٺيءَ جي ڪنڊي ۾ ڌڪ لڳڻ ڪري سرجن علي محمد انصاريءَ ڪجهه ڏينهن اڳ ٻڌڻ لاءِ ڏنو هو _ جيئن اهو ويڪرو پٽو پٺيءَ جي ڪنڊي جي هڏين ((Vertebrate کي مهيني کن لاءِ گهڻي چرپر کان بچائي. ان رٻڙ جي ڇهه انچ کن ويڪري پٽي جي وچ واري حصي تي ڪنهن ڌاتوءَ جون چار کن ڊگهيون پٽيون پڻ لڳل هيون. منهنجي چڪاس ڪندي انهن لوهي پٽين تي هٿ لڳڻ سان هي پوليس وارو همراهه شڪيو هو.
”بيلٽ آهي“ مون پتلون لاهي، ان پٽي ڏي اشارو ڪري پوليس واري کي ٻڌايو. ڊئنش پوليس واري ساعت کن لاءِ مون کي غور سان ڏسي شايد منهنجي شڪل پڙهي اندازو لڳائڻ چاهيو ٿي ته شريف ماڻهو آهيان يا ڦڏي باز. پرلڳو ته هو ڪا راءِ قائم ڪري نه سگهيو ۽ مونکي ان پٽي لاهڻ لاءِ چيو.
”آئون ڏسڻ ٿو چاهيان“ _ پوليس واري چيو.
”اوڪي ڀلي.“ هائوڪار سان گڏ بيلٽ لاهي سندس حوالي ڪيم.
هن ان قسم جا ڪيترائي بيلٽ ڏٺا هوندا. يورپ ۾ ته اها هڪ عام ڳالهه آهي. مون پنهنجن ڪيترن ئي جهازي ساٿين کي ڏٺا آهن جيڪي جهاز جي انجڻ روم ۾ يا لوهي ڊيڪ تي هاريل تيل مٿان يا وري سرد ملڪن ۾ رستي تي ڄميل برف مٿان ترڪي پيا هوندا ۽ ڪرنگهي ۾ ڌڪ لڳڻ ڪري ڊاڪٽرن کين اهڙو ويڪرو پٽو ڪجهه عرصي لاءِ ٻڌڻ جي صلاح ڏني هوندي. پر اهي سڀ پٽا ٿلهي بافتي جهڙي ٽاٽ جي ڪپڙي جا هوندا آهن. جن جي چوڌاري ڪنڊا (Hooks) هوندا آهن جن کي ٻڌڻ، کولڻ يا ماني کائڻ وقت ڍرو ڪرڻ وڏي گهل جو ڪم هوندو آهي. پر مونکي ٻڌل هي بيلٽ انهن مڙني يورپين، برٽش، آمريڪن ۽ جپاني ميڊ پٽن کان نرالو هو، ان ڪري هي پوليس وارو ان کي غور سان ڏسڻ لڳو.
اسان واري آرٿروپيڊڪ سرجن علي محمد انصاريءَ جي هيءَ پنهنجي ايجاد ۽ هوم ميڊ شيءِ آهي جنهن ۾ هن ڪڙن ڪنڍن بدران پلاسٽڪ جي Stickers جو استعال ڪيو آهي. جيڪي رٻڙ جي بوٽن تي ڪهين بدران پڻ لڳل هوندا آهن ۽ ورائڻ سان ٻئي پاسي چهٽي وينداآهن. ڊئنمارڪ جو هي پوليس وارو ڪجهه دير پٽي جي وچ ۾ لڳل ڪپ جهڙين سخت سنهين لوهي پٽين کي هٿ سان ڇهي ڏسندو رهيو. پر پوءِ جڏهن پڪ ٿيس ته اهي بي خطر آهن ته مونکي روانو ٿيڻ لاءِ اوڪي چيو.