سمنڊ ۾ ٻُڏي مرڻ پوءِ جي ڳالهه آهي
عابدا پروين سٺي ڳائڻي آهي. تمام سٺي اڙدو، سنڌي، سرائڪي ۽ شايد پنجابيءَ جابه گانا، راڳ، گيت، ڪافيون، ڏوهيڙا تمام سٺي نموني ڳايا اٿس. پر ضروري ناهي ته ڪنهن ڳائڻي جو هرهڪ گانو Hit هجي. هن پي آءِ اي واري ڪئسيٽ ۾ ٻين ڳائڻن سان گڏ سندس چونڊيل ڊگهو راڳ به اهڙو ئي مٿي جو سور آهي ۽ بقول اسان جي چرچائي دوست اقبال ترڪ جي، عابده پروين جهڙي راڳ جي راڻيءَ کان بهتر آهي ته ڪنهن راڳ جي ڀنگياڻيءَ جو گانو ڏجي پر ڪو سريلو ته ڏجي.
بهرحال اهي ته ٿيا زبان جي ڄاڻن ۽ نيم ڪلاسيڪي ۽ ميوزڪ کي پسند ڪرڻ وارن جا حال خيال. هاڻ جڏهن وري هن ڪراچي کان ڪوپن هيگن فلائيٽ ۾ پي آءِ اي وارن اها ڪئسيٽ هلائي ته مون کان رهيو نه ٿيو. ۽ اٿي بيهي چوڌاري نهارڪيم ته عابده پروين پٿل ماري جيڪو انءِ انءِ انءِ ڪري پلٽي هڻي رهي آهي اهي ڪنهن لاءِ. سڄي جهاز ۾ ڪئپٽن سليم قاسم ۽ منهنجي علاوه ڪو ٻيو پاڪستاني ئي ڪونه هو. اسان کان سواءِ باقي ويٺل ٻه سؤ کن مسافر وچ يورپ جا هئا. يا نارڊڪ ملڪن: ناروي، ڊئنمارڪ، سئيڊن وغيره جا هئا. ”۽ جڏهن اسان ئي بور ٿي رهيا آهيون ته هنن يورپي مسافرن جو ڇا حشر هوند.“ مون دل ئي دل ۾ سوچيو.
دراصل اهي ئي ڳالهيون آهن جن ۾ انڊيا پاڪستان کان زور ٿيو وڃي. ان جاءِ تي انڊيا وارن جو هوائي جهاز هجي ها ۽ هو پنهنجي ملڪ جا ڳائڻا آڻين ها ته ڪي اهڙا راڳ چونڊين ها جن جا ساز ۽ آواز مغربي طرز جا هجن ها ۽ ڳائڻا / ڳائڻيون پٿل ماري اجرڪ ويڙهي ڳائڻ بدران انهن جون نوجوان ۽ سهڻيون ڇوڪريون اڌ او گهڙ ۾ يا جهرڪندڙ وڳن ۾ ڊانس ڪندي ڳائين ها. جهاز ۾ ويٺل سڀ مسافر مرد توڙي عورتون، ايشيائي توڙي يورپي ويندي ملان مولوي سڀ ڪجهه ڇڏي پنهنجيون اکيون ۽ ڪن ٽي ويءَ حوالي ڪن ها. پر هاڻ رڳو منهنجي اڳيان ويٺل هڪ پوڙهو نارويجين همراهه عابده پروين کي تعجب سان ڏسندو رهيو.
تعجب جي اها ڳالهه آهي ته هونءَ اسان وٽ ويندي چمڀڙ، تلهار، ٻٻرلوءِ، ڇاڇري، مٺي، ڏيپلي جهڙن ڳوٺن ۾ به انڊين ۽ انگريزي اڌ اگهاڙين فلمن جا ڪئسيٽ عام جام پيا هلن پر هتي پي آءِ اي وارن کي هروڀرو مسافرن جي هئي دل کٽي ڪرڻي يا شايد اهو ٿيو ڏيک ڏيڻو ته اسان جو ملڪ مسلمانن جو ملڪ آهي جنهن ۾ ناچ نچڪي ۽ جهمر جهمڪي تي بندش آهي. يا ته شايد يورپين کي مسلمان بنائڻ جي نيت سان عابده پروين کي مولوي بنائي ويهاري ويو هو. اسين پاڪستاني خبر ناهي ڪڏهن حقيقت پسند ٿينداسين.
سلمى آغا جڏهن اڃا جهازن جي مالڪ سپيرا صاحب جي مڱيندي هئي ته هڪ دفعو ڪراچي جي ٽي وي بابت شڪايت ڪندي چيائين:
”جنهن نموني سان هو چاهين ٿا، ائين ڳائڻ سان ماڻهو نه اسان فنڪارن کي ڏسڻ پسند ڪندا ۽ نه ٻڌڻ.“
ظاهر آهي ته اها ٽي وي جنهن تان ويندي اکين جا اشارا ڪري ڳائڻ تي به اعتراض ورتو وڃي ته پوءِ اهڙي پابند نموني ڳائڻ سان هڪ چڱي خاصي سهڻي ڳائڻي به مٿي جو سور بنجيو پوي ۽ ٽي وي ڏسندڙ ان جي سئچ ايجاد ڪندڙ کي دعائون ڏين ٿا جنهن کي دٻائڻ سان ٽي ويءَ کان نجات مليو وڃي.
راڳن جي انهيءَ سڄي ڪئسٽ ۾ بهرحال ڪا سٺي شيءِ هئي ته اها مسرت نذير هئي _ سندس گانو توڙي ڳائڻ جو اسٽائيل! پيريءَ ۾ هيءَ چڱا رنگ ڪڍي رهي آهي. سندس گانو خبر ناهي ٻين کي وڻيو يا نه. پر مون کي وڻيو ۽ تمام گهڻو وڻيو. سندس گاني جا ٻول اڃا تائين دماغ ۾ ٻُري رهيا آهن:
چلي تو کٽ هي جائي گا سفر_ آهسته آهسته،
هم اسکي پاس جاتي تهي مگر_ آهسته آهسته،
ابهي تارون سي کهيلو چاند کي کرنون سي اتلاؤ،
ملي گي اسکي چهري کي سحر_ آهسته آهسته
ان گاني جي چونڊ ۽ پيش ڪرڻ لاءِ PIA کي Credit ڏيڻ ضروري سمجهان ٿو. پي آءِ اي وارا مڙيئي ڪو هڪ اڌ اهڙو ثواب جو ڪم ڪريو ڇڏين. جو ان ۾ سندن باقي ڏوهه گناهه ڌوپجو وڃن. PIA وارن جي هڪ ٻي به سٺي ڳالهه جيڪا شايد ٻي ڪا ايئر لائين نه به ڪندي هجي. اها هيءَ ته مسافرن جي دلچسپيءَ لاءِ رکي رکي ٽي ويءَ جي اسڪرين تي جهاز جي پوزيشن (ته ڪهڙي ملڪ مٿان اڏامي رهيو آهي) رفتار، بلندي ۽ ٻاهر جي ٽيمپريچر جا انگ اکر پڻ ڏنائون ٿي. هوائي جهاز کان ٻاهر جي ٽيمپريچر (ٿڌ) جو سوچي عجيب لڳو ٿي. ڪاٽو چاليهه پنجيتاليهه ڊگريون سردي! ڇا ته ٿڌ هوندي ٻاهر. ڪاٽو چار (-4O0C) تائين ته پاڻي به برف ٿي وڃي ۽ ايڏي گهڻي ٿڌ ۾ ته هوا ۾ موجود ڪاربن گئس به پاڻيٺ يا برف جي شڪل ۾ هوندي. ايڏي اتاهينءَ تي جهاز ڦاٽڻ تي مسافر ٿڌ وگهي ئي مري وڃي. زمين تي اچي ڦهڪو ڪرڻ يا سمنڊ ۾ڪري ٻڏي مرڻ ته ٿيون پوءِ جون ڳالهيون. هوائي جهاز ۾ سفر ڪرڻ وقت اهوئي سوچيندو آهيان ته هيڏي وڏي آفت کي هيڏو مٿي وٺي وڃي اندر جو ٽيمپريچر ۽ پريشر اهوئي برقرار رکڻ (جنهن ۾ ماڻهو ڄڻ ته زمين تي گهر ۾ پيو هلي)، ايئرو ڊائنامڪس ۽ Aviation جو ڪمال آهي. ۽ ان بلنديءَ تي بور ٿيندڙ مسافرن کي وڌيڪ بور ڪرڻ لاءِ عابده پروين کان ويهي پلٽا هڻائڻ اهو PTV ۽ PIA جو ڪمال آهي.