سمهڻ کپي يا صفائي
هاسٽل جي هر ماڙ تي ٽيهه کن ڪمرا آهن. يعني ڪل پوڻا ٻه سؤ کن ڪمرا آهن.هن هاسٽل جا ڪمرا اهو سوچي ٺهرايا ويا هئا ته هنن ۾ شاگرد نه فقط اڪيلو آرام سان رهي سگهن پر هو چاهين ته زال سان گڏ به رهي سگهن.”ڇو جو W.M.U يونيورسٽيءَ لاءِ اسان ويهه ٻاويهه سالن جا ڇوڪرا ته نه گهرائي رهيا آهيون.“ هاسٽل جي مئنيجر ٻڌايو، ”اسان جا اهي شاگرد آهن جيڪي پنهنجي پنهنجي ملڪ ۾ اهم پوسٽ تي پهتل آهن ۽ سڀ ٽيهه پنجٽيهه سالن کان مٿي آهن.“
هاسٽل جي ڪمري ۾ گهڙڻ سان پهرين هڪ ننڍڙو ڪمرو اچي ٿو، جنهن ۾ ڊريسنگ ٽيبل، ڪپڙا سامان ۽ بئگون رکڻ لاءِ ٽي ڊگها ڪٻٽ ۽ ٽي انهن جي مٿان ننڍا ڪٻٽ رکيل آهن جيڪي ڇت سان وڃيو ملن. ان ئي ڪمري ۾ ڇٽي Umbrella، ٽوپي، رين ڪوٽ، اوور ڪوٽ، مفلر وغيره ٽنگڻ لاءِ به لوهي تختا۽ چار کن ٽنگڻيون آهن. ڇو جو هنن ملڪن ۾ جتي هر وقت برفباري ۽ مينهن پوي ٿو اتي هر هڪ مهمان اهي شيون پاڻ سان کڻي اچي ٿو ۽ هر هڪ گهر ۾ پيل ڇٽي ۽ رين ڪوٽ رکڻ لاءِ در وٽ ئي بندوبست هوندو آهي. جيئن نڪرڻ وقت آيل مهمان يا گهر جو مالڪ چاٻيون ۽ بارش ۽ سيءَ کان بچڻ لاءِ مفلر ڪوٽ ڇٽي ياد ڪري کڻي نڪري.ان بعد ان ڪمري کي ٻه در آهن، هڪ باٿ روم ڏي کلي ٿو ۽ باٿ روم ۾ هر وقت گرم ۽ ٿڌي پاڻيءَ جا نلڪا، ٽب، ڪٻٽ هر شيءِ بين الاقوامي معيار جي اوچي ۽ مضبوط ٺاهي اٿن. جن ۾ 1983ع کان اسان جي ملڪ جا بشير وسطڙو، نذر سجاد، بدرمنير جهڙا ڳراڳرا همراهه ته ڇا پر ڇهه ست آمريڪن رهي ويا آهن پر اڃا تائين ڪا شيءَ ڀڳي ٽٽي يا خراب نه ٿي آهي.
ٻيو دروازو بيڊ روم ڏي کلي ٿو جنهن ۾ سمهڻ لاءِ پلنگ، بستر، لکڻ پڙهڻ لاءِ Oak Wood جهڙي ڪاٺ جي ٽيبل ۽ ڪرسيون، هڪ پنهنجي ۽ مهمانن جي ويهڻ لاءِ صوفا سيٽ ۽ ڪتاب ۽ ٻيو سامان رکڻ لاءِ ٻه ڪٻٽ، هڪ ٽيبل لئمپ ۽ هڪ اسٽئنڊ لئمپ ۽ ڇت ۾ شئنڊليئر جهڙو بلبي ڇٽ آهي. گرمي ته هنن ملڪن ۾ ٿئي ڪانه سو ڇت ۾ نه پکو ٿئي نه پکي لڳائڻ جو ڪُنڊو.
رڌ پچاءُ لاءِ هڪ ڪٻٽ وانگر رڌڻو آهي جنهن جا چار طاق کولڻ سان قطار ۾ سامهون ٿانون ڌوئڻ جي ڪونڊي، چلهو، ريفريجريٽر ۽ ٿانون رکڻ لاءِ هڪ ڪٻٽ آهي. اهڙيءَ طرح انهن جي مٿان وڌيڪ ٿانوَ ۽ سيڌو رکڻ لاءِ ٻه ڪٻٽ آهن. ڪمري جون چادرون، ٽوال، وهاڻي جون ڇهون ۽ اگهڻ جا ڪپڙا وغيره هر سومر ڏينهن تي ۽ ڪمري جي صفائي هر اربع ڏينهن تي ٿئي.هاسٽل جي ڪمرن توڙي يونيورسٽي جي صفائيءَ جوڪم هتي جون مڪاني (سئيڊن) عورتون ڪن. جن وٽ Master_Key هر تالي کي لڳندڙ چاٻي آهي ۽ اسان يونيورسٽي هوندا آهيون ته پٺيان در کولي صفائي ڪري وڃن. سندن غلط سلط انگريزيءَ جا ڪيترائي چرچا مشهور آهن. ان ڏينهن نڪراگئا (وچ آمريڪا جي ملڪ) جو هاربر ماسٽر گونزالي چاق نه هو، سو يونيورسٽي نه آيو. پاڻ ٻڌايائين ته ڪمرو صاف ڪرڻ واري عورت بالٽي ٻهارو کڻي اچي اڳيان بيهي رهي. سئيڊش زبان ۾ ڪجهه چوندي رهي. سندس مطلب هو ته اٿ ته بسترو ۽ ڪمرو صحيح ڪريان.
انگريزيءَ ۾ وراڻيومانس“ ”هاڻ ٻئي هفتي اچي صفائي ڪجانءِ. بخار ڪري جسم ٿو ڀڄي ڀري. اٿي بنهه نٿو سگهان.“
پر هن کي شايد سمجهه ۾ نه آيو. ۽ پڪ ڪرڻ لاءِ هن اهو معلوم ڪرڻ ٿي چاهيو ته آيا آئون سمهڻ ٿو چاهيان ته هوءَ صفائي نه ڪري ۽ موٽي وڃي. اهو هوءَ پنهنجي زبان ۾ چوندي رهي (جيڪو بعد ۾ هاسٽل جي مئنيجر ٻڌايو) پر جيئن ته مونکي سندس زبان سمجهه ۾ نه پئي آئي، سو مونکي سمجهائڻ لاءِ هن پنهنجي طرفان ڪوشش ڪري انگريزيءَ ۾ ڪجهه هن ريت چيو:
“Should we sleep or should we clean.”
پاڻ کي سمهڻ کپي يا صفائي ڪرڻ کپي.
مٿيون لطيفو پوءِ هاسٽل جي مئنيجر کي ٻڌايوسين. صفائي واري مارگريٽ به اتي بيٺي هئي ۽ سڀني چڱو تنگ ڪيس ته اهڙا انگريزي ڊائلاگ ڳالهائيندينءَ ته اسان کي روز بيمار ڏسندينءَ.