حسين حبشڻ _ گهانا جي ايلس
صبح جو منهنجي سوير ئي اک کلي. سٿڻ ۾ اڳٺ وجهي پوءِ دريءَ جي ٿوري سير کولي ٻاهر جي موسم جو اندازو لڳايم ته اهڙي سيءَ ۾ سٿڻ هلي نه سگهندي. سوساٽ ڪندي ٿڌي هوا جسم کي هڪدم ائين ٺاري ڇڏيو ڄڻ ايئر ڪنڊيشن سسٽم جي Freon گئس جو سلينڊر ليڪ ٿي ويو هجي. يڪدم دري بند ڪري هيٺان لانگ جان گرم گنجي ۽ پاجامو پائي مٿان قميص ۽ پتلون پاتم. تنهن مٿان ڊگهين ٻانهن وارو گرم سئيٽر پائي پوءِ ڪوٽ چاڙهيم. اوور ڪوٽ، هٿ جا جوراب، ڪنن سوڌو مٿي ڍڪڻ جي ٽوپي ۽ مفلر ڪڍي ڪرسيءَ تي رکيم ته ڪمري مان نڪرڻ مهل اهي چاڙهي نڪرندس. واچ ۾ وقت ڏٺم. اڃا ڇهه ٿيا هئا. صبح اڃا نه ٿيو هو. جيتوڻيڪ راتيون ننڍيون ۽ ڏينهن وڏا شروع ٿي ويا هئا ۽ سج ڪافي جلد اڀرڻ لڳو هو ۽ شام جو ستين بجي لٿو ٿي. جون جولاءِ ڌاري هيڪاندو وڏو ڏينهن ٿيو وڃي. اٽڪل سورهن سترهن ڪلاڪن جو ۽ اڃا مٿي اسٽاڪهوم ۽ Isundsval شهر۾ ته اونهاري ۾ ڏينهن ويهه ٻاويهه ڪلاڪن جو ٿيو وڃي ۽ رات ٻن ڪلاڪن جي ۽ بلڪل اتر سئيڊن ۾ جيڪو حصو Lappland ۽ Norr Botten سڏجي ٿو اتي ڪجهه ڏينهن لاءِ ته رات ٿئي ئي ڪانه. ڏينهن ئي ڏينهن هوندو آهي.اهڙي طرح وري سياري ۾ اتي راتيون ايڏيون وڏيون ٿين جو چوويهه ئي ڪلاڪ رات هوندي آهي. ڪنهن گهڙي کن لاءِ سج جي هلڪي روشني نظر اچي گم ٿي ويندي آهي.يعني سج نڪري ان ئي وقت غروب به ٿي ويندو آهي.اهڙن پٽن جو احوال هڪ پراڻي ڪتاب ”ارائونڊ دي ورلڊ“ ۾ به لکي چڪو آهيان. جڏهن اسين رمضان جي مهيني ۾ ناروي جي اتراهين شهرٽرنڊام ۾ هئاسين جتي ٻاويهه ڪلاڪن جو روزو ٿيو ٿي ۽ رات ٻن ڪلاڪن جي.
مسعود ۽ ممنون کي پوري ساڍي ستين اسان کي وٺڻ لاءِ اچڻو هو. ساڍين ستين ۾ اڃا چڱو وقت هو. هيٽر آن ڪري چانهه ٺاهڻ لاءِ پاڻي ۽ کير ملائي گرم ڪرڻ لاءِ رکيم. رستي تي لڳل بلبن جي روشني ۽ صبح ٿيڻ جي هلڪي سوجهري ۾ چوڌاري رستا، ميدان، ڪارن جون ڇتيون ۽ وڻن جي ٽارين جا مٿيان حصا سنهي ٻوري جهڙي برف سان ڍڪيا اڇا ٿيا پيا هئا، ڄڻ ڪنهن اٽي يا پائوڊر جي ڇڻڪار ڪئي هجي. رات سمهڻ بعد ڪا برف باري شروع ٿي هئي ۽ اڃا تائين هلڪي هلڪي هلي رهي هئي. ڪپهه جي ذرڙن جهڙا اڇا ۽ کنڊ مان ٺهيل پشم جهڙا هلڪا برف جا ذرڙا هوا تي ترندا هيٺ ڪِري رهيا هئا ۽ برف جي اڳهين وڇيل چادر مٿان نئون تهه ٺاهي رهيا هئا. برف جي نه ڳرڻ جو اهو ئي مطلب ٿيو ته ٽيمپريچر ڪاٽو (Minus) چئين ڊگرين کان گهٽ آهي. پر هنن ملڪن ۾ رهندڙن کي اهو تجربو هوندو ته ڪاٽو چار ٽيمپريچر جنهن ۾ پاڻي برف ٿيو وڃي، يا ان کان به گهڻي ٿڌ ايتري ڏکوئيندڙ ناهي جيتري ٿڌي هوا. اهوئي سبب آهي جو ڪيترا جيت جڙا ۽ ويندي بدڪون ڏيڏر ٿڌي هوا لڳڻ وقت ڍنڍن ۽ تالابن ۾ ڄميل برف پويان يا ان هيٺان وڃي لڪندا آهن. سائنس هنن جي پڙهيل ڪانهي. پر ايترو سمجهن ٿا ته ڪيتري به ٿڌ وڌي وڃي پر برف اوتري ئي ٿڌي رهندي (يعني زيرو ڊگريءَ کان وڌ ۾ وڌ ڪاٽو چئن ڊگرين تائين.) ان ڪري ڪاٽو ڏهه يا ڪاٽو پندرهن ڊگريون ٿڌي هوا ۾ پارو ٿيڻ بدران برف ۾ بچاءَ وٺجي جيڪا ان هوا کان تمام گهڻو گهڻو گرم ٿي. اهڙيءَ طرح گهڻي سيءَ ۾ هٿ ۾ برف جو ٻورو کڻڻ ۾ هٿ ايترا ٿڌا نٿا ٿين جيترو ٿڌي هوا لڳڻ سان. ان ڪري ههڙن ملڪن ۾ اڪثر ٻاران ٻوري جهڙي برف جا گولا ٺاهي راند کيڏندي نظر اچن ٿا.
چانهه ٺاهي ٽيبل تي کڻي آيس ۽ پيئڻ سان گڏ يونيورسٽيءَ طرفان موڪل ڪرڻ لاءِ Assignment: ”ايڪنامڪس آف چارٽرنگ“ ڏسڻ لڳس. اڃا ڏهه پندرهن منٽ مس گذريا ته در تي ٺڪ ٺڪ ٿي.
”ابا ڪير؟“
”ڪئپٽن سليم قاسم آهيان. اٿو اٿو. ساڍي ستين بجي پوري هلڻو آهي.“
”اڃا ته ڪافي دير آهي.“ مون دروازو کولي کيس چيو.
”تون تيار به ٿي وئين. هي علوي ۽ ڪئپٽن عاشق وارا اڃا ستا پيا هئا. کين مون اچي اٿاريو آهي. نه ته اتي ئي رهجي وڃن ها.“
سامهون گهانا جي مائي ايلس جاگر جوتن ۾ سامهون اچي رهي هئي.
”آفريڪا جي هيءَ حسينا جاگنگ ڪرڻ وئي هئي ڇا؟“ مون ڪئپٽن سليم کي چيو ۽ پوءِ کيس مخاطب ٿي پڇيو: “From where are you coming?” ۽ ان ئي وقت پاڻ به اسان کان ساڳيو سوال ڪيائين:
“And where are you going?”
”اسان مسلمانن جو روزن جو مهينو ختم ٿيو آهي سو اڄ Celeberations اٿئون. صبح ساڻ مسجد ۾ گڏجاڻي ڪندا آهيون ۽ عبادت پڻ.“ مون کيس ٻڌايو ۽ پاڻ ٻڌائين ته هوءَ روز صبح جو اڌ ڪلاڪ لاءِ جاگنگ ڪندي آهي. چاهي عام ڏينهن هجن يا موڪل جا.
”سٺي ڳالهه آهي.“ احمد ڪمال علويءَ کيس چيو ۽ پوءِ اسان کي مخاطب ٿي چيو: ”يورپ آمريڪا توڙي آفريڪاجا، مرد توڙي عورتون سڀ سڌرندا وڃن. نٿا سڌرون ته پاڻ. رڳو کائڻ تي ۽ ٿلهو ٿيڻ تي زور اٿئون. سڄو ڏينهن ستا پيا هونداسين يا ٽي وي اڳيان ويهي ڦيڦا پيا ٿينداسين ۽ پاڪستاني زالون ته مردن کان به وڌيڪ ڳريون متاريون ٿينديون وڃن. هر هڪ کي ملڪ ترنم نورجهان ٿيڻ جو شوق آهي.“
”نه. هاڻ اهي به انڊين فلمون ڏسي سڌرنديون وڃن. پهرين رڳو صبيحا، نيلو، سنگيتا، انجمن آرا جهڙين کي ڏٺو هئائون.“ مون درستي ڪئي مانس.
اسان کي ورانڊي ۾ اڃا ڳالهائيندو ٻڌي ايلس در کوليو:
”ڀلا سومر ڏينهن Economics of Chartering جو ٽيسٽ ته نه آهي.“ هن پڇيو.
”ٽيسٽ آهي پر تنهنجي ڀرسان ويهڻ کان توبهه ڪئيسين.“ ڪئپٽن سليم قاسم چيو ۽ اسان ٽئي ايلس سميت ٽهڪ ڏيڻ لڳاسين. احمد ڪمال علويءَ پڇيو: ”خير ته آهي؟“
”يار ڪالهه هن حبشي حسينه ۽ الطاف اسان کي ماڳهين مارايو ٿي. پر بچي وياسين. نه ته انگريزيءَ جي امتحان ۾ سڀ فيل ٿيون ها.“ ڪئپٽن سليم ٻڌايو.
”ڪيئن ڪيئن؟“ ڪمال علويءَ تجسس مان پڇيو.
”ٽيون ڏينهن ڪمبائنڊ ليڪچر ۾ هيءَ اسان جي اڳيان ويٺي هئي ته هڪ ائنگولا جو شاگرد ذري ذري هن وٽ انگريزي سکڻ پئي آيو (ائنگولا، موزمبق ۽ ڪيپ وردي ٻيٽ تي پورچو گالين جو قبضو هو ان ڪري اتي جا ماڻهو پنهنجي آفريڪي ۽ قبيلي جي ٻوليءَ کان علاوه پورچوگال ڳالهائين ٿا.) انهن کي انگريزي صفا گهٽ اچي ٿي ۽ جيتوڻيڪ اهڙن شاگردن لاءِ يونيورسٽيءَ ٽن مهينن جو اڳواٽ انگريزي سکڻ جو ڪورس شروع ڪيو آهي پر اڃا به ڪيترن کي انگريزي سٺي طرح نٿي اچي. ان ڪري ريڪٽر سڀني لاءِ ا نگريزيءَ جو ڪالهه ٽيسٽ رکيو هو ته جيئن ڪمزور شاگرد سيمسٽر جي موڪل ۾ ڪيڏانهن وڃڻ بدران انگريزي سکن.
”سو بهرحال منجهند کان پوءِ پيرڊ ۾ هن سال جي سڀني شاگردن کي ٽيسٽ لاءِ ويهاريو ويو. حسن بڪال چيو ته انگريزيءَ جهڙي ٽيسٽ ۾ ڪنهن سياڻي سان وهجي، باقي هنن عربن سڳورن ۽ ويٽنامي ۽ مائوزي تنگ جي چيني همراهن کان بلڪل پاسو ڪجي. پر سوال آهي ته ڪهڙي قابل انگريزدان ڀرسان وهجي. پوءِ پاڻ ئي چيو، ”تو واري پاڙيسري حسين حبشڻ ان ڳالهه لاءِ بهتر رهندي.“ مون به سهڻي صلاح سمجهي، جو هڪ ڏينهن اڳ کيس انگريزي پڙهائيندي ڏٺو هو. سو يڪدم کيس سڏ ڪري چيومانس، ”تون انگريزيءَ ۾ هوشيار آهين. هيڏانهن خالي ڪرسين تي اچي ويهه ته تنهنجي ڀرسان اسان ويهون.“ پاڻ ڏاڍو خوش ٿيو ۽ ويتر ڊاڙون هڻڻ لڳي ته هن قسم جا بي بي سي جا ٽيسٽ هن ڪيترائي ڏنا آهن. ۽ پوءِ جڏهن ٽيسٽ شروع ٿيو ته اهو ماڳهين نئين قسم جو هو. برٽش ماسترياڻين پهرين وڊيو ذريعي هڪ ننڍڙو مزاحيه ڊرامو ڏيکاريو پوءِ ان تي Objective سوالن جا ڏهه کن صفحا ڏنا ته ان ۾ لکيل سؤ سوالن جا ها يا نه ۾ اڌ ڪلاڪ اندر جواب لکي ڏيو. ڏهاڪو کن جا سوال جواب بنا سوچڻ پڙهڻ جي ايلس کي ڏسي لکندا وياسين. پوءِ ڪئپٽن سليم رڙ ڪئي (جنهن تي پڻ اسان قرب ڪري پنهنجي ڀرسان ويهاريو هو) ته ڪجهه سوچيو ته صحيح اها حسين حبشڻ سڀن جون موڪلون بند ڪرائيندي. ۽ پوءِ غور ڪيوسين ته سليم واقعي صحيح هو ۽ باقي جواب پنهنجي عقل جي ڊوڙ ڪري لکياسين. پوءِ آخر ۾ ماڳهين هن به اسان تان ڪاپي ڪري ڪم ٽپايو.“
”پر مسٽر الطاف!“ آفريڪن شاگردياڻي ايلس چيو، ”پهرين ته تون ۽ حسن بڪال ٺهي ٺڪي پاڻ ئي مون وٽ آيائو.“
”تڏهن ته چئون پيا ته هاڻ تنهنجي ڀرسان نه ويهنداسين.“ مون جواب ڏنو.
سندس اهو سهڻو نالو ”حسين حبشڻ“ سندس چهري ڪري نه پر وارن جي ٺاهه جوڙ ڪري رکيو اٿئون. ٻيون زالون هڪ يا ٻه يا ٽي چوٽيون ٺاهينديون آهن پر هن ڏهه ٻارهن کن وارن جي هڪ هڪ چوٽي ٺاهي آهي يعني سڄو مٿو سؤ کن سنهين سنهين چوٽين سان ڀريل اٿس. اسان جي ڳوٺ ۾ ڳنڍڻي، آر، ڀرت يا ٻيو پورهيو ڪندڙ عورتون گهڻو ڪري هفتي ۾ فقط هڪ دفعو جمعي ڏينهن چوٽي ٺاهين. پر گهڻو تيل وجهي اهڙي ته ڇڪي ڇڪي ٺاهين جو مجال آهي وري سڄو هفتو هڪ واربه ان چوٽيءَ مان ٻاهر نڪري.سو ايلس به اهو ٻڌايو ته هيڏانهن سئيڊن ۾ اچڻ مهل سندس ماءُ، ڀينرن ۽ سوٽين، ماساتين ٽي ڏينهن گڏجي ويهي اهي سنهيون چوٽيون ٺاهيون، جيئن پرديس ۾ کيس هر هر چوٽي ٺاهڻي نه پوي. کانئس پڇيو هوم: ”اڃا ڪيترا ڏينهن ڇنل کٽ جي هيٺان لڙڪيل واڻ جهڙيون اهي تنهنجيون چوٽيون قائم رهنديون.“
”چار پنج مهينا ته گهٽ ۾ گهٽ هلنديون.“ هن ٻڌايو هو.
”بس تيسين ڪئميرا هٿ ڪريان ته تنهنجي مٿي جي ان آرٽ ورڪ جو فوٽو ڪڍي پاڪستان جي ڪنهن اخبار ۾ موڪليان.“