جوتن جو خيال رک
”سگريٽ به مون ان ڪري گهٽائي ڇڏيا آهن جو هتي سئيڊن ۾ مهنگا آهن ۽ نه ان ڪري جو صحت خراب ڪن ٿا.“ چنگيز ٻڌايو ۽ پوءِ پنهنجي ٿلهي گول مٽول جسم ڏي اشارو ڪري چيو: ”سگريٽ منهنجي صحت کي ڀيلي به ڪيترو ڀيليندا.“
اسان جو پاڪستاني ساٿي ڪئپٽن سليم هتي اچڻ کان اڳ دل جي آپريشن (Open Heart Surgery) ڪرائي آيو هو. کيس ڊاڪٽر واڪ لاءِ چيو هو. پر ٻاهر سخت سيءُ هجڻ ڪري واڪ جونالو ئي نٿي ورتائين ۽ پوءِ خبر پيس ته جنهن کي مارجيرين سمجهي مهيني کان نيرن تي کائي رهيو هو اهو مکڻ هو. جنهن کان ڊاڪٽر جهليو هوس. پوءِ ته اچي ڊپ لڳس.
”يار هاڻ ته مونکي واڪ ڪرڻي ئي پوندي.“
”ڏاڍو سٺو.“ اسان چيس.
”پر يار ڪو مونکي ساٿ ڏئي ته هاسٽل کان يونيورسٽيءَ تائين پنڌ اچان وڃان.“ سليم چيو.
”آذربائيجان جو اهو ٿلهو چنگيز اٿئي. متان اهو پنهنجي چرٻي ڳارڻ جي موڊ ۾ هجي.“ مون چنگيز ڏي اشارو ڪري صلاح ڏنيمانس.
چنگيز پڇيو: ”مون لاءِ، ڪار خذمت؟“
”سليم واڪ ڪرڻ چاهي ٿو ته کيس پنهنجي ساٿ جي ضرورت آهي.“ مون چيومانس.
”ڇو ٿو واڪ ڪرڻ چاهين؟“ چنگيز سليم کان پڇيو.
”آئون پنهنجي صحت جو خيال رکڻ چاهيان ٿو.“ سليم ٻڌايس.
چنگيز ڪا دير ٽٻيءَ ۾ پئجي ويو. ان بعد سگريٽ جو ڊگهو ڪش هڻي، سليم کي ڳراٽڙي پائي وڏي پاٻوهه مان چيس:
”منهنجا دوست! سئيڊن جهڙي هن ذليل مهنگي ملڪ ۾ پنهنجن جوتن جو خيال رک. توکي خبر ناهي ڇا ته هتي بوٽ ڇڄڻ يا ترو گسڻ تي ڪيڏو خرچ اچي ٿو؟“
۽ پوءِ اڱر سان نڪ کي گهي توبهه ڪندي چيو: ”منهنجي دل ڪمزور آهي. نه ڄاڻ ڪنهن ڏينهن هلندي هلندي بوٽ ڇڄي پيو ته منهنجي دل بيهي ويندي.“