هتي ڪيئن آئين؟
”ها سچي اها ڳالهه اڌ ۾ رهجي وئي. سو پهرين دفعي ڪم نه ٿيو ۽ موٽي لاهور هليو ويس. ۽ پوءِ ڇهه مهينا رکي هڪ ايجنٽ جي معرفت سڌو فنلئنڊ ۾ آيس ۽ اتي جي فنس ڇوڪريءَ سان شادي ڪيم ۽ سال کن اتي ئي رهيو پيو هوس. مزو نه آيو سو زال سان گڏ هتي سئيڊن ۾ هليو آيس.“
”ڇا زال به هن وقت توسان گڏ آهي؟“ راحت پڇيس، شايد اهو سوچي جو جنهن وقت هو فيريءَ لاءِ آيو هو ته هڪ عورت سان ڳالهائي رهيو هو. جنهن لاءِ مون به سمجهيو ته سندس زال هوندي. پر ان عورت لاءِ پوءِ بعد ۾ ٻڌايائين ته هو ان سان ”دلپشوري“ ڪري رهيو هو، وقت پاس ڪرڻ لاءِ. بهرحال ان فنلئنڊ واري زال کي گار ڏئي ٻڌايائين:
”بس پوءِ هتي اچي هڪ ٻئي کي ڇڏي ڏنوسين.“ هن اهڙي اسٽائيل سان چيو ڄڻ لهڻ وارو بس اسٽاپ تي بس کي ڇڏي ڏجي يا بس مسافر کي لاهي ڇڏي.
”چئبو ته اُن سان اِن لاءِ شادي ڪئي جيئن هتي رهي سگهجي.“ اسان چيس.
”هتي رهڻ جو اهوئي طريقو آهي. ٻين فلاڻن فلاڻن پاڪستانين به شروع ۾ ائين ڪيو.“ هن بيئر جو وڏو ڍڪ ڀريو.
”پوءِ هن فنلئنڊ واري زال سان ملاقات نه ٿي؟“ اسان پڇيس.
”ڪڏهن ڪڏهن ٿيندي آهي. هن ڪنهن ٻئي سان شادي ڪئي آهي. مون وري پوءِ پولينڊ جي هڪ ڇوڪريءَ سان شادي ڪئي. ان مان ڌيءَ به اٿم. هي ڏسو ان جي تصوير.“ هن پرس ۾ لڳل سندس زال ۽ ڌيءَ جي تصوير ڏيکاري جيڪا اٺن نون سالن جي ٿيندي.
”هي گذريل سال جي تصوير آهي. ڏهن سالن جي ٿيندي.“
”بس هڪ ئي ٻار اٿئي؟“
”ها بس. ان کانپوءِ اسان هڪ ٻئي کي ڇڏي ڏنو.“ هن ٻڌايو.
”ويري سئڊ.“ اسان افسوس جو اظهار ڪيو.
”نه پارٽنر. هتي ته ائين ٿيندو رهي ٿو. هنن ملڪن ۾ اها هڪ عام ڳالهه آهي. هن حراميءَ مون سان ڍونگ ڪري مڙيئي شادي ڪئي هئي، جيئن سئيڊن ۾ رهي سگهي، ڇو ته ان وقت تائين مونکي هتي جو پاسپورٽ ۽ قوميت ملي چڪي هئي. مون سان شادي ڪرڻ بعد کيس جڏهن سئيڊن ۾ رهڻ جي اجازت ملي ته آهستي آهستي نخرو ڪرڻ لڳي ته هي به کپيم هو به کپيم. هن کي هن جون ٻيون ساهيڙيون ڇيرا وجهنديون هيون ته سندن مڙس ته هي به کين آڻي ڏين ٿا ته هو به. مون ته چيومانس ايترو آئون ڪٿان آڻيندس. توهان کي مان ڇا ٻڌايان هن پاسي جون عورتون وڏيون......... آهن. اسان کي هو گهٽ ذات ايشيائي سمجهن ٿيون ۽ اسان سان ته ڪڏهن به وفادار ٿي، هلي نه سگهنديون.“ هن ٻڌايو.
”صحيح آهي.“ راحت هن جي ڳالهه جي تصديق ڪري مونکان اکين جي اشاري سان داد گُهريو. ان ئي قسم جي ڳالهه لاءِ جنهن بابت صبح جو هاسٽل مان نڪرندي اسان جو بحث ٿيو هو. پاڻ ٻڌايو هئائين ته يورپي ڇوڪريون ڪڏهن به ڪنهن ايشيائيءَ سان گڏ رهي نه سگهنديون ۽ پاڪستان جهڙي ملڪ ۾ ته مهيني ٻن کان مٿي رهي نه سگهنديون.
”نه اهڙو ته ڪو سائنسي سبب نه آهي جو ان کي حقيقت چئجي.“ مون چيومانس، ”رهي به سگهن ٿيون. آئون ڪيترا پاڪستاني ملئي، انڊين سنڌي، چيني ۽ سنگاپوري سڃاڻان جن جون زالون انگلينڊ، آمريڪا، يورپ جون آهن ۽ هو ٺيڪ ٺاڪ رهي رهيون آهن. پاڪستان جي وڏن شهرن ۾ ته ڇا اسان جي ڳوٺ جي ڪيترن جون زالون جپاني، آئرش، آمريڪن ۽ برٽش آهن جيڪي هالا جهڙي ڳوٺ ۾ به رهن پيون. دراصل مرد تي منحصر آهي ته هن ڪهڙي قسم جي ڇوڪريءَ سان شادي ڪئي آهي ۽ منجهن ڪيتري قدر سمجهداري آهي.“
”اسان جي جهاز تي هڪ مصري عرب انجنيئر هو.“ راحت ٻڌايو، ”هن ڊئنمارڪ مان شادي ڪئي. کيس ان زال مان هڪ ڌيءَ به ٿي. ان بعد زال مڙس جو جهيڙو ٿي پيو ۽ هن زال کي ڪڍي ڇڏيو. ٻن سالن بعد مصري همراهه جي جهاز جو ڊئنمارڪ اچڻ جو پروگرام ٿيو. هن چيو ته کيس سندس ڌيءَ سان ملڻ جو ايڏو شوق هو جو جيئن ئي رات جو جهاز لڳو ته ان ئي وقت پنهنجي طلاق شده زال وٽ پهتو ۽ ڌيءَ کي ڏسڻ آيو آهيان. هن مٿان ئي چيس ته ڇا هي وقت آهي ٻئي کي ڊسٽرپ ڪرڻ جو. جنهن پيرين آيو آهين انهيءَ هليو وڃ. هاڻ طلاق بعد ڪهڙو واسطو رهيو اٿئي. سو اهڙيون آهن يورپي عورتون.“
”بهرحال اها ته هڪ طرفي مصريءَ جي واتان ڳالهه ٻڌي هن سان همدردي ٿيڻ لازمي آهي، پر ڪو فيصلو قائم ڪرڻ لاءِ ٻي ڌر جي به ته ڳالهه ٻڌجي. هونءَ هتي جي ماحول موجب عورت ۽ مرد جا برابر حق آهن، جيڪا ڳالهه اسان ايشيائي ماڻهو اڃا تائين ذهني طرح قبول نٿا ڪريون. ۽ نه وري اسان جي پاسي جون ايشيائي ۽ آفريڪي عورتون ويندي جپان ۽ روسي عورتون پنهنجا حق مڃرائي سگهيون آهن. ويتر اسان وٽ ايڪاناميڪلي طاقت صحيح طرح نه ورهائجڻ ڪري مرد اهوئي سمجهي ٿو ته عورت هڪ ٻانهي آهي. هن کي حڪم جوبندو ٿي هلڻ کپي. مرد ڀلي شراب، جوا ۽ اجايو خرچ ڪندو وتي، اخلاق توڙي مذهبي طرح سندس ڏيوالو نڪتل هجي ته به هو پنهنجو پاڻ کي گهر جو بي تاج بادشاهه سمجهي ٿو ۽ پوءِ ان تصور سان اسان جي هيرو جو هتي جو هيروئنن سان ٽڪر ٿئي ٿو ته کيس ڳالهه ڳري لڳي ٿي. خير ائين ته سٺا خراب ماڻهو جتي ڪٿي آهن هتي جون عورتون خراب آهن ته پاڪستان ۽ ٻين ملڪن ۾ پڻ سٺين سان گڏ خراب به هونديون. ٿورو يا گهڻو، اسان جي ايشيائي عورت، هر ڏک درد قدرت طرفان پنهنجونصيب لکيل سمجهي مڙس جو موچڙي مار کي به اکين تي رکي صبرسان وقت ڪاٽي ٿي. پر هن پاسي جي عورت برابري چاهي ٿي. هوءَ يڪدم چئي ڏيندس ته You Son of a Gun تون ڪو آسمان ته نه لٿو آهيان جو جيئن توکي وڻي ائين ڪر. سڌو ٿي هل نه ته منهنجي زندگيءَ خراب نه ڪر. آئون به پنهنجو رستو ٿي وٺانءِ.“