ڪنڊياري کان موري لڏي وڃڻ
ڇنڇر ۽ آچر هتي موڪل جا ڏينهن آهن. انهن ٻن ڏينهن تي شهر ۾ ٻن ٽن هنڌن تي ڪيترائي ننڍا ننڍا اسٽال هڻي ماڻهو پنهنجي گهر جو سامان وڪڻن ٿا. جيئن پاڻ وٽ پاڪستان ۾ جمعي بازار لڳي ٿي. پر جمعي بازار ۾ ڀاڄيون ڪپڙو ۽ ٻيو نئون سامان وڪامي ٿو هتي گهر جو سامان جهڙوڪ: ٿانو ٿپن، هنڌن بسترن، چادرن ٽوالن کان چمچا ڇريون، ڪپڙا گنديون، رانديڪا شوپيس ۽ اليڪٽرڪ جي سامان ۾ به ٽيبل لئپ ۽ ٽوسٽر، استري کان ريڊيو، ٽيپ رڪاڊر، ٿرماس، گهڙيال هر شيءِ اوڻي پوڻي اگهه تي وڪامي ٿي.
سئيڊن جي هن شهر مالمو ۾ جنهن جي آدمشماري هالا يا ٽنڊو آدم جيتري ٿيندي، ان قسم جا چار پنج هنڌ آهن. ٻه کن ته Bast سپر مارڪيٽ جي ڀرسان آهن. هڪ Marknads Borsen نالي موليوانگي ۾ آهي ۽ هڪ اسان جي يونيورسٽي ڏي ويندڙ رستي تي سينٽرل اسٽيشن وٽ پڻ آهي. هر هنڌ اٽڪل پنجاهه سٺ اسٽال لڳن ٿا جن ۾ زالون مرد گهڻو ڪري سڄي گهر جو سامان نيڪال ڪندي نظر ايندا. پوءِ ڪي ته دڪاندار به آهن جيڪي هر هفتي نظر اچن ٿا. اهي شايد گهر گهر وڃي فالتو سامان وٺي هتي اچي فائدي تي وڪڻن ٿا. ان هوندي به اسان جهڙن لاءِ سستو پوي ٿي. ڪي ٻارين ٻچين هوندا. ڪي اهڙيون فئمليون آهن جن کي سئيڊن جي هڪ شهر کان ٻئي شهر ڏي لڏڻو پوندو آهي. هو سڄو سامان وڪڻي پوءِ وڃن ۽ نئين شهر پهچي نئون سامان وٺن. ڪي ته هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ نوڪري، تعليم يا واپار لاءِ وڃڻا هوندا آهن. هن پاسي جي ماڻهن جو سئيڊن کان ناروي، يا ڊئنمارڪ کان فنلئنڊ جرمني لڏي وڃڻ ائين آهي جيئن اسان جي ماڻهن لاءِ ڪنڊياري کان موري لڏي وڃڻ يا کپري کان سانگهڙ، شهدادپور. سڀ ملڪ هڪ ٻئي جي ويجهو آهن. کين اسان وانگر ڌارئين ملڪ ۾ وڃڻ لاءِ ويزا جهڙا ڏهه مسئلا مٿي تي سوار نه هوندا آهن.
شيون وڪڻندڙن ۾ ڪجهه بيحد پوڙهيون هونديون آهن جيڪي سڀ ۾ سستو سامان ڏين ۽ اگهه تي به گهڻي گهوپي نه ڪن. سنگاپور، ملائيشيا ۽ هانگ ڪانگ جي مارڪيٽن وانگر Bargaining پڻ جام هلي ٿي. استريءَ جا پوڙهي چوندي ويهه ڪرونا (يعني اسي رپيا). چئبس: مهنگي آهي گهٽ ڪر.
چوندي: ”ڀلا ڏهه.“
”اڃا گهٽ ٿي سگهن ٿا؟“
”تون ڀلا ٻڌاءِ.“ هوءِ پڇندي.
”پنج ڏيانءِ؟“ چئبس.
”چڱو ست ڏي.“ ۽ سودو ستن ۾ ٿي ويندو. اهڙي هڪ استري اڄ ڪئپٽن سليم قاسم ورتي آهي. ڪراچيءَ هئاسين ته ٻه سال اڳ هتي رهي ويل چيف انجنيئر بدرمنير ٻڌايو: ”مون ان قسم جي مارڪيٽ مان 15 ڪرونا (60 رپيا کن) جي استري ورتي. ٻه سال سئيڊن ۾ استعمال ڪئي ۽ هاڻ پاڪستان ۾ به ڪري رهيو آهيان.“
منهنجي خيال ۾ ان جو رڪارڊ اڄ ڪئپٽن سليم ڀڳو. مون کي سيڪ (ٽاڪوڙ) Infra_ Red لمپ جي ضرورت هئي. ڪراچيءَ ۾ ٽن چئين سؤ ۾ ورتو هوم. هتي کڻي اچڻ وسري ويو. جيتوڻيڪ اهو هن پاسي جي ملڪ نيدرلئنڊ جو ٺهيل آهي پر ڪراچيءَ ۾ سستو آهي پر هتي ايترو مهنگو جو روز سوچيندو هوس ته وٺان يا نه. اڄ اوچتو اها شيءِ هن مارڪيٽ ۾ نظر اچي ويئي. وڪڻڻ وارو ويهه ڪرونا چيو ۽ پوءِ نيٺ ڏهن (چاليهه رپيه کن) ۾ وڪيائين. اهڙيءَ طرح ڏهن جو ٽيبل لئمپ ورتم ۽ پنجن ڪرونائن (ويهين رپئي) ۾ باهه تي سئنڊوچ ٺاهڻ جو پڙ (Sandwhich Maker) ورتم. گهر پهچي اهي شيون چيڪ ڪيم بلڪل اي ون حالت ۾ هيون.
پوڙهين ماين جي اسٽالن کان علاوه ٻيا اسٽال اهڙن نوجوان جوڙن جا هوندا آهن جن جو جهٽ مڱڻو ڦٽ شاديءَ بدران جهٽ شادي ڦٽاڦٽ طلاق ٿيندي آهي ۽ طلاق بعد ٻئي ڄڻا _ گهوٽ ڪنوار، ڏاڍي آرام سان سڄي گهر جو سامان وڪڻي شام تائين ڪمايل پئسن جو اڌو اڌ ڪري، ڇوڪرو پنهنجي نئين گس ڏي ۽ ڇوڪري پنهنجي نئين واٽ وٺي هڪ ٻئي کان جدا ٿي ويندا آهن. اهڙن طلاق شده نوجوان جوڙن وٽ پڻ سامان نئون ۽ سستو هوندو آهي. هنن کي جلدي هوندي آهي ۽ اگهه تي به يڪراءِ نه هوندا آهن.مڙس هڪڙو ٻڌائيندو ته زال ٻيو. اهڙي جوڙي کان اڄ مون هڪ ڪرسٽل گلاسن جو سيٽ ورتو. اگهه پڇڻ تي هڪ ئي وقت مڙس جي وات مان ويهه ڪرونا نڪتو ته زال جي وات مان ٽيهه ڪرونا. مون ويهه ڪرونا ڪڍيا ته زال چيو: ”اهي گلاس ٽيهن جا آهن.“
سندس مڙس ڏي اشارو ڪري چيم: ”هن ته ويهه چيا.“ ان تي زال پنهنجي ان سابق مڙس کي گهٽ اگهه ٻڌائڻ تي ٿوري دٻ ڪڍي. پر مڙس سندس ڳالهه کي ليکي ۾ نه آڻي مونکان ويهه ڪرونا وٺي پنج پاڻ وٽ رکيا ۽ پنڌرهن کيس اڇلائي ڏنا ته ”کڻ پنهنجو ففٽي ففٽي حصو ٽيهن جي حساب سان.“
ڪئپٽن سليم جيڪو دير سان آيو هو تنهن ان جوڙيءَ لاءِ ٻڌايو ته بعد ۾ هو بنهه سستي اگهه ۾ شيون ڏئي منجهند کان اڳ ئي موٽي ويا.
انهن کان علاوه ڪجهه ٻين به وڪڻڻ وارن سان ڳالهه ٻولهه ٿي. هڪ ٽيونيشيا جو ڪرد ڇوڪرو جيڪو هتي رهي ٿو ۽ هاڻ سئيڊن جي قوميت اٿس، سو مختلف شيون: رانديڪا، ٿانوَ، ڪپڙا، Sovenior ڪتاب وغيره وڪڻي رهيو هو. کانئس پڇيم: ”هي ڇو پيو وڪڻين؟“
”آئون شاگرد آهيان. اسان جي ڀرواري فليٽ جي مالڪ پنهنجو فليٽ وڪيو ۽ جنهن فليٽ ورتس تنهن کي چيائين ته فرنيچر ۽ سامان ان سان گڏ مفت ۾ آئيئي. جيڪا هتي هڪ عام ڳالهه آهي جو فليٽ وڪڻڻ وارو اڪثر فقط پنهنجو ضروري ڪم جو سامان کڻي نڪري ٿو. پر هن فليٽ وٺڻ واري چيو ته مونکي اهي ڪن سن مفت ۾ به نه کپن. مون کي خالي فليٽ کپي جيئن ان جي مرمت ڪري پوءِ ان ۾ پنهنجي پسند جو اوچو سامان رکان. هاڻ فليٽ جي پهرين مالڪ ڪچرو کڻڻ واري ٽرڪ کي فون ڪيو ته اچي هي پراڻو فرنيچر ۽ سامان کڻي وڃ ته ان ٻڌايس ته ان جو ڀاڙو پنج سؤ ڪرونا ٿيندو. ان تي مون چيومانس ته مونکي ڏي. ۽ پوءِ پنهنجي دوست جي ويگن ۾ کڻائي هن شهر مالمو ۾ وڪڻڻ آيو آهيان. هاڻ جيڪي به چار سؤ ڪرونا مليا اهي ڄڻ مفت جي ڪمائي ٿي.“
اهڙيءَ طرح هڪ ٻِي ڇوڪري سئيٽر، ڪوٽ، بوٽ، چئمپل، لپ اسٽڪون ۽ ميڪ اپ جو ٻيو سامان ۽ ڪاپيون، پينسلون وغيره وڪڻي رهي هئي.“
”هي ڪنهن جو سامان وڪڻي رهي آهين؟“ مون پڇيومانس.
”پنهنجو اٿم.“ هن وراڻيو.
ڇو ڀلا وڪڻي رهي آهين؟“ مون پڇيو.
”بس هي مون وٽ فالتو سامان آهي. “I Want to get rid it” هن وراڻيو.
”اسٽوڊنٽ آهين يا نوڪري ٿي ڪرين؟“
”اسٽوڊنٽ به آهيان ته نوڪري به ڪريان ٿي.“
”هن مان جيڪي پئسا ملندءِ ان کي ڇا ڪندينءِ؟“ مون پڇيومانس.
”آئون فرانس گهمڻ جو ارادو رکان ٿي. ان لاءِ پئسو گڏ ڪري رهي آهيان.“ هن ٻڌايو.
”فرانس بدران ملائيشيا، سنگاپور، پاڪستان، انڊيا جهڙا ملڪ ڇو نٿي گهمڻ وڃين. جتي تنهنجو گهٽ خرچ ايندو ۽ هڪ Change به محسوس ڪندينءِ. سئيڊن ۽ فرانس ۾ ته ڪو خاص فرق ئي ناهي.“
”آئون Skiing (برف تي راند) لاءِ وڃي رهي آهيان.“
”مهرباني. مون توکان ائين معلومات لاءِ اهي سوال پڇيا. ٿي سگهي ٿو ڪنهن اخبار ۾ تو بابت اهي ڳالهيون به لکي ڇڏيان.“
سو اهڙيون مارڪيٽون نه رڳو اسان جهڙن پرديسين لاءِ ڪم جون آهن پر ڪيترا هتي جا ۽ يورپ جي ٻين ملڪن جا ماڻهو گهڻي پگهار هوندي به ضرورت جون شيون ههڙين مارڪيٽن مان حاصل ڪن ٿا.
هن قسم جون مارڪيٽون نه فقط ضرورت جي شين جي خريداريءَ لاءِ سٺيون آهن پر وندر ۽ وقت پاس ڪرڻ لاءِ به سٺا اڏا آهن جتي ڪيترن ئي ڄاڻ سڃاڻ وارن سان ملاقات ٿئي ٿي. اڄ ملائيشيا جي ڪئپٽن زينل اڪبر جي ٻارن سان ٿي. پاڻ ملائيشيا کان مون وانگر ٻن سالن جي ڪورس لاءِ گذريل سال آيو آهي. ملائيشيا ۾ اسان جي گهر کان هڪ گهر ڇڏي ٻيو هن جو هو. کيس اولاد نه هو، سو هڪ دوست جو پٽ نپايو هئائين. اسان جڏهن ملائيشيا ڇڏي ته ان وقت ذوالفقار چئن سالن کن جو هو. هاڻ هو ستن سالن جو آهي.
اهڙي طرح بنگالي، اردني، ايراني ۽ سعودي عرب جي ڪلاس ميٽ ۽ سڃاڻن سان به هن مارڪيٽ ۾ ملاقات ٿيو وڃي. سعودي عرب جي صالح پاڪستان نيول اڪيڊمي مان ئي ٽريننگ ورتي آهي ۽ N.E.D ڪاليج مان انجنيئرنگ جي ڊگري حاصل ڪئي اٿس. ڪراچيءَ ۾ چار سال کن رهڻ ڪري اڙدو سٺي ڳالهائي ٿو. کيس اهڙن هنڌن تي اسان سان پنهنجي اڙدو تکي ڪرڻ جو موقعو مليو وڃي ۽ ساڳي طرح اسان کي ملئي ۽ بنگالي ڳالهائڻ جو سٺو وجهه مليو وڃي.
گهر جي سامان جي هنن سستين مارڪيٽن کان علاوه هتي ڀاڄي ۽ فروٽ جي پڻ ڇنڇر آچر تي کلئي ميدان تي مارڪيٽ لڳي ٿي جيڪا پاڪستان جي جمعي بازار يا آچر بازار وانگر ٿئي ٿو. ان ۾ پڻ شهر جي دڪانن کان سستي اگهه تي ميوا ۽ ڀاڄيون وڪامن. جيتوڻيڪ ڪا گهڻي سستائي نه هوندي آهي ته به غنيمت آهي ۽ ههڙن مهنگن پٽن تي هن قسم جون مارڪيٽون هتي جي غريب عوام (جيڪڏهن ڪو آهي ته) ۽ اسان جهڙن ايشيائي آفريڪي، سينٽرل آمريڪائي ۽ ڏکڻ آمريڪائي ملڪن جي ماڻهن جي لاءِ جياپي جو آسرو آهن.
هن پاسي ٿورن ڏينهن لاءِ ايندڙ ٽوئرسٽ لاءِ هڪ دفعو اهو چتاءُ وري لکڻ ضروري سمجهان ٿوته ڪڏهن به هنن مارڪيٽن مان گرم ڪپڙا وٺڻ جي آسري تي پنهنجي وطن کان بنا ڪوٽ يا اوور ڪوٽ جي نه نڪرن. ڇو جو هي مارڪيٽون اهڙي ڪنڊ پاسي تي ٿين ٿيون جو ڪيترن هتي جي ماڻهن کي به خبر ناهي ۽ ٻي ڳالهه ته ضروري ناهي ته گهربل شيءِ يڪدم ملي وڃي. شين جي مقدار جو طلاقن جي تعداد سان به واسطو رهي ٿو. يا ڪنهن پوڙهيءَ جو مڙس مري وڃي، جيڪا هن جا سڄي ڄمار جا گڏ ڪيل سِڪا، ٽڪليون ۽ ٻيا Souveniors اچي وڪڻي.