ناروي جو پوٽو
دنيا جي نقشي ۾ ڏسبو ته ناروي، آئيس لئنڊ ۽ ڪئناڊا هڪ ٻئي جي بلڪل ويجهو ويجهو آهن ۽ وائڪنگ ڪي گهٽ جهازي ته نه هئا. بقول اسان جي يونيورسٽيءَ جي نارويجن پروفيسر ڌال نيلسن جي: ” ٻين ملڪن جي ماڻهن جهازراني ته شوق ۾ شروع ڪئي پر اسان ناروي جي ماڻهن لاءِ اها مجبوري هئي. سال جا ڏهه مهينا جنهن ملڪ کان ٻاهر نڪري هٿ پير هڻڻو پوي ٿو.“ ۽ نارويجن صدين کان پنهنجن ٻيڙن ۾ اوسي پاسي ڏي نڪري پيا هئا. ڪولمبس ته اسپين کان نڪتو ته هن لاءِ آمريڪا ڄڻ هڪ ڏورانهون ملڪ ٿي پيو، ۽ ان کي وڏي ڳالهه سمجهي ايڏي مشهوري ڏني جو سڄي يورپ ۾ واءِ واءِ ٿي ويو. وائيڪنگ لاءِ ته ڪئناڊا ۽ آمريڪا سڏ پنڌ تي هئا ۽ هو پئي آيا ويا ۽ هنن ان کي ڪا اهميت نٿي ڏني ۽ ليف ارڪسن نالي هن پاسي جو همراهه ڪولمبس کان به پنج سؤ سال پهرين آمريڪا ڳولي لڌي هئي.
ويجهڙائيءَ ۾ ناروي وارن جي ان ڪتاب: The Viking Discovery of America تي ڪيترن ئي اسپيني ۽ آمريڪن اهو اعتراف ڪيو آهي ته جڏهن هو ڪولمبس کي مشهور ڪرڻ لاءِ پنج سهين ورسي ملهائي رهيا هئا ته عين موقعي تي ناروي وارن ان قسم جو ڪتاب ڇپرائي سندن لئه خراب ڪئي آهي.
ناروي وارن جو چوڻ آهي ته اهو ڪتاب جنهن ۾ هنن پنهنجي همراهه کي آمريڪا ڳولڻ جو ڪريڊٽ ڏنو آهي. ڇپائڻ مان سندن مقصد اهو هرگز ناهي ته ڪولمبس جي فنڪشن ۾ ڦيٽاڙو وجهجي ۽ نه ڪنهنکي، ان مان، اسان جي خراب نيت سمجهڻ کپي ته اسان گذريل سال وائيڪنگ جهڙو هوبهو جهاز ٺاهي آمريڪا ۽ ڪئناڊا موڪليو هو، جنهن ۾ ليف ارڪسن (Leif _ Eriksson) چڙهي پهريون دفعو آمريڪا ڳولي هئي. بهرحال ڪولمبس جي آمريڪا ڳولڻ تي ايڏا وڏا ڪاڄ ڇو ٿي رهيا آهن جڏهن ته آمريڪا هن کان گهڻو اڳ ارڪسن ڳولي ڇڏي هئي ۽ ان جا ڪيترائي ثبوت موجود آهن. ان وقت جي اڏيل گهرن مان هينئر به اٺ کن گهر نيو فائونڊلئنڊ (ڪئناڊا) جي اترهين ڳوٺ Land of Meadows ۾ موجود آهن ۽ ڪيتريون هن پاسي جون لوهي شيون اتان مليو ن آهن جنهن جو Radio Corbora ذريعي جائزو ٿو وٺجي ته اهي اڄ کان هڪ هزار سال پراڻيون آهن.
”ها اهو ضرور آهي،“ هن پاسي جا نارويجن رهاڪو چون ٿا، ”ڪولمبس آمريڪا کي ڳولڻ بعد ان تي قبضو ڪري ويٺو. اسان جي ارڪسن آمريڪا ڳولڻ بعد قبضو نه ڪيو. ڪجهه عرصي لاءِ گهر ٺاهي ضرور رهيو جيڪو عرصو چئي نٿو سگهجي ته ڏهه ٻارهن سال هو يا سو ٻه سؤ سال.“
هو ڇا چوندا آهن ته اشتهاربازي به ڳالهه کي مشهور ڪر ي ٿي. ڀلي هن پاسي جي همراهه ارڪسن پهرين آمريڪا کي ڳوليو هجي جنهن جو ناروي جي ماڻهن کي هاڻ هوش آيو آهي پر سالن کان ڪولمبس بابت اخبارن، ڪتابن ۾ ايتري ته ڳالهه هلي آهي جو ٻچو ٻچو آمريڪا کي ڪولمبس سان وابسته ڪري ٿو. سئيڊن، ڊئنمارڪ، ويندي ناروي جي اسڪولي ڪتابن ۾ ڏسندؤ ته اهو لکيل آهي ته ڪولمبس آمريڪا ڳولي لڌي.
هونءَ نارويجن اها به صلاح ڏني ته ڇو نه وائيڪنگ جهاز جي ڪئپٽن ليف ارڪسن ۽ سئنٽا ماريا جهازجي ڪئپٽن ڪولمبس جو گڏجي ڏينهن ملهايون ته هنن آمريڪا کي ڳوليو هو. پر اسپيني ماڻهو ٻڏتر ۾ آهن ته ائين ڪيئن ٿيندو. ڇو جو سوچڻ جي ڳالهه آهي ته جڏهن اهو چيو ويندو ته ارڪسن ۽ ڪولمبس آمريڪا ڳولي لڌي ته سڀ ڪو پڇندو، ”ڇا ٻنهي هڪ ئي وقت ڳولي؟“ ته جواب ملندو: ”نه. ارڪسن اڄ کان هزار سال اڳ ڳولي، ڪولمبس ان کان پنج سؤ سال پوءِ ڳولي.“ اها ڳالهه ٻڌي اسان جي ڪئپٽن عاشق خان چيو جتي ٻه اتي ٽئين جو به نالو هڻي ڇڏين.“
”اهو وري ڪير؟“ اسان پڇيس.
”اهو آئون. ڇو جو ڪولمبس بعد پنج سؤ سال رکي PNSC جو جهاز ”ايم وي نوابشاهه“ وٺي آئون به آمريڪا ويو هوس.
بهرحال هيءَ اهڙي سوڀ آهي، جنهن ۾ اسپيني ۽ آمريڪن ٻئي ڪنهن کي ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻ نٿا ڏين. هونءَ ناروي وارن جي پنهنجي رڌڻي ۾ به ڪجهه رولو آهي. اهو هن ريت ته ناروي ۽ آئيس لئنڊ جيتوڻيڪ هڪ ئي قوم ۽ ملڪ آهي پر ارڪسن تي ڪنهنجو گهڻو حق آهي؟ ناروي وارن جو يا آئيس لئنڊ وارن جو؟ اهو ڪم ڪجهه ڪجهه ائين آهي جيئن ابوالڪلام آزاد تي ڪنهن کي فخر هئڻ کپي انڊيا کي يا پاڪستاني مسلمانن کي. يا نورجهان، ماستر چندر ۽ رونا ليلا جي راڳن تي ڪنهنجو حق هئڻ کپي انڊيا جو، پاڪستان جو يا بنگلاديش جو. ارڪسن جو پيءُ جيتوڻيڪ ناروي جو هو پر پوءِ آئيس لئنڊ ۾ لڏي وڃڻ بعد کيس ارڪسن اتي ڄائو هو.
مون پنهنجي پوڙهي نارويجن پروفيسر کان ان مسئلي بابت کلندي پڇيو.
پاڻ ٽهڪ ڏئي وراڻيائين: ”اسان توهان وانگر جوشيلا ۽ جهڳڙالو نه آهيون. ٿوري گهڻي جيڪا اسان جي کٽ ڦٽ هلي پئي اها به اسان هاڻ ختم ڪري ڇڏي آهي.“
”سر! اهو ڀلا ڪيئن؟“ مون تعجب مان پڇيو.
”هائو. اهو هيئن جو اسان هاڻ اهو چئون ٿا ته ارڪسن آئيس لئنڊ جي ڌرتيءَ جو پٽ هو ۽ اسان جي ناروي جو پوٽو.“