جانورن جي کل جي ٽوپي
”اهو اٿئي لالا، اتر يورپ ۽ ان جون ٿڌيون هوائون.“ منهنجي ٿڙڪندڙ وات مان نڪتو.
”مارچ جو مهينو ختم پيو ٿئي، ته به ههڙو سيءُ.“ ڪئپٽن سليم قاسم چيو ۽ مون بشير وسطڙو کان ورتل گرم ٽوپي هيٺ ڇڪي ڪن ڍڪيا. تکا تکا هلندا رستا پار ڪري اچي بس اسٽاپ تي، بس جي انتظار ۾ بيٺاسين. بس اسٽاپ وٽ هڪ ڳڙکو هو جيڪو دراصل دڪان ۾ گهڙڻ لاءِ دروازي کان اڳ جي آڏ هئي. هوا کان بچڻ لاءِ ڊوڙي اچي ان ۾ لڪياسين. ٻه ڄڻا اڳهين ٿڌي هوا کان پاڻ بچائڻ لاءِ بيٺا هئا. هڪ ته ڪو آمريڪن هو ۽ ٻيو همراهه منهنجو سڃاڻو نڪتو.
”هاءِ! ڪئپٽن لي تون به آيو آهين ڇا؟“
ڪئپٽن لي زي خيانگ ملائيشيا جو آهي ۽ ملائيشيا جي جنهن اڪيڊميءَ ۾ آئون پڙهائيندو هوس. هو به اتي ليڪچرار هو. هو اهڙن جهازن تي رهيو هو جن تي پاڪستاني هندستاني خلاصي هئا. جن کان هو ڪجهه اڙدوءَ جا لفظ _ خاص ڪري گاريون سکيو هو ۽ ملائيشيا ۾ اڪثر چانهه جي رسيس ۾ هو اسان پاڪستاني هندستاني ڪئپٽن ۽ چيف انجنيئرن سان اچي چرچا ڀوڳ ڪندو هو ۽ هاڻ کيس هتي اوچتو سيءَ ۾ ڏڪندو ڏسي مون کي سندس اچڻ جي خوشي ٿي.
”بس اچي ته ويو آهيان،“ ڪئپٽن لي پنهنجي چرچائي انداز ۾ چيو، ”پر ماءُ پيءُ کي لکيو اٿم ته جي جيئرو موٽي آيس ته نئون پٽ ڄميانوَ.“
ڪئپٽن سليم قاسم سان سندس تعارف ڪرائي ٻڌايومانس ته ملائيشيا انهن ملڪن مان آهي جتي ٻارهو ئي مينهوڳيءَ جي موسم رهي ٿي ۽ سيءُ ته ڪڏهن به ڪونه پوي. ايتري قدر جو ڪيترن ملئي ماڻهن مرڻ گهڙيءَ تائين ڪڏهن ڪوٽ نه پاتو هوندو.
ڪئپٽن لي منهنجي ڳالهه کي ٽيڪو ڏيندي، ڪئپٽن سليم قاسم کي چيو: ”برابر الطاف سچ ٿو چوي. اهو ائين آهي جيئن هتي سئيڊن جي ڪيترن ماڻهن ڇت وارو پنکو يا ٽيبل فئن نه ڏٺو هوندو. انهن فقط فوٽن يا فلمن ۾ ڏٺو هوندو. ڇو جو ٻارهوئي هتي ايڏو سيءُ ٿو پوي جو ماڻهو چلهه ۽ سگريءَ اڳيان ويٺو آهي. اهو ته ڀلو ڪري مالمو شهر جي ميونسپالٽيءَ جو جنهن گهر گهر ۾ Heating System مهيا ڪري ڏنو آهي.“
”اسان جا سينئر جيڪي هتي رهي ويا آهن، اهي ٻڌائين ٿا ته اونهاري ۾ ڪڏهن ڪڏهن ڪجهه ڏينهن اهڙا به اچن ٿا جو ڪافي گرمي ٿئي ٿي ۽ دري کولي گنجيءَ ۾ سمهڻو پوي ٿو.“ مون ٻڌايومانس.
”خبر ناهي اهي ڏينهن ڪڏهن اچن ٿا ۽ الائي اهي ڏينهن فقط ٻه ٿين ٿا يا ٽي. مون ته اڄ تائين سئيڊن ملڪ جي ڪنهن شهرجو اهڙو فوٽو نه ڏٺو آهي جنهن ۾ ماڻهو دري کولي بالڪنيءَ ۾ بيٺا هجن. بهرحال هڪ ڳالهه کان هتي گرمي ٿئي به نه.“ ڪئپٽن سليم قاسم چيو.
”ڇو ڀلا؟“ ڪئپٽن لي چيو.
”انڪري جو گرميءَ ۾ ته هنن بند عمارتن ۾ ساهه گهٽجي ويندو ۽ ڪٿي به ڪو پنکي ٽنگڻ جو ڪنڊو يا سئچ ناهي.“ سليم ٻڌايو.
”مڙيئي خير آهي. آئون ته اهڙي گرميءَ ۾ به هن سياري جو سوچي ڏڪندو رهندس.“ ڪئپٽن لي چيو.
ايتري ۾ بس نمبر 18 اچي ويئي جنهن ۾ اسان کي گستاوو اڊولف (هتي جو صدر ۽ ايمپريس مارڪيٽ) وڃڻو هو. بس جو ڪارڊ ڏيکاري چڙهياسين. بس ۾ گهڙڻ سان فرحت اچي ويئي جو بس اندران سخت گرم هئي. مون هٿن تان جوراب ۽ مٿي تان ٽوپي لاٿي. ڪئپٽن لي ڪجهه دير منهنجي گهاٽن بجن واري کل جي سخت گرم ٽوپي غور سان ڏسندو رهيو. شايد هو اهوئي سوچيندو رهيو ته ههڙي سيءَ لاءِ ان قسم جي ٽوپي ضروري آهي. آخر رهيو نه ٿيس ۽ پڇيائين:
“A man! From where you got this cap?”
۽ پوءِ ان وارن واري کل جي ٽوپيءَ کي هٿ لاهي پاڻ ئي وارڻيائين:
“You killed a fox?”
(يعني ڪو لومڙ گدڙ ماري، ان جي کل مان ٺهرائي اٿئي؟)
”مونکي به ائين ئي لڳي ٿو. يا جنهن مونکي اها ٽوپي ڏني آهي اهو اتر قطب جي ڪنهن ايسڪيم کان وٺي آيو هوندو. يا ڪو Eskimo مڇيون مارڻ لاءِ ٻاهرنڪتو هوندو ته پٺيان سندس گهر اگلوءَ (Igloo) مان چورائي آيو هوندو.
بس ٿورو اڳيان هلي ته مون ڪئپٽن لي کان سوال ڪيو: ”ڪئپٽن لي توکي هيڏانهن ڪيئن موڪليئون؟ ملائيشيا جي حڪومت گهڻو ڪري ههڙا موقعا ملئي ماڻهن کي ڏئي ٿي ۽ چينين کي گهٽ. تون چيني ٿي ڪري هيءَ اسڪالر ڪيئن حاصل ڪئي.“
ڪئپٽن لي اک ڀڃي، وات تي آڱر رکي ماٺ جو اشارو ڪيو ۽ پوءِ چيو: ”ان لاءِ چمچن جو به چمچو ٿيڻو پوي ٿو.“
مون زور سان ٽهڪ ڏيئي ساڻس هٿ ملايو.
”ياد اٿئي الطاف! چمچن جو به چمچو ٿيڻ واري ڳالهه؟“
”بلڪل چڱي طرح.“ وراڻيومانس. ۽ پوءِ ڪئپٽن سليم کي ٻڌايم ته هڪ دفعي ڪوالالمپور ۾ ڪو فنڪشن هو جنهن ۾ پنج ڄڻن کي وڃڻو هو.ٽي ملئي موڪليا ويا. هڪ هي چيني لي ڪئپٽن ۽ هڪ مونکي وڃڻ جو موقعو مليو. ڪوالالمپور ۾ هفتو کن هوٽل ۾ رهائش ۽ کاڌي پيتي جو مفت بندوبست هو ۽ سيمينار به اٽينڊ ڪيوسين، جنهن جو سرٽيفڪيٽ پڻ مليو. هاڻ جيڪي ٻيا فارينر هئا، پاڪستاني، هندستانين سميت انهن کي خار لڳا ته هيترن ڄڻن ۾ ملئي ته ٺهيو پر ڪئپٽن لي ۽ آئون ڪيئن وياسين. ضرور اتي جي ڊائريڪٽر جنرل جي چمچي گيري ڪئي اٿئون. جيتوڻيڪ اسان جي ڊائريڪٽر جنرل سان ڪا واقفيت نه هئي. هن پنهنجي سيڪريٽري ڇوڪريءَ کي موڪيلو ته ڪجهه آفيسرن جا نالا اسان وٺي اچ ۽ هوءَ مونکي ۽ ڪئپٽن لي کي ڪئنٽين ۾ ملي ويئي. سو اخلاق طور اسان سو چانهه ضرور پياريس پرنالا پنهنجي مرضيءَ تي لکندي رهي. ٽي نالا لکڻ بعد اسان کي چيائين، توهان به ڪوالالمپور هلندائو. اسان چيس: It will realy be a great pleasure. ۽ هن اسان جا نالا به هڻي ڇڏيا ۽ ان راز جي رڳو مونکي ۽ لي کي خبر هئي ۽ پوءِ جڏهن ٽوئر تان آياسين ته سڀ مٿو کائي ويا. ڪئپٽن لي پڇيو: ”اڙدوءَ ۾ ڇا پيا چون.“
کلي سڀني اڳيان ٻڌايومانس: ”هي پاڪستان هندستان جا ڪئپٽن پيا چون ته پاڻ ڊائريڪٽر جنرل جا ”چمچا“ آهيون، جيتوڻيڪ پاڻ ان جا نه، پر چمچن جا به چمچا آهيون.“
۽ پوءِ ڪيترا مهينا گذرڻ بعد اسان پنهنجين ساٿين کي اهو راز ٻڌايو ته اسان ان سيمينار لاءِ ڪيئن اوچتو چونڊجي ويا هئاسين. شايد اسان جو انهن ڏينهن جو داڻو پاڻي ڪوالالمپور ۾ هو.