ڪوپن هيگن کان مالمو _ تائين جهازن جا ڪيئي قسم
مسافر جهازن ۾ ڪي وڏا ٿين ٿا، ڏورانهن ملڪن ڏي وڃن ٿا، ظاهر آهي گهڻن ڏينهن جي سفر ڪري انهن ۾ مسافرن جي سهوليت لاءِ ڪمرا، هوٽلون، دڪان، سئمنگ پول ۽ ٻيو سک آهي. جيئن راڻي ايلزبيٿ نالي جهاز جيڪو يورپ ۽ آمريڪا جي وچ ۾ هلي ٿو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ايشيا ۽ آفريڪا جي ملڪن ڏي به هلي ٿو. يا جيئن اسان جا پاڪستاني جهاز سفينه عرب ۽ شمس آهن جيڪي حج جي سفر لاءِ مسافر کڻن ٿا.
انهن جهازن کان علاوه ٻيا مسافر جهاز ننڍي پنڌ تي هلن ٿا ۽ مسافرن سان گڏ سندن ڪارون موٽرون ۽ موٽر سائيڪلون پڻ کڻن ٿا. اهي جهاز فيريون سڏجن ٿيون ۽ هڪ ئي ملڪ جي ٻن بندرگاهن وچ ۾ هلن ٿيون جيئن ملائيشيا ۾ پينانگ ۽ بئروٿ جي وچ ۾ هلن ٿيون يا هانگ ڪانگ جي ٻيٽ وڪٽوريا ۽ ڪولون جي جي وچ ۾ هلن ٿيون. ۽ ٻيون فيريون ويجهن ويجهن ملڪن جي وچ ۾ هلن ٿيون. جيئن انگلينڊ ۽ فرانس جي وچ ۾. سئيڊن ۽ پولينڊ جي وچ ۾، جرمني ۽ هالينڊ جي وچ ۾ يا سئيڊن ۽ ڊئنمارڪ جي وچ ۾.
ان ڏينهن ڪارن جي چوريءَ جي اچي ڳالهه نڪتي. اسان پاڪستاني، ان چوريءَ جا ستايل، سئيڊن جي رهاڪو جوهر زمان کان پڇيو ته آيا سئيڊن ۾ به ڪارن جي چوري ٿئي ٿي يا نه.
”ابوه ڳالهه نه پڇو. اهو ڏينهن خالي ناهي جو سئيڊن ۾ ڪارن جي چوري نٿي ٿئي. پر اهو به شڪر آهي جو هتي جي پوليس ايڏي وٺ وٺان ٿي ڪري جو اڌ کان وڌيڪ ڪارون جهليو وٺي.“
”ان معاملي ۾ اسان جي پوليس بيحد سڌي ۽ شريف آهي.“ مون چيومانس.
”ها. اهڙي سڌي جو کڻائي پاڻ ٿي.“ جوهر کلندي چيو. ”گذريل مهيني پاڪستان مائٽن سان ملڻ ويو هوس ته سندن ڪار چوري ٿي وئي هئي.“
”ڀلا اهو ته ٻڏاءِ“ مون پڇيومانس، ”سئيڊن جهڙي سکئي ستابي ملڪ ۾، اهي ڪير آهن جيڪي چوري ڪن ٿا؟“
”ڪي ته هتي جا نوجوان ڇوڪرا آهن جيڪي مستيءَ خاطر ڪارون کڻن ٿا ۽ چڪر هڻي پوءِ هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ ڦٽو ڪريو وڃن ۽ ٻيا وڏا چور پولينڊ جا ماڻهو آهن، جيڪي هتان سئيڊن مان چوري ڪري فيريءَ ذريعي ان ئي وقت پنهنجي ملڪ ڀڄيو وڃن ۽ پوءِ هڪ دفعو ڪار پولينڊ پهتي ته معنى ڪراچيءَ جي شيرشاهه ۾ پهتي. ڪلاڪ ٻن ۾ ئي سندس انجرپنجر ڍرا ڪري اسپيئر پارٽن جي مارڪيٽن ۾ هلايو ويندو اٿس.“
سو فيريءَ ذريعي نه فقط مسافر پر ڪارون به _ ويندي چوريءَ جون، هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ تائين پيون پهچن.
فيريءَ کان علاوه پنجاهه سٺ ماڻهو کڻي هلندڙ موٽر بوٽون ۽ لانچون آهن ۽ ڪافي سالن کان هن پاسي هوور ڪرافٽ پڻ مشهور ٿيندو وڃي. جيڪو پاڻيءَ جي جهاز ۽ هوائي جهاز جي وچ جي شيءِ سمجهيو وڃي ٿو. هوور ڪرافٽ پاڻيءَ جي ننڍي جهاز وانگر ٿئي ٿو، کيس پاڻيءَ ۾ هلندڙ پنکي (Propeller) بدران هوائي جهاز وانگرجيٽ ٽربائين انجڻ ٿئي ٿي. اهي جيٽ هوا جي زور تي نه فقط جهاز کي اڳيان ڌڪين پر هوا جو دٻاءُ جهاز هيٺان پڻ پيدا ڪن، جنهن ڪري جهاز فٽ ڏيڍ کن پاڻي يا زمين جي سطح کان مٿي کڄي ويندو آهي ۽ هي نه فقط سمنڊ جي مٿان هلي ٿو پر سڌي پٽ تي پڻ هلي سگهي ٿو. سعودي عرب جي وارياسين پٽن تي پڻ هلن ٿا ۽ ٻي ڳالهه ته هوور ڪرافٽ سمنڊ تي هلڻ بعد مٿي خشڪي تي چڙهي، ڪار لاريءَ وانگر پارڪ ٿي سگهي ٿو.
سمنڊ جي سطح کان مٿڀرو هلڻ ڪري هن ۾ سامونڊي جهاز وارا لوڏا به نٿا ٿين ۽ ٻين پاڻيءَ وارن جهازن کان تکو به هلي ٿو. ڇو جو پاڻيءَ ۾ هلندڙ جهاز هڪ رفتار کان مٿي تکو هلي نٿا سگهن. چاهي ڪيترو به پيٽرول ساڙي پروپيلر جي رفتار وڌائجي. پاڻيءَ جي جهاز ۽ انجڻ جي کڻي ڪهڙي به ڊزائين رکجي پر سندس رفتار پنجويهه ٽيهه ميلن کان مٿي نٿي وڌي. ان بعد پروپيلر وٽ ايتري ته خلا پيدا ٿيو پوي (جنهن کي Caviation سڏجي ٿو) جو پروپيلر جو اثر نٿو ٿئي. ان مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ هن قسم جو جهاز جواب آهي. جيڪو اهو خچر آهي جيڪو هوائي جهاز (گهوڙي) ۽ پاڻيءَ جي جهاز (گڏهه) جي وچ واري شيءِ آهي.