جهازن جو مالڪ ڪنڊ وٺي روئي
هر اهو ملڪ / ٻيٽ جيڪو يو اين او جو ميمبر آهي، هر سال هڪ کان چار ڄڻا هن يونيورسٽيءَ لاءِ موڪلي ٿو. بنگلاديش برما کان مصر ملائيشيا تائين. مالٽا ۽ مارشل ٻيٽ کان گئمبيا گهانا تائين. سريلنڪا ۽ سيراليون کان سعودي عرب ۽ سينٽ و نيسنٽ ٻيٽ تائين جا جهازن سان تعلق رکندڙ ڄاڻو هن يونيورسٽيءَ ۾ شاگرد جي حيثيت ۾ اچن ٿا. دنيا جو شايد ئي ڪو اهڙو ڪاليج يونيورسٽي هجي جنهن ۾ انهن قسمن جي رنگن، ويس وڳن، قدبتن ۽ زبانن جا هڪ ئي وقت ماڻهو هجن. جئميڪا ۽ ٽرينڊاڊ جي چاڪليٽي رنگ ۽ منجهيل کوندن جهڙن وارن وارن مٿن کان ملاوي ۽ تنزانيا جا ڪارا ڪنٺ ۽ ماڪوڙن جي ٽنگن جهڙن وارن وارا شيدي ۽ شيدياڻيون نظر اينديون. روس (ازبڪستان ۽ آرمينا) ۽ رومانيا جي سنگتڙن ۽ کور ي ۾ پڪل سرن جهڙي ڳاڙهي رنگ جي شاگردن کان وٺي چلي ۽ وينزوئلا جا ”کير ۾ ڪريل هيڊ“ جهڙا ۽ برازيل ۽ اڪيڊار جا ڦلهير ۽ اٽي جي رنگ جهڙا شاگرد ۽ شاگردياڻيون ملنديون. سعوري عرب، اردن، مصر ۽ موراڪو جهڙن عرب ملڪن جا اڇي رنگ جا به آهن ته گهنڊي وارن وارا ڪارسرا پڻ. وچ وچ ۾ اسان جهڙا ڪڻڪ رنگا ۽ مشڪي پاڪستاني، بنگلاديشي، هندستاني، ۽ پيلا ڦڪا چيريل ڪاٺ جي رنگ جهڙا چيني، برمي، ٿائي ۽ انڊونيشي پڻ آهن.
جهاز ي دنيا ۾ رڳو مرد ماڻهو نه آهن. ڪيترن ملڪن جي بندرگاهن يا وزارتن ۾ عورتون پڻ وڏن وڏن عهدن تي آهن. هڪ آمريڪا جي ۽ هڪ گهانا (آفريڪا) جي عورت _ شاگردياڻي جهازن جون ڪئپٽن آهن. تعجب جي ڳالهه اها آهي ته ايشيا جي ملڪن ۾ سامونڊي دنيا سان واسطو رکندڙ ايتريون عورتون نه آهن جيترو آفريڪا ۽ ڏکڻ آفريڪا جي ملڪن ۾ آهن. آفريڪا جا شيدي جن لاءِ ڪنهن زماني تائين دنيا کي اهوئي وهم هو ته هو جاهل ۽ گهٽ ڄاڻو آهن اهو خيال هتي رهي غلط ثابت ٿئي ٿو.
ڪراچيءَ ۾ موڪلائڻ وقت ڪئپٽن بشيروسطڙي (جيڪو هن يونيورسٽيءَ جو پهريون پاڪستاني گريجوئيٽ آهي) ان طرف ڌيان ڇڪائيندي ٻڌايو هو:
”شيدي عورتون توڙي مرد بيحد محنتي، سلجهيل ۽ هوشيار آهن. سڀ کان وڏي ڳالهه اسان وانگر چمچاگيري، رک رکاءُ ۽ جي حضوري نٿا ڪن. هو سنئين سڌي ڳالهه ڪن ٿا ۽ بي ڊپا آهن.“
۽ هاڻ هتي يونيورسٽيءَ ۾ آفريڪا جي انيڪ ملڪن ۾ اوسي پاسي جي ٻيٽن کان آيل شيدي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ميس ۾، هاسٽل ۾، ليڪچر هال ۾ ڏسي، بشير جي ڳالهه جو اعتراف ڪرڻو پوي ٿو.
جنهن نموني سان اسان جا هي ڪلاس ميٽ شيدي پروفيسرن کان عقل وارا ۽ ذهين سوال ڪن ٿا يا پاڻ ۾ بحث مباحثو ڪن ٿا اهو ڏسي اسان جون اکيون پٽجن ٿيون ته ويندي آفريڪاجهڙن ملڪن ۾ تعليم جو معيار ڪيڏو مٿانهون آهي، جيڪو اسان وٽ هوندي سوندي به تباهه ٿي ويو آهي.اهوئي حال اخلاق جو آهي. ڪلاس روم ۾ توڙي ڪلاس کان ٻاهر، بس ۾، ميس ۾، ٽي وي روم ۾ مختلف ملڪن جا شيدي مرد ۽ عورتون پنهنجو پاڻ ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڳالهيون ٻولهيون چرچا گهٻا ڪندا پر مجال آهي جو ڪو گفتو اخلاق کان ڪريل ڳالهائين. ان معاملي ۾ اسان پاڪستاني هندستاني يا بنگلاديشي ڪمزور ثابت ٿيا آهيون. اسان جي ملڪ مان اڃا ڪابه ليڊي آفيسر هتي شاگردياڻي ٿي نه آئي آهي ۽ چڱو جو نه آئي آهي نه ته اسان جهازي ته ڇا اسان جي جاءِ تي عام شهري هجن ها _ ڀلي ملان مولوي ته به انهن شاگردياڻين تي اهي اهي الزام ۽ عشق جا افسانا ٺاهين ها جو هو پاڻ نه ته سندن مڙس کين واپس گهرائين ها. اسين پنجابي فلمن وارا هيرو ٿي هنن جي حفاظت جو هرو ڀرو ٺيڪو کڻي ٻين جا مٿا ڦاڙيون ها. پر هي آفريڪن ظاهري ظهور کڻي ڇا به سڏجن پر ائين نٿو چئي سگهجي ته هو اخلاق ۾ ڪريل آهن. آئون ته ڪوشش ڪري هر وقت آفريڪي دنيا جي هنن شاگردن جي ويجهو ويهي سندن وارن جا اسٽائيل، ڪپڙن جا تکارنگ ۽ ڳالهيون نوٽ ڪندو آهيان. ڳوٺ ۾، ڪنهن زماني ۾، ماسي ملوڪان نالي هڪ شيدياڻي اسان جي گهرجي ماني پچائيندي هئي. اسان جي ڪلاس ۾ ڪيترن آفريڪن شيدياڻين جي شڪل ان سان ملي ٿي. آئون انهن کي غور سان ڏسي ماسي ملوڪان کي ياد ڪندو آهيان ته هوءَ جيڪڏهن پڙهي ها ته هن ۾ ۽ هنن ۾ ڪو فرق نه هجي ها. پر هاڻ هنن مان ڪي بندرگاهن جون ڊائريڪٽرياڻيون آهن ته ڪي شپ مئنيجمينٽ ۾ آفيسر. ۽ هتان ڊگري حاصل ڪرڻ بعد اڃا به وڏيون آفيسرياڻيون ٿينديون. هنن شيدياڻين جون پنهنجي پنهنجي فيلڊ ۽ ڊپارٽمينٽ جي ترقيءَ جون ڳالهيون ٻڌي تعجب لڳي ٿو ته هو ڪيڏيون هوشيار ۽ ايماندار پورهيت آهن. سندن ملڪن کي آزادي ڏيڻ وقت انگريزن يا پورچو گالين ۽ فرينچن اهوئي سوچيو هوندوته گورن (يورپين) جي وڃڻ بعد آفريڪا وڌيڪ اونداهو کنڊ ٿي پوندو. پر ائين نه ٿيو.اڄ آفريڪا جي بندرگاهن ۾ جديد ٽيڪنالاجي، وقت جي پابندي، ڪم جو اڇت اڪلاءُ ڏسي سڀني کي حيرت لڳي ٿي ته ڏات ذات تي نه آهي. شيدين ۾ قومي جذبو آهي. هنن ۾ جيئڻ ۽ جياپي جو اتساهه آهي. هو محدود وسيلن هوندي به پنهنجي ملڪ کي مٿاهين کان مٿانهون ڏسڻ چاهين ٿا. تڏهن ته ڊڪار، مپوتو، لئانڊا، ممباسا جهڙا بندرگاهه ڏينهون ڏينهن وڃن ترقي ڪندا. ان جي ڀيٽ ۾ اسان ڪٿي آهيون. ان جو ڇا تجزيو ڪجي. هٿ ڪنگڻ کي آرسيءَ جي ڪهڙي ضرورت. ڪراچيءَ جو بندرگاهه جيڪو دنيا جي سهڻن ۽ صاف سٿرن بندرگاهن مان هڪ هو اڄ ان جي سونهن ۽ ڪارڪردگي ڪٿي وڃي پهتي آهي _ جهازن جا مالڪ جن جا جهاز سامان کڻڻ يا لاهڻ لاءِ ڪراچيءَ بندرگاهه اچن ٿا، ضرور ڪنڊ وٺي روئندا هوندا. ان کان وڌيڪ سامان گهرائڻ يا موڪلڻ وارا واپاري پنهنجو منهن مٿو پٽيندا هوندا جن کي سامان جي لهڻ چڙهڻ جي ڍرائيءَ ڪري وڌيڪ پئسو ڀرڻو پوي ٿو. پر واپاري ڪڏهن به نقصان پاڻ تي نه کڻندو آهي. هو هميشه جهاز جي Delay ۽ بندرگاهه ۾ سامان لهڻ چڙهڻ جي اينگهه ۽ چور ي چڪاريءَ جو نقصان، شين جي قيمت وڌائي غريب عوام مان پورائو ڪندو آهي. اسان جي ملڪ ۾ جي ترقي ٿي رهي آهي ته فقط نعرن ۽ سلوگن جي. سياسي ۽ سماجي تحريڪن ۾ ته نعرا عام جام آهن پر اسان جي جهازراني ڪمپنين ۽ بندرگاهن ۾ به کوکلي نعري بازي ڪاهي پئي آهي. پورٽ قاسم لاءِ چيو وڃي ٿو:
Sails into the 21st Century.
ته وري ڪراچي پورٽ ٽورسٽ لاءِ:
Shaping for the 21st Century.
بندرگاهن سان واسطو رکندڙ مقامي توڙي غير ملڪي KPT ۽ پورٽ قاسم جا حال ڏسي پوءِ مٿيان نعرا پڙهي ٽهڪ ڏيندا هوندا.