فقط برف سستي آهي
هوور ڪرافٽ کان علاوه فيريون هلن ٿيون. هڪ ته ڊئنمارڪ جي ڪنهن ڪمپنيءَ جي آهي ۽ 29 ڪرونا يعني سوا سؤ رپيا کن هڪ طرفو وٺي ٿي ۽ ڪلاڪ ۾ ٻيءَ ڀر پهچائي ٿي. ان کان به وڌيڪ هڪ ٻي سستي فيري آهي جيڪا فقط ڏهه ڪرونا وٺي ٿي ۽ سو به اوٽ موٽ جا. يعني پنهنجا چاليهه رپيا ٿيا. اها ڏيڍ ڪلاڪ لڳائي ٿي پر اسان کي ٻيءَ ڀر پهچي ڪهڙو جهاز اڏائڻو آهي جو جلدي ڪريون. خريداري ئي ڪرڻي آهي. اڌ ڪلاڪ جي دير سان پهتاسين ته ڪهڙي وڏي ڳالهه ٿي.
”يار ڪمال آهي ڏهه ڪرونا يعني چاليهه رپين ۾ اوٽ موٽ جو سفر ته ڪراچيءَ، ڪلڪتي ۽ ڪولمبو جي حساب سان به سستو آهي. ڪراچيءَ کان حيدرآباد سرڪاري ڀڳل بس جو ڀاڙو به ان کان مٿي هوندو. هي هيڏي ساري فيري ايتري ڀاڙي ۾ هلائين ٿا ان مان ڇا بچت ٿيندي هوندن.“ ڪئپٽن سليم حيرت مان پڇيو.
”۽ ضروري ناهي ته هر وقت مسافرن سان ٽٻ هجي.“ مون چيومانس.
”پر جي هر دفعي ڀريل به هجي ته به وڌ ۾ وڌ پنج سؤ ماڻهو ويهي سگهن ٿا. يعني پاڪستان حساب سان ويهه هزار رپيا ٿيا ۽ ان مان هيڏي وڏي آفت جهاز جنهن جو اوٽ موٽ ٽن ڪلاڪن ۾ نه فقط تيل سڙندو هوندو ۽ عملي جو پگهار مس ٿيندو هوندو. باقي فائدو ڇا ٿيندو هوندن.“ ڪئپٽن سليم چيو.
”۽ ڪڏهن ڪڏهن ته مقابلي ۾ اچي اڃا به ڀاڙو گهٽ ڪندا آهن. گذريل سال اونهاري ۾ پنج ڪرونا (ويهه رپيا) به اوٽ موٽ جو ڀاڙو رکيو هئائون.“ اسان کان هڪ سال اڳ آيل پاڪستاني شاگرد علوي ٻڌايو.
”هونءَ پولش (پولينڊ جا رهاڪو) اهڙا بيوقوف ته نه آهن جو ائين ڪن ٿا.“ (هن سستي ڀاڙي وارين فيرين جا مالڪ ڀر واري ملڪ پولينڊ جا آهن ۽ هتي واپار ڪن ٿا.)
”اسان جي مئريٽائيم ايڪانامڪس جي پروفيسر الڊرلٽن انهن جي اٽڪل بابت ٻڌايو پئي ته، ڪيئن هي پولش ماڻهو گهٽ ڀاڙي تي به ڪمائي ڪن پيا.“ هڪ ٻئي پاڪستاني شاگرد قاضي حميد ٻڌايو، ”هو مسافرن جي ڀاڙي مان ڪمائڻ بدران جهاز ۾ ٺهيل هوٽل ۽ دڪان مان ڪمائين ٿا. سئيڊن ۾ شراب، سگريٽ، عطر وغيره تمام گهڻو مهنگو آهي. (سگريٽ جو هڪ پاڪيٽ هڪ سؤ رپئي جو آهي) هو اهو ستر رپئي ۾ وڪڻن ٿا ته به هڪ پاڪيٽ تي کين ٽيهه چاليهه رپيا فائدو ٿئي ٿو جو فيريءَ وارا فئڪٽرين مان ڊيوٽي فري اگهه تي ٽيهن رپئي مس خريد ڪن ٿا ۽ سئيڊن جو هر مسافرگهٽ ۾ گهٽ هڪ ڪارٽن ته وٺي ئي وٺي ٿو. اهڙيءَ طرح شراب، بيئر، چاڪليٽ عطر۽ ٻيون شيون پڻ وٺن ٿا ۽ سراسري هر مسافر مان کين هزار رپيا کن فائدو ٿيو وڃي. ڪيترا سئيڊن جا رهاڪو ڊئنمارڪ وڃڻ جو شوق ۾ نه، پر سمنڊ تي ٽن ڪلاڪن جو سير ڪرڻ ۽ سستو شراب ۽ سگريٽ وٺڻ لاءِ هن فيريءَ ۾ چڙهن ٿا ۽ واپسيءَ تي هنن کي ان تي ٽئڪس نٿو ڏيڻو پوي، جو سئيڊن جي قانون مطابق ولايت مان ٿي ايندڙ مسافر کي ويهه هزار رپين جي خريداريءَ جي ڇوٽ آهي. پوءِ ڀلي ڪو آمريڪا، جپان يا آسٽريليا جهڙي ڪنهن ڏورانهين ديس ۾ ڇهه مهينا يا سال رهي اچي يا سمنڊ جي هن ڀر، سامهون نظر ايندڙ ڊئنمارڪ کي فقط هٿ لاهي موٽي اچي. ٿيو ته ولايت رٽرنڊ!“