عربي ڊريس ۽ سنڌي ٽوپي
”ان ڀرت واري قميص جي ڇا قيمت هوندي؟“
”تقريباً هڪ سؤ کن آمريڪن ڊالر (يعني اڍائي هزار رپيا.) وراڻيائين ۽ پوءِ پڇيائين، ”ڪيئن ٿو لڳان؟“
”او ويري سمارٽ! ڪئميرا نه کڻي آيس نه ته هن ڪلرفل موقعي تي توهان جا ڪجهه فوٽو ڪڍجن ها.“ جواب ڏنومانس.
ڀر ۾ ويٺل هڪ ايراني شاگرد کي چيم، ”هو جبن وارا پاڻ وارا عرب سڳورا اڃا نه پهتا آهن؟“
”ڇو؟“ هن پڇيو.
”ڏسجي ته جبن ۽ نوڙن ۾ ڪيئن ٿا لڳن.“ مون چيو.
”اهي ڪڏهن به پنهنجي قومي لباس ۾ نه ايندا.“ هن چيو.
”ڇو ڀلا؟“ منهنجي ڀر ۾ ان وقت بيٺل قاضي حميد پڇيو.
”بس ڏسجؤ ويٺا. سياڻا هوندا ته سوٽن ۾ ايندا.“
ٿوري دير ٿي ته عرب ملڪن جا شاگرد اچڻ شروع ٿيا. جيڪي ڪجهه ان رات دعوت ۾ آيا سي سڀئي سوٽ ڪوٽ (انگريزي لباس ) ۾ آيا. ايرانيءَ چيو.
”ڏٺاوَ، مون اڳواٽ چيو نه. عربن جو لباس هنن مغربي ملڪن ۾ اهڙو خراب خوار ٿي ويو آهي جو اهو لباس پائي هن پاسي گهمڻ معنى پاڻ لاءِ پاڻهي لعنتاڻو کڻڻ.“ ايرانيءَ چيو.
قاضيءَ کي چيم، ”جڏهن کان دبئي، قطر جهڙين ننڍين رياستن جي عربن ۽ انهن جي لوفر ڊرائيورن عربي ڊريس ۾ ڪراچي ۽ ٺٽي کان بمبئي بئنڪاڪ تائين ۽ لنڊن پئرس کان فرئنڪفرٽ روم تائين بيوقوفي ۽ٽرڙپائيءَ جو اظهار ڪيو آهي، شريف عربن ان پنهنجي روايتي لباس ۾ نڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي.“
”جيئن اسان وٽ جيڪو گوري کل وارو يورپي اچي ٿو ته ان کي وڏو ماڻهو سمجهون ٿا، تيئن عربن وٽ تيل اچڻ بعد، يورپ پاسي جا ماڻهو هر جبي واري کي عرب سمجهي، اڳيان پويان ٿيا ٿي. ويتر ڪجهه عربن انگلينڊ ۽ يورپ ۾ اچي اهڙا سنسني خيز سخاوت جا ڪم ڪيا جن کي اخبارن رسالن اهڙو رنگ ڏئي مشهور ڪيو جو، هر يورپي عورت جي اها خواهش رهي ٿي ته هڪ عدد اهڙي عرب کي هٿ ڪجي جو پنهنجي شاهه خرچيءَ سان عيش ڪرائي ۽ هنن اڪا ڌڪا ڪجهه اهڙا ڪم ڪيا ٿي جو ڪنهن هوٽل ۾ ڪجهه ڏينهن رهڻ بعد پنهنجي رولس رالس ڪار وڃڻ وقت بئري کي ٽپ طور ڏئي ويو. ڪنهن عرب پئرس جي پنهنجي بنگلي ۾ هڪ فرينچ رنڍيءَ سان هم بستري ڪرڻ بعد صبح جو کيس اهو بنگلو تحفي طور ڏئي ڇڏيو. سڄي يورپ ۾ واهه واهه مچي وئي ۽ پوءِ ڪيترن غير عربن اهي عربن وارا جبا پائي هتي جي ڇوڪرين ۽ دڪاندارن کي خوب بيوقوف به بڻايو. نتيجي ۾ سڄي يورپ ۾ عربي ڊريس بيوقوفي، ٽرڙپائي، هٿ ڦار ۽ عياش هجڻ جي علامت بنجي وئي آهي ۽ هاڻ ڪو شريف ماڻهو ان ڊريس ۾ يورپ ۾ نظر نٿو اچي. گهران (پنهنجي ملڪ مان) نڪري به ٿو ته لنڊن، پئرس، روم جي هوائي اڏي کان هوٽل تائين پهچي پهريون ڪم ان ڊريس کي لاهي ڪٻٽ ۾ رکڻ جو ڪري ٿو.“ ايراني اهو چئي پيئڻ لاءِ ڪجهه کڻڻ ويو. قاضي ۽ آئون اچي دريءَ وٽ بيٺاسين. قاضيءَ چيو:
”عربن جي ڊريس جي هن پاسي ائين بدنامي آهي جيئن پاڻ وٽ اڄڪلهه سنڌي ٽوپيءَ جي آهي. هونءَ سنڌي ٽوپي ڳوٺ جو اهم ۽ باعزت ماڻهو پائيندو هو، جيڪا کيس ڳوٺ جا ماڻهو ڪيترن ڏينهن جي محنت سان سنهو ڀرت ڀري ٺاهي قرب ۽ پيار جي نشاني طور ڏيندا هئا. هاڻ هرڪو گرو گنجو دڪان تان ڏهين پندرهين رپئي واري ٽوپي وٺي مڇ کي وٽيندو هلي.“
”هڪ ڏينهن ايئرپورٽ تي ڪجهه ڳوٺائي دوستن کي ڇڏڻ پئي ويس. شام جا پنج کن ٿيا هئا. صدرکان وٺي ٽرئفڪ جام هئي. پير پير ۾ ڏئي گاڏيون پئي هليون. فرلانگ کن کليو رستو مليو ٿي ته وري اڳيان جاءِ پئي ڏني، پر ٽرئفڪ جو اهڙو نمونو هو جو هرڪو ٿورو هلي وري اڳيان پويان ساڄي کاٻي کان گاڏين رستا ڀري ڇڏيا ٿي. ان ڳتيل ٽرئفڪ ۾ سوزوڪيءَ ۾ هڪ سنڌي ٽوپيءَ ۾ همراهه هارن مٿان هارن ڏئي سڀني کي ڇتو پئي ڪيو. هر هڪ ان سوڙهه ۾ به پاسو ڪري کيس اڳيان پويان پئي ٿيو. هالينڊي ان هوٽل جي سگنل وٽ هن جي گاڏي اسان جي پويان اچي بيٺي. سگنل بند هو پر هن همراهه جو هارن مٿان هارن تان هٿ ئي نه کڄي. مون سان ويٺل همراهه چيو ته لڳي ٿو ته پنهنجي هوائي جهاز کان به پهرين هن جو جهاز ڇٽڻو آهي. بهرحال مٿي جي سور کان بچڻ لاءِ پنهنجي ڪار کي پاسيرو ڪيم ته جيئن اهو اڳيان ٿي ماٺ ڪري. پر اڳيان وڃي وري هارن ڏئي ٻئي کي ڇتو ڪرڻ لڳو. سڄي ٽرئفڪ ۾ بيٺل گاڏين وارن جو ڌيان هن ڏي هو، جيڪو ٽنڊ تي ٽوپي رکي سگريٽ جا ڪش به هڻي رهيو هو ته فل آواز تي ٽيپ رڪارڊر به ٻڌي رهيو هو، ته هارن به وڄائي رهيو هو. منهنجي گاڏيءَ ۾ ويٺل هڪ ڳوٺائيءَ چيو، اهڙن ماڻهن سنڌين کي بدنام ڪيو آهي. اڳيان رستو لڀي ڪونه پر هارن مٿان هارن ڏيڻ جي ٽرڙپائي بند نٿو ڪري.“
”بهرحال اهو هارن مٿان هارن وارو سلسلو هلندو رهيو. سنڌي مسلم سوسائٽيءَ جو سگنل، نرسريءَ جو سگنل، شهيد ملت روڊ وارو سگنل به آيو. هي همراهه ڪڏهن اڳيان ٿيو وڃي ڪڏهن پٺيان. هارن جي اهائي ڌم. ڪارساز واري سگنل وٽ هن جي گاڏي بلڪل منهنجي پاسي کان اچي بيٺي، ”سندهي هو“ مون پڇيومانس. ”نهين ملتان کا هون.“ جواب ڏنائين.
”ڇا تمام گهڻي جلدي ۾ آهين؟“ مون پڇيومانس.
”ها سائين. صاحب سمبوسا آڻڻ لاءِ چيو هو وسري ويا. روزي کولڻ کان اڳ پهچائڻا آهن نه ته دڙڪا ملندا.“
”ڪهڙو اٿئي صاحب؟“ مون پڇيومانس.
”فلاڻو جيڪو ڪسٽم ۾ آهي.“
اتفاق سان منهنجو اهو سڃاڻو هو. کيس پنهنجو ڪارڊ ڏيئي چيم: ”پنهنجي صاحب کي ڏجانءِ ته هي همراهه مليو هو ۽ تو جيڪي هارن ڏئي مٿي ۾ سور وڌو آهي ان کي لاهڻ لاءِ ائسپرو يا ساريڊان موڪلي.“
اهو ٻڌي پاڻ به شڪي ٿيو ۽ شايد ڪجهه خوف به ٿيس: ”سائين معاف ڪجو غلطي ٿي وئي.....“ وغيره.
ڪار ۾ مونسان ويٺل ڳوٺائيءَ ان وقت چيس، ” ڪجهه ته شرم ڪر. رمضان ۾ هڪ ته سگريٽ جا سوٽا هڻندو وڃين، پراها به ڌوڙ ڀلي پاءِ، هارن وڄائي ڏيهه کي ڇتو به ڀلي ڪر، پر گهٽ ۾ گهٽ اها سنڌي ٽوپي ته لاهي ڇڏ. تنهنجي انهن حرڪتن تي جيڪو ڪار وارو يا واٽهڙو سڙندو پچندو هوندو اهو سنڌين کي گاريون ڏيندو هوندو.“