پاڳل آهي
يارهين بجي ڌاري چيف انجنيئر راحت عزيز اچي در کڙڪايو. آئون به ڪافي دير کان پڙهائي ڪري رهيو هوس ۽ هاڻ ٿوري رسيس ڪرڻ جي موڊ ۾ هوس. راحت جو آواز ان وقت ڀاڳ وارن ملائڪن جو سمجهي يڪدم ڪتاب بند ڪيم.
”اچ يار اچ. ڪهڙي خبر چار آهي؟“ مون در کولي راحت کي اندر اچڻ لاءِ چيو. پر پاڻ اچڻ بدران هاسٽل جي ڊگهي ورانڊي ۾ ئي بيهڻ پسند ڪيائين. ان ڪري آئون به ٻاهر نڪري بيٺس.
”يار اڄ ڀلاري ڏينهن تي پڙهائي ڪري رهيو آهين.“ هن چيو.
”ڀلارو آهي ته عيسائين لاءِ جيڪي چرچ ۾ ويا آهن باقي هندو، ٻڌ ۽ ٻيا سڀ امتحانن جي تياري پيا ڪن. بهرحال ڪهڙي خبر چار؟“ هونءَ ڪنهن جي اچڻ ۽ ڊسٽرپ ڪرڻ ۾ مونکي بيزاري ٿيندي آهي پر ان وقت آءُ بڪ شڪ ڪرڻ جي سخت موڊ ۾ هوس. آيل شڪار کي وڃڻ نٿي ڏيڻ چاهيم. ڪير ڪيترو به اڪيلائي پسند هجي ۽ پنهنجو پاڻ کي ڪيترو به ڪتابن ۽ لکڻ پڙهڻ جهڙن ڪمن ۾ Self Occupied (مشغول) رکي ته به روزانو ڪي اهڙيون گهڙيون ضرور اچن ٿيون جن ۾ هڪ انسان ٻئي سان ڳالهائڻ ٻولهائڻ چاهي ٿو.
”بس ڪا خاص خبر ناهي“، راحت چيو، ”اهو پڇڻ آيس ته ٻاهر وڃين ته مون لاءِ ماکي وٺي اچجانءِ ته ڊبل روٽيءَ سان نيرن ڪريان. اڄ موڪل ڪري ميس ته هرگز نه کلندي. سڀان پرينءَ تي هونءَ ئي ڇنڇر آچر جي موڪل آهي.“
وڃڻ ته چاهيان ٿو پر ٻڌو اٿم ته ايسٽر ڪري اڄ دڪان بند آهن. ڪنڊ تي جيڪا فلسطيني جي پيڊي آهي اها به اڄ بند آهي.“
اسان جي هاسٽل جي ٻاهران هڪ فلسطيني رفيوجيءَ جو ننڍڙو هٽڙو آهي، جيڪو هو موڪل وارن ڏينهن تي به کولي رکندو آهي. هرشيءِ جا اگهه سو اهڙا هوندا اٿس جو گراهڪ جي ابتي کل لاهيندو آهي. پر ٻيا دڪان بند هجڻ ڪري، مجبوريءَ جي حالت ۾ ماڻهو هن وٽ به پهچي ويندا آهن. پر اڄ هن جو دڪان بند رکيو آهي، شايد سندس عيسائي پوڙهي محبوبا جي چوڻ تي، عرب ملڪن ۾ جيئن مڪاني عربن کي ٻاهران چار ماڻهو (آيا، بواءِ، ڪُڪ ۽ ڊرائيور) گهرائي پاڻ وٽ رکڻ جي اجازت هوندي آهي (جنهن کي هو اي، بي سي، ڊي ويزا سڏين ٿا) تيئن سئيڊش اڪيلين پوڙهين عورتن کي هڪ عدد ڪتي يا / ۽ هڪ عدد ڌارئين مرد کي پاڻ وٽ ٽڪائڻ جي اجازت آهي. ٻه سال رهائڻ بعد هن کي آٽوميٽيڪلي سئيڊن جي شهريت (پاسپورٽ) مليو وڃي. ان بعد هو ان قيد مان نڪرڻ چاهي ته به آزاد ٿي سئيڊن ۾ رهي سگهي ٿو. سو نه فقط هي فلسطيني سليمان، پر ڪيترن ئي مسلمان ملڪن جا همراهه هڪ عدد هتي جي پوڙهيءَ سان نڪاح يا بنا نڪاح رهيل نظر ايندا.
”پوءِ ڀلا ڇا ڪجي؟“ راحت مونکي خيالن جي دنيا مان ڪڍيو.
“دڪان ته بند آهن. چئين ته بس ۾ هلي چڪر هڻي اچون. موسم واهه جي ٿي وئي آهي.“ مون صلاح ڏني. پاڻ وٽ موسم واهه جي ٿي وئي آهي معنى جهڙ ٿيو آهي يا بوندا باندي پئي ٿئي. پرهن پاسي _ خاص ڪري يورپ جي اتراهن ملڪن ۾ موسم واه جي تڏهن ٿيندي آهي جڏهن سج نظر ايندو آهي، اس نڪرندي آهي.“
”دل ته منهنجي به ڏاڍي چوي ٿي، جو ڪيترن ڏينهن بعد اڄ اس نظر آئي آهي ۽ ٽيمپريچر به پنجن جمان نَو ڊگريون ٿي ويو آهي.“ راحت چيو.
”ته پوءِ واروڪر. انکان اڳ جو يورپ جي موسم اسان جو گهمڻ زهرڪري، جلدي شهر جو چڪر هڻي اچون. متان ڪو دڪان به کليل هجي.“
”پر منهنجي طبيعت صحيح ناهي. اڄ نه سڀان هلنداسين.“ راحت وراڻيو.
ايتري ۾ منهنجي ساڄي پاسي وارا ٻه ڪمرا ڇڏي ٽئين ۾ رهندڙ ڪولمبيا جي ائنا روزا سامهون ايندي نطر آئي. پاڻ جتي پوتيءَ ۾ هئي، يعني اوورڪوٽ مفلر ۾“ تنهنجي معنى ٻاهران ٿيو پئي اچي.
”مائي ائنا ڪر خبر، دڪان کليل آهن يا بند؟“ مون پڇيومانس، پر هن نه سمجهيو ۽ وائڙن وانگر نهارڻ لڳي.
”هاڻ وري آهستي تون پڇينس“، راحت کي چيم، ”هي ڏکڻ آمريڪا جا، اسپيني ڳالهائڻ وارا انگريزي ڏاڍو ڏکيو سمجهن ٿا.“
منهنجي چوڻ تي راحت هڪ هڪ لفظ الڳ الڳ چئي جملو پورو ڪيو.
”ڪجهه بند آهن پر اوپن مارڪيٽ جا کليل آهن، شايد.“ ائنا روزا جيئن تيئن ڪري جملو پورو ڪيو ۽ اسان سندس ڳالهه سمجهي، پر آخر ۾ اهو لفظ شايد (Perhaps) خبر ناهي ڇو ڳنڍيائين. ان اسان کي منجهائي وڌو. هونءَ ته هي اسپيني ۽ فرنيچ ڳالهائيندڙ آفريڪي، جيڪو نئون لفظ سکندا آهن اهو ضرورت هجي يا نه، زور ڪري پيا ورجائيندا آهن- خاص ڪري هيءَ ائنا روزا ته ان ڪم ۾ هيڊ ماسترياڻي آهي.
”پوءِ تو ڇا ورتو؟“ راحت يا شايد مون کانئس پڇيو.
”مون ڪجهه ڪونه ورتو جو دڪان بند هئا.“ هن وراڻيو.
”پر تو ته چيو ته کلُيل آهن.“ اسان تعجب مان پڇيس.
”اوپن مارڪيٽ ۾ جهڙو کليل هئا.“ ائنا روزا جيڪا پاڻ ته هميشه وانگر منجهيل آهي، هاڻ اسان کي منجهائڻ لڳي.
”ڏس!“ مون آهستي آهستي انگريزيءَ ۾ جملو ٺاهي کيس سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي، ”اوپن مارڪيٽ ۾ ته پٽ تي يا گاڏن تي ڀاڄي ۽ ميوا رکي وڪڻندا آهن. تنهنجو مطلب انهن دڪانن سان آهي؟“
”اهي بند هئا. پاسي وارا کليل هئا.“ ائنا ٻڌايو.
”انهن تان ڊبل روٽي ۽ بيضا ملي ويندا؟“ مون پڇيو.
”کليل هوندا ته ملي ويندا؟“
”ڇا مطلب؟ تون ته چئين ٿي ته اهي کليل آهن.“ اسان چيس.
”چوان ٿي، پر مونکي پڪ نه آهي ته کليل هئا يا نه.“ ائنا چيو.
۽ هاڻ راحت وري ڪجهه پڇڻ وارو هوس پر ايتري ۾ هندستاني شاگرد (مسٽر وجئي هانڊا) اچي ويو، تنهن ائنا روزا جا اهي آخري لفظ ٻڌي، اسان کي اڙدوءَ ۾ چيو:
”پاگل هي سالي. سائيڪل جڏهن کان ورتي آهيس، هر وقت لوفرن وانگر هلائيندي وتي. هينئر به ان کي هلائي هِتان هُتان رلي آئي آهي. اوپن مارڪيٽ جي چوڌاري جيڪي فرنيچرن جا دڪان آهن انهن لاءِ سمجهي پئي ته کليل آهن، جيتوڻيڪ اهي به بند آهن پر انهن جون هميشه ٻرنديون رهن ٿيون، سو هيءَ سمجهي ٿي ته اهي کليا پيا آهن.“
”پڙهڻ ۾ڪيئن آهي؟“ مون وجئي کان پڇيو، جيڪو ساڳئي سبجيٽ ۾ هن سان گڏ ايم ايس سي ڪري رهيو آهي. وجئي بمبئيءَ ۾ ڪنهن جهازران ڪمپنيءَ جو مئنيجر آهي. بيحد ذهين آهي ۽ پنهنجي ڪلاس ۾ نمبر کڻندو آهي.
”صفا چٽ آهي، جنهن کي Density، ماس ۽ واليوم جهڙيون شيون نٿيون اچن، اها ڇا هوشيار هوندي.“ وجئي ٻڌايو.
”اها ڳالهه ناهي،“ راحت چيو، ”فزڪس ۾ سو موڳي آهي، اهو پاڻ به چوي ٿي ته هن ننڍي هوندي فزڪس نه پڙهي هئي، باقي حسابن ۾، ايڪانامڪس ۾ يا بندرگاهه جي ڪمن ۾ هوشيار آهي ۽ ايم ايس سي به ان ئي ڪم Ports & Shiping Admimistration ۾ ڪري رهي آهي.“
”پر پروفيسر ڪو سوال پڇندو آهيس ته جواب کان آڱوٺو ڪڍي ويهندي آهي.“ وجئي راحت کي چيو.
”اهو پاڻ چوندي آهي ته کيس سڀ اچي ٿو پر انگريزيءَ ۾ جواب ڏيندي شرم ٿو اچيس. اسپينيءَ ۾ ڪو پڇيس ته خبر پوي.“ راحت ٻڌايس.
”آئون سمجهان پئي وجئي منهنجي گلا ڪري رهيو آهي.“ ائنا روزا آخرڪار ڪڇي.
”چوي ٿو تون صفاچٽ آهين.“ راحت چيس.
”اڙي ڀائي راحت! هي تون ڇا ٿو چوينس.“ وجئي چيو.
”وجئي جنهن ڪمپنيءَ جو مئنيجر آهي ان جي جهازن کي ڏسي رهنديس. رڳو منهنجي ملڪ ڪولمبيا جي ڪنهن بندرگاهه ۾ سندس ڪمپنيءَ جو ڪو جهاز داخل ٿئي ته Arrrest ٿي ڪرايانس.“ ائنا چيو.
”توهان سائوٿ آمريڪن جو ٻيو ڪهڙو ڪم. مڙيئي اهاني بهاني ٿي رشوت وٺڻي.“ وجئي ڪجهه چڙ مان چيو پر جلدي چوڻ تي ائنا سمجهي نه سگهي.ڳالهه جو ٽاپڪ بدلائڻ لاءِ مون وجئي کي مخاطب ٿي چيو.
“So Vijay! What is good News?” ڪا سٺي خبر ٻڌاءِ.
وجئي پنهنجي مخصوصي انداز ۾ چيو: ”اڙي ڀائي هتي سئيڊن ۾ ڇا Good News ٿي سگهي ٿي، ها بس اهائي سٺي خبر آهي ته اڄ اس نڪتي آهي. موسم في الحال واهه جي ٿي وئي آهي.“ اهو چئي وجئي به پنهنجي ڪمري ۾ هليو ويو. ائنا ڪجهه گهڙيون ان کان اڳ ئي رواني ٿي چڪي هئي.