هن قسم جي يونيورسٽيءَ جي ضرورت
جهازن جي سائيز ۽ نمبر وڌڻ سان گڏ جهازران ڪمپنيون به وڌي ويون آهن ۽هر ملڪ ننڍو وڏو پنهنجي ملڪ جي عزت خاطر هڪ عدد نئشنل ڪمپني به ٺاهڻ لڳو آهي. جيئن پاڪستان 1964ع ڌاري نئشنل شپنگ ڪارپوريشن ٺاهي. ان بعد سريلنڪا وارن سلون شپنگ ڪارپوريشن ٺاهيو ۽ پوءِ سنگاپور ملائيشيا وارن ۽ اهڙي طرح اڄ ڪيترن آفريڪي ۽ ڏکڻ آمريڪي ننڍن ملڪن کي پنهنجون قومي جهازران ڪمپنيون آهن ۽ ان کان علاوه ڪئين خانگي ڪمپنيون آهن.
انهن سڀني ڳالهين مان نتيجو اهو نڪتو ته هر هڪ پنهنجو پنهنجو قاعدو قانون ٺاهي ان موجب هلڻ لڳو. جهازن جي ٺهڻ، لوهه جي ٿولهه کان وٺي هلائڻ وارن جي چونڊ تائين ڪيتريون ڳالهيون هڪ ٻئي کان مختلف ٿينديون پئي ويون. هونءَ ننڍا جهاز هئا.ڀڄندا هئا ته ڪو گهڻو نقصان نه ٿيندو هو. پر هاڻ جڏهن تيل جا سپر ٽئنڪر ڀڄن ٿا ته انهن مان لکين ٽن نڪتل تيل، سمنڊ ۽ ڪناري (Beaches) جا سوين ميل خراب ڪريو ڇڏي ۽ ان ايراضيءَ ۾ رهندڙ مڇيون ۽ سامونڊي پکي، جانور تباهه ٿيو وڃن.
اڳ ۾ ڪو جهازي ڏنڊي تي مٿي چڙهي سڙهه ٺاهيندي ڪِري پوندو هو ته سندس لاش کي ٽنگ ۾ هٿ وجهي سمنڊ ۾ اڇلي ڇڏيندا هئا. ٻن چئن يا ڇهن مهينن بعد جهاز واپس بندرگاهه ۾ ايندو هو ته جيٽيءَ تي سندس انتظار ۾ بيٺل زال کي جهاز جو ڪئپٽن ڪلها لوڏي چوندو هو، ”مئڊم! مڙسين پير ترڪڻ ڪري مري ويو. ويري ساري.“ ۽ زال روئي پٽي گهر هلي ويندي هئي. پر هاڻ انشورنس ڪمپني چاهي ٿي ته ڪنهن جو حادثو ٿئي. بهرحال هن صديءَ جي جهازي توڙي هر ملڪ جي حڪومت جو اهو نعرو آهي: Safety at sea & Cleaner Oceans. سامونڊي زندگيءَ کي گهڻي کان گهڻو سلامتيءَ وارو بنايو وڃي ۽ سمنڊن کي گند ڪچري (تيل ۽ ٻين نقصانڪار شين) کان بچايو وڃي.
۽ ان ڳالهه کي منهن ڏيڻ لاءِ سڀني ملڪن جي واسطيدار ماڻهن کي هڪ هنڌ ويهي سخت کان سخت قاعدا قانون ٺاهڻ کپن، جنهن ۾ جهاز جي لاءِ ڪوڪي ڪليءَ کان جهاز جي لوهي جسم لاءِ لوهه جي ٿولهه ۽ Compostion جو فيصلو ڪرڻ کپي. جهاز هلائيندڙ آفيسر لاءِ ضروري سبجيڪٽ وڌايا وڃن ۽ امتحان ڏکيو ڪيو وڃي، جيئن هن فيلڊ ۾ فقط اهي اچي سگهن جيڪي دماغي ۽ جسماني طرح چست، ذهين ۽ بهتر کان بهتر هجن، جيئن ڏکئي حالت کي سمجهي، جهٽ پٽ سوچي ۽ منهن ڏيئي سگهن ۽ خطري ۽ حادثي جو Chance بنهه Zero Percent رهي. ان کان علاوه جهازي ڪمپنين کي بهتر کان بهتر نموني سان ڪيئن هلائجي، جيئن جهازن جي مالڪن يا ملڪ کي نقصان نه ٿئي يا بندرگاهن کي صحيح ڪيئن رکجي وغيره وغيره. انهن مڙني شين کي يونائيٽيڊ نئشن جو I.M.O ادارو ڏسي ٿو ۽ هيءَ يونيورسٽي آءِ. ايم. او (International Maritime Organization) وارن طرفان ٺاهي ويئي آهي. جتي مختلف ملڪن جي جهازن (ڪئپٽن ۽ چيف انجنيئر) ۽ بندرگاهن سان واسطو رکندڙ آفيسرن ۽ شپنگ منسٽري جي واسطيدارن ٽيڪنيڪل آفيسرن کي ٻن سالن لاءِ تعليم سان گڏ مختلف هنڌن تي فيلڊ ٽرپ لاءِ گهمايو وڃي ٿو. شاگردن جي آخري چونڊ ورلڊ مئريٽائيم يونيورسٽي (W.M.U) جو داخلا بورڊ ۽ انٽرنئيشنل مئريٽائيم آرگنائيزيشن (I.M.O) جو ادارو ڪري ٿو. پوءِ ڪنهن ملڪ مان هر سال ٻه يا ٽي گهرايا وڃن ٿا. ڪنهن ملڪ (خاص ڪري فجي، هانگ ڪانگ، سنگاپور، سموئا، ٽونگا جهڙن ٻيٽن) مان هڪ يا ٻه گهرائين ٿا. ڪڏهن نه به. جيئن اسان جي هن سال جي بئچ ۾ ڪيپ وردي ٻيٽ، مارشل ٻيٽ، ترنيڊاڊ ۽ تباگو ٻيٽ جا شاگرد آهن، پر گذريل سال انهن هنڌان ڪوبه نه هو. ۽ گذريل سال (يعني فائينل سال) جي شاگردن ۾ مئڊاگاسڪر (ملاگاسي)، موريسش جهڙن هنڌن جا آهن. ڪيپ وردي ٻيٽ ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ آهي. يورپ انگلينڊ کان نيويارڪ ويندي رستي تي پوي ٿو. مارشل ٻيٽ پئسفڪ سمنڊ ۾ فجيءَ جي اتر ۾ آهي. ٽرنيڊاڊ ۽ ٽباگو ويسٽ انڊيز ٻيٽن مان آهن جتي جا ڪرڪيٽ رانديگر دنيا ۾ مشهور آهن. مونکي به اڃا سڀني جي خبر نه پئي آهي ته ڪير ڪٿان جو آهي. پر ڪرڪيٽ جي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان جو چئمپين ٿيڻ تي پهرين هنن همراهن اچي مبارڪ ڏني.
”جيتوڻيڪ اسان (ويسٽ انڊيز) وارن نه کٽيو. ان جو ايترو افسوس نه اٿئون جيترو توهان جي کٽڻ جي خوشي ٿي آهي. توهان انگلينڊ جهڙي ملڪ کي پادر هنيا آهن.“ ٽرنيڊاڊ جي شيدي چيف انجنيئر ڊئوڊسن ۽ ڪئپٽن فلپ چيو.