پنهنجي پاران
جيڪي فراقان، سووصالان نه ٿئي.
اها اڌ ڳولا جي تڙپ ئي آهي جيڪا هڪ نئين تخليق کي جنم ڏئي ٿي ۽ نئين ساز ۾ سوز ڀري ڏياج کي ڪنڌ ڪوري ڏيڻ تي مجبور ڪري ٿي. اسان جي تخليق ته پاڻيءَ جو هڪ فوٽو ئي ته آهي. پل ڀر اڀري پل ڀر ۾ ڀسم ٿئي. تخليق ته ڪائناتي رنگن ۾ عيان آهي. جنهن جي ساراهه ۾ سمورا لفظ اڻپورا ۽ بي چسا ئي محسوس ٿيندا. دنياوي رشتن ۽ الجهنن ۾ جڪڙيل سماج اندر هڪ تخليقڪار جي تخليق جو ڪهڙو ڇيد ٿي سگهندو. جتي هر هٿ ۾ پٿر جو تصور ذهن ۾ گهنڊ جيان وڄڻ لڳي اتي حقيقي تخليقي عمل جو موت يقيني بڻجي ٿو. پاڻ يوسف جي خريدارن ۾ نانوَ لکرائڻ لاءِ آڱر ڪٽرائڻ جي به سگهه نه ٿا ساري سگهون، ڪنهن جي تخليق سان ڪهڙو انصاف ڪري سگهنداسين.
جان جان پسين پاڻ کي، تان تان ناهه سجود،
وڃائي وجود، تهان پوءِ تڪبير چئو.
(شاهه)
سچ ته اهو آهي جو اسان پاڻ کي لطيفي راهه جو راهي سڏائي پنهنجو پنهنجو الڳ رستو جوڙيو آهي، ڄڻ ڪا منزل اجهو آئي، اکيون، گهڻن سپنن جي جلد ساڀيان پسڻ گهرن ٿيون، پوءِ ڀل منافقن جي قطار ۾ سڀ کان اڳ ۾ بيٺل ڇو نه هجون، ها اسان اهڙي سماج جو ئي حصو آهيون. جتي معاشري جي سڌاري لاءِ تخيلقڪار جو بي موت مري وڃڻ ڪا معنيٰ نه ٿو رکي، پر پوءِ به اسان لکون ٿا. ڪنهن کي وڻون يا نه وڻون، هر ڪو پنهنجي ڪرت نڀائيندو پيو اچي. ليکڪن خاص طور شاعرن جو انگ ڳڻپ کان ٻاهر آهي، هر ڪو پنهنجي رنگ ۽ ڍنگ سان “مين نعره مستانه” جي مستيءَ ۾ گم آهي. ائين کڻي چئجي ته پنهنجي سوچ جو دائرو به انهن مڙني مامرن سان ڳڱاٽيل آهي ته غلط نه ٿيندو.
پنهنجي تخليقي پورهئي “تون، مان ۽ خدا” کان پوءِ هن شعري مجموعي “سمبارا” تائين جو سفر انيڪ وارتائن ۽ اندروني ڀڃ ڊاهه جي اهڙين ڪيفيتن مان گذريو آهي. جنهن کي چاهيندي به قلمبند ڪرڻ کان قاصر آهيان، 12 سالن جي گهر بدري ۽ تخليقي پنن جي وڃائجي وڃڻ بعد دوستن جي اسرار هڪ گوشه نشين شاعر کي جنجهوڙي پنهنجي بچيل بي ترتيب ڪوتائن کي سهيڙڻ تي مجبور ڪيو، سمبارا ۾ شامل ڪوتائون ڪجهه نڪور ۽ اڻ ڇپيل به آهن ته ڪجهه پهرين ڪتاب جون به زينت بڻيل آهن جن مون ناچيز کي هڪ شاعر جي سڃاڻپ ڏني. پنهنجي پهرين مجموعي جي اشاعت ۾ مليل محبتي موٽ جو قرض شايد مان زندگي ڀر لاهي نه سگهان. ان ڪتاب آڌار مليل محبتن جو ڀنڊار پنهنجي وجود مٿان هميشه محسوس ڪيو آهي. هڪ ڏهاڪي کان وڌيڪ سنڌي صحافت کي زندگي ارپيندي تخليق پنهنجو روپ مٽائيندي رهي آهي. سچ ۽ حق جي راهه وک وک تي ڪنڊن سان استقبال ڪيو ۽ پاڻ ٿڙي ٿاٻڙجي به گگهه اونداهه ۾ جيڪڏهن روشنيءَ جا ڪجهه ڪرڻا پکيڙيا به ته ان ۾ ڪجهه ساٿين جي ساٿ کي درگذر نه ٿو ڪري سگهجي.
هن ڪتاب جي ارپنا لاءِ پنهنجي وڇڙي ويل ادبي دوستن جي حياتيءَ جي تصوير ڏيڻ ضروري ڀانئيم، ان سلسلي ۾ پياري دوست انجنيئر برڪت علي مرکنڊ جي تصوير هٿ ڪرڻ لاءِ وڏا ڪشالا ڪرڻا پيا، الائي ڇو ان کانسواءِ هي ڪتاب اڌورو پئي محسوس ٿيو ۽ نيٺ پياري شاعر دوست اياز سومري ان مشڪل کي آسان بڻائي، سندس گهر جا ڪيترائي چڪر ڪاٽي تصوير هٿ ڪري ڏني، آنءُ اياز سومرو جو نهايت ئي مشڪور آهيان. هن ڪتاب جي اشاعت دوران مفيد مشورن سان نوازيندڙ ادب دوستن خاص طور پياري دوست ۽ ساٿي پبلشر سعيد سومرو، مشتاق گبول، گل بهار باغائي ۽ مخمور رضا جا وڏا وڙ جڏهن ته سائين مير محمد پيرزادو جا خاص طور ٿورا جنهن منهنجي ننڍڙي گذارش کي مان ڏيندي بيماريءَ جي بستري تان ايترو جلد مهاڳ لکي ڏنو، اڻ ڳڻيا ڳڻ سانئڻ فوزيه بانو ۽ پياري علينواز آريسر جا جن تفصيل سان منهنجي شاعري ۽ شخصيت جو ڇيد ڪيو، ان کان سواءِ ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، اياز گل، سعيد ميمڻ، اياز جاني، ڊاڪٽر احسان دانش، ساحر راهو، رضوان گل، فهميده شرف بلوچ ۽ شبانه سنڌي جا تاثرات پڻ مون لاءِ چاهه ۽ اتساهه جو سبب بڻيا. هن ننڍڙي ڪاوش متعلق اوهان پڙهندڙن جي ڪارائتي راءِ جو اوسيئڙو رهندو.
ساجد سنڌي
03003513966