ساجد ۽ سمبارا جو سنگم
سنڌ جي ڌرتي پنهنجي جهول ۾ اڻ مڻيا ماڻڪ تاڻيا آهن، جنهن ۾ تخليقي صلاحيت جا قطره نه بلڪه سمنڊ سمايل آهن، شاعرن جي باري ۾ ڪجهه عرصو اڳ ۾ لکيو ويو هو ته سنڌ ۾ ايترا آهن، جيئن....؟ نالو ان لاءِ ان جانور جو نه لکيم جو اسان وٽ ”وات“ هڻڻ جي ۽ هڪٻئي کي رهنڊون ۽ رهڙيون پائڻ جي عادت آهي، جانورن جو ته مڙئي نالو آهي.
”ساجد سنڌي“ جيڪو لاڙڪاڻي جي قيمتي مٽيءَ جي بٺي ۾ گهڙجي سنڌ جي عظيم عمارت ۾ ڪنهن پختيءَ سِرَ جيان مونکي لڳو، تنهن پنهنجي صلاحيتن کي ته اجاگرڪرڻ جي جاکوڙ ڪئي بلڪه ان سان گڏ ان سموري سٿ کي اڳتي آڻڻ جي جستجو به جاري رکي، جيڪي ان جا همعصر به هئا ۽ دوست به هئا. اسان وٽ اِها روش گهٽ آهي ته ڪنهن کي پاڻ کان اڳتي ڏسون پر ساجد ۾ اها صلاحيت اُتم آهي. مون کي شروع ۾ چيو هئائين ته ٻيو ڪتاب آڻبو پر ان تي توهان کي لکڻو پوندو... ان دوران هُنن جي ڪجهه دوستن به سندس کي ئي چئي، پنهنجي ڪتابن تي ڪجهه نه ڪجهه مونکان لکرائي ورتو... پر ساجد پاڻ ماٺ ڪري ويهي رهيو، ٻين جا لفظ سهيڙيندي ميڙيندي پاڻ کي ڄڻ وڃائي ويٺو... جڏهن ڪل پيس ته هڪدم پاڻ کي “مار پوئي” چئي ڇرڪ ڀري ان جڳهه تان گهڙي کن اٿي پنهنجي اڻپورن خيالن کي وري گڏ ڪري ميڙي سهيڙي چيائين ته تون لکندينءَ....؟ نه ته بس....
سنڌ جي “ادبي دنيا” “عجب پريم ڪي غضب ڪهاني” جيان آهي. جت گهڻي ڀاڱي ”ليکڪ“ ڪنهن جي دوستي ۽ ساٿ کي اڪثر ڪري گهٽيءَ ۽ گهيڙن جي گند جي ڍيرن جيان سمجهندا آهن. جن تي هو رهندا به آهن ۽ وري لنگهندا اتان نڪ تي رومال رکي آهن. ساجد سنڌي هميشه ان گندن جي نشاندهي ته ڪئي آهي پر گهڻي ڀاڱي ان کي صاف ڪرڻ جي ڪوشش به ڪئي آهي. ”تخليقڪار“ مرد آهي ته هن کي اختيار ۽ اٿارٽي مليل آهي ته هو جهڙو چاهي جيئن چاهي ڏسي ۽ وري ان تي بيباڪيءَ سان لکي... ان لاءِ عورت کان وڌ موقعا عورت کان وڌ مطالعي ۽ مشاهدي جا گس مرد جي حصي ۾ ٿا اچن ۽ ان جو فائدو ساجد سنڌي کي به ٿيو آهي ۽ “او کجين جي شهر واري ڇوڪري!” جي نظم ۾ هن ان جو فائدو وٺندي اظهار جا سڀ مٽ اوتيا آهن جنهن ۾ پراڻي مڌ جو ذائقو به آهي ۽ ڪسارائپ به آهي ڇو جو حقيقت ڪڏهن ڪڏهن اوهان جي وات کي نه بلڪه زندگي جو ذائقو به مٽائي ڇڏيندي آهي. ننڍڙيون خواهشون ساجد جي شاعري ۾ جابجا نظر اينديون، شايد ان لاءِ جو هن جي اندر ۾ هڪ ننڍڙو معصوم ٻالڪڙو رهي ٿو جيڪو مُٺ ۾ واري گڏ ڪرڻ جي بجاءِ ان کي هيڏي هوڏي خود اڏاري ڇڏي ٿو. معاشرو سمورو خاص ڪري سنڌ جو سَنڌن ۾ سور جيان ٿي ويو آهي. جيڪو آهستي آهستي ڄڻ لاعلاج ٿيندو پيو وڃي. انصاف جي ڳولها ساجد جي هن سٽن ۾:
“انصاف جي اکين تان ڪاري پٽي ته کوليو
هن ديس ۾ امن جا، پنڇي اڏي مرن ٿا”
اوهان کي صاف ۽ چٽي نظر ايندي. “حقن جي ڳالهه هجي” يا جلادي شهر جي ڪٿا هجي، ساجد پاڻ ملهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ مون پهريون دفعو “جلادي شهر” جو اصطلاح پڙهيو آهي،
مڃون ٿا، جلادي شهر ۾ نپيا هون
اڀي ٿيل آڱر وڍڻ ڪين ڄاڻون
چئون ٿا ڪبوتر ڪچا پَر پکيڙي
مگر سچ ته ڪانئر ڪڍڻ ڪين ڄاڻون
نه چوندي به هنن سٽن ۾ سندس اندر جي درد جو هڪ وسيع جهان سندس ڏات کي خنجر جي تشبيهه ڏيڻ تي مجبور ڪيو آهي ته:
ڏات- خنجر، ڌار آهي شاعري
ڪا ڪويءَ ڪوڪار آهي شاعري
هونئن به تخليق آهي ئي هڪ درد جو سفر ۽ تخليقڪار ته حالتن کي ڏسڻ ۽ پوءِ سهڻ جو تصور نٿو ڪري سگهي ڇو جو مذهبن جي نظر ۾ ليکڪ اگر ڪنهن به انياءَ تي دسترس رکندي به نٿو لکي، اهو ليکڪ چورائڻ جو به حق نٿو رکي ۽ ساجد ان فرض کي به نڀائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته:
روئن رت ڦڙا اکيون ڇو نه پنهنجون،
اجها ٿي اباڻا، بلڊوز ويا هن.
يا هنن سٽن ۾ هن منفاقي واري رويي کي خوب محسوس ڪندي چئي ڏنو آهي:
ڌپ آئي منافقيءَ جي،
هن سان گفتگو ڪيان ٿو.
چوندا آهن ته ماڻهوءَ تي ڪيوپر جو تير جڏهن لڳندو آهي ته هو خودبخود شاعر ٿيو وڃي. اسان جي سنڌي شاعري ۾ حُسن ۽ حسينا الڳ هرگز ناهن، محبوب کي اگر نالي سان به سڏجي تڏهن به هڪ نالو ”حسينه“ ذهن ۽ من جي ڪينواس تي اڀري ضرور ٿي اچي ۽ ساجد به ان حسينه جي چڪر ۾ ڦاٿل ئي آهي. جيڪو سندس هن غزل جي سٽ سٽ ۾ سمايل آهي ۽ سعيد ميمڻ جي لفظن ۽ سٽن ۾ سمايل سانوري حسينه ساجد کي ڇهي ڄڻ روشني عطا ڪري ويس، سندس چواڻي ته:
زندگيءَ ۾ ڪنهن حسيناکي ڏٺم
دل سڃيءَ ۾ ڪنهن حسينا کي ڏٺم.
يا وري
اي حسينا کڻي جلوا موٽي وڃ
زندگي جا حسين لمحا موٽي وڃ
خوبصورت تشبيهن سان رچيل ساجد جي شاعري مونکي متاثر ڪندڙ لڳي، ڪاغذي پيرا هن ته ٻڌوسين، ڪاغذن تي اڪريل لفظن جو آواز به ٻڌوسين. ڪاغذن تي پنهنجا ڳوڙها ٽمندي به ڏٺاسين.ڪاغذن تي اندر جي اڌمن، احساسن ۽ جذبن جا سڀ سٽ سٽ سور سهيڙي هڪ ٻئي کي خط لکندي ۽ پڙهندي به ڏٺاسين پر.... ساجد چواڻي:
اوهان ۽ اسان ڪاغذ جو رشتو،
وساريو متان ڪاغذ جو رشتو.
پهريون دفعو پڙهڻ لاءِ مليو آهي ۽ اهو نهايت خوبصورت لڳو، مون کي ذاتي طور اهو غزل، ڇو جو چند سٽن ۾ ڪاغذ تي اڪريل رشتن جو نمايان طور “ڪاغذ” کي بليڪ اينڊ وائيٽ مان رنگين ڪري ويو آهي. هونئن به اها حقيقت آهي ته شاعري ٿورن لفظن ۾ به نثر جي مقابلي ۾ گهڻو بيان ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي...
لاڙڪاڻي جو ماڻهو هجي ۽ ”موئن جو دڙو” تي نه لکي بلڪه منهنجي خيال ۾ ته.. سنڌ جو هر تخليقڪار “موئن جي دڙي” جي مٽيءَ مان ڳٿل ۽ ڦٽل آهي ۽ مڪليءَ جو قبرستان ڄڻ سندس مسڪن ۽ آستانو آهي.
‘سمبارا’ ڇا آهي؟ سمبارا ڇو آهي؟ ٻن لفظن ۾ هزارين سالن جي ڪٿا کي ڪٿي سمائجي، ٻن جنمن جي ڪهاڻي کي ساجد ”سمبارا“ نظم ۾ سمائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. رقص، ”رقاصه“ ،“مي ر قصم“ اصل ۾ سروم دکم دکم جي اهو سلسلو ۽ تسلسل آهي جيڪو ”تيري عشق نچايا“ جي ڇم ڇم تي پڄاڻيءَ تي نه ٿو رسي.
جيئن سعيد ميمڻ چواڻي ته:
مان اهو سانورو مصور هان،
تون اها نرتڪي آن موهن جي.
سمبارا پڙهي حسن درس جي “رقاصه” به ذهن تي تري آئي:
رقاصه قلندر تي بيٺي نچي
چوان ڪيئن ته مجرو ڪري ٿي پئي.
۽ وڏي ڳالهه ته صدين جي هن سفر جي ڪٿا بخشڻ مهراڻوي به “اسان جا درد صوفي هن” ۾ ڏاڍي مٺي انداز ۾ بيان ڪئي آهي، موئن جي دڙي ۾ هزارين سالن جي تهذيب اسان وٽ بنا ٻولي جي في الحال پهتي آهي. بلڪل ائين جيئن اوائلي دؤر ۾ خاموش فلمون هيون. جنهن ڏينهن ان ٻولي کي آواز مليو، خبر ناهي ته ڪهڙا انداز نروار ٿيندا ۽ ”سمبارا“ نرتڪي ناچڻيءَ سان ٿيل وارتا ڇا ظاهر ڪندي ان جو ادراڪ گهٽ ۾ گهٽ مونکي ناهي، پر ساجد کي ضرور آهي:
هوءَ جا انگ اگهاڙي هر پل
ڇم ڇم،ڇم ڇم، ڇير وڄائي
ساري گا ما پا دا ني سا
ورلاپن جي رمز ۾ گم ٿي
هوءَ جا ناچ نچي ٿي وک وک
ڪايا، مايا رقص ۾ آهي.
نيڻ نديءَ ۾ رقصان پاڇا....!
هيءَ نظم پڙهندي مونکي ڏيڍ سو سال پراڻي ڪپرالا جي ننگلي جي ڪهاڻي ياد اچي ويئي جنهن ۾ ڪپرالا جي وڏي حصي ۾ نرانڪور راجه حڪومت ڪندو هو. نسل پرستي جو ٻج اڄ به جيئن ڇٽيل آهي تيئن اتي گهٽ ذات وارين عورتن کي پنهنجون ڇاتيون ظاهر ڪري هلڻ جو حڪم هو ۽ ان جي خلاف ورزي ڪرڻ تي ”بريسٽ ٽيڪس“ ڏيڻو پوندو هو. اهو قانون اتان جي ذات جي سڃاڻپ لاءِ هوندو هو. پر اهو ٽئڪس غربت جي ڪري بار بار ڏيڻ غريب ماڻهن جي وس ۾ نه هو، ها پر ڪهاڻي طويل آهي ان کي مختصر ڪندي ٻڌايان ته “ايڊوا ذات جي هڪ عورت ننگلي بنا ٽئڪس ڏيڻ جي پنهنجي ڇاتي لڪائڻ جو فيصلو ڪري ورتو ۽ ان جي ڀڃڪڙي جو ٻڌي ڪجهه آفيسر جڏهن ٽئڪس وٺڻ آيا ته ننگلي انڪار ڪندي پنهنجي ڇاتي ڪوري انهن سامهون رکي ڇڏي ۽ رت وهڻ ڪري ننگلي گذاري وئي ۽ سندس اگني سنسڪار تي مڙس به ان باهه ۾ ٽپو ڏئي آپگهات ڪري ڇڏيو.“
ڇا ننگلي ”سمبارا“ جو تسلسل ته ناهي...؟ اڄ به ان جي پڄاڻي ڪٿي ٿي آهي؟ هن مجموعي جي ابتدا سمبارا آهي ۽ انتها...؟ جو سفر جاري آهي... نهايت خوبصورت، اتم، سندر ۽ مقدس صحيفي جيان اِهو نظم پڙهڻ کان پوءِ سچ ته ڪجهه عرصي تائين شايد ٻيو ڪجهه پڙهڻ جي توفيق نه ٿئي ۽ شايد منهنجي ان راءِ سان ڪو سهمت نه به ٿئي پر سچ ته سنڌ جي هِن سرجڻهار جي اندر ۾ سموري سنڌ سمايل آهي. اسان سنڌي ماڻهو ڳوٺ کان روزگار جي چڪر ۾ شهر ايندا آهيون ته ڄڻ پرديسي ٿي ويندا آهيون.ايئن هن هِن مجموعي ‘سمبارا ’ ۾ ڳوٺ، گهٽي، ندي، واهڻ، روڊ، رستن چنڊ، سمنڊ، درياهه ۽ ماڻهوءَ تي ٿيندڙ انياءَ جو سمورو جهان سمايل آهي. ڪنهن به تخليق جو پورائو ناهي ٿيندو ۽ ڪا به تخليق پوري ناهي ٿيندي ڇو جو اگر ائين هجي ها ته پهريون خيال سرجندڙ کان پوءِ ان خيال جي پوئيواري ڪندڙ چور نه بلڪه ڌاڙيل هجي ها.
اسان جي نسل وڏڙن جي پيرن جي نشانن تي هلڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ڇا اسان جو نسل به اسان جي پيرن تي هلڻ جي ڪوشش ڪندو؟ اِهوهڪ وڏو سوال آهي ڇو جو اسان جا ”ڪم“ اهڙو ته هئڻ گهرجي، جن تي گهٽ ۾ گهٽ اسان خود مطئمن هجون، شاهه جي شاعري پڙهندڙن کي ڪنهن ٻئي مان اهو سواد يا ذائقو ملندو اِهو ٿيڻو ناهي پر جيئن ته خود ڀٽائي، سچل لاءِ چيو ته اسان جيڪو ڪنو چاڙهيو آهي ان جو ڍڪ هيءَ نينگر لاهيندو... سو پنڌ اڃان به جاري آهي، ڪنو به باهه تي چڙهندو آهي ۽ ان ڪُني جو ڍڪ اڃان پورو لٿو نه آهي ۽ باهه وسائڻي نه آهي ڇو جو ڪنو ٺري ويندو ته پوءِ ڇا رهندو.ا اسان ۾ اگر ”ڪاٺي“ ٿيڻ جو به ذرو به هنر آهي ته اچو ۽ اچي ان تخليق جي ٻارڻ کي پنهنجن دردن سان دکايون. ڇو جو تخليق ڪائنات جي وجود ۾ رهڻ جو ڪل اثاثو به آهي ۽ سرمايو به آهي.
ساجد جون سڀ سٽون سچيون پر هي سٽون ڄڻ ”حاصل“ آهن، هِن مجموعي جون، جيڪي سمبارا طويل نظم مان آهن...؟
پوءِ به ڪاتب ڪين ڪڇي ٿو
راهه اڙانگي نقش ڏسي ٿو،
تنبوري جي تار ڇهي ٿو
بند اکين سان خواب لهي ٿو.
سمبارا جي ڇير ٽٽي ۽
اسٽوپا جو ڪنڌ جهڪي پيو...!
پڙهندڙ ئي ان جو فيصلو ڪندا ۽ ٻيو فيصلو تاريخ ڪندي ته ساجد سنڌي سنڌ جي اتهاس کي ڇا ڇا ارپيو... تيستائين؟
چوي ٿي دنيا گناهه ۾ هون،
اسان ته تنهنجي نگاهه ۾ هون.
الله پنهنجي اندر ۾ آهي،
اسان به شايد الله ۾ هون.
(ساجد)
[b]
فوزيه بانو[/b]