رايا ۽ ٻه اکر
[b]فهميده شرف بلوچ[/b]
ساجد! تنهنجي گلڪاري ڏاڍي سهڻي، موهه رکندڙ آهي، سمبارا کان ٻاهر به توکي پنهنجو حسن آهي، تنهنجي ياريءَ جي ٽاري سدا سائي ۽ ڦلدار رهي. مان 25 سالن کان توکي پنهنجي روح اک سان ڏسي رهيو آهيان. تنهنجو نظم هاڻي ڦلواري سمان لڳي ٿو ۽ غزل ۽ وائيءَ ۾ تون چٽا اچار رکندڙ ڪوي بڻجي درسني آڏو اچي [b]بيٺو آهين. خدا ڪري توکي وقت اک پٽي ڏسي سگهي.
آس ٻٻر[/b]
معصوم صورت وارو هيءُ معصوم شاعر پنهنجي شاعريءَ سان گڏ پنهنجي مزاج ۾ پڻ معصوميت رکي ٿو، ساجد سنڌي پنهنجي منفرد اظهار سان شاعراڻن موضوعن ۾ جيڪا نواڻ آندي آهي، انهيءَ سندس شاعريءَ کي وڌيڪ سونهن بخشي آهي.
[b]شبانه سنڌي[/b]