لڳي ٿو وري ڪو وڇوڙو وڍيندو!
وري روح لفظن ۾ تڙپي اُٿيو آ.
وري ڪاغذي ڪهڪشان ڪو جُڙيو آ.
وري رات ساڳي ڪٿا ٿي ٻڌائي،
وري چنڊ اُڀ تان چِتائي ڏسي ٿو.
وري هير ٿڌڙي ورائي ٿي پاسا،
لڳي ٿو وري ڪو وڇوڙو وڍيندو.
ملڻ کان اڳي ئي جدا يار ٿيندو،
نه ئي حال ڏسبو، نه احوال ٿيندو،
اکين کان ڪنارا ڪوهين ڏور آهن،
نه صحرا آ ساٿي نه ئي سمنڊ پنهنجو،
نه اُڃ ۾ مئاسي نه ڪُن ۾ ڪِرياسين،
عجب وير پنهنجو به تقدير سان آ،
زماني جي جڪڙيل زنجير سان آ،
فنا لافنا کان پري ئي پري ٿي،
اسان پيار پنهنجو لڪائي رکيو آ،
نه ئي هڪٻئي کي ٻڌائي سگهيو آ،
مگر ڪجهه ته ڪنهن کي وري ڪَل پئي آ،
حياتي هٿن مان به کسڪي وئي آ،
لڳي ٿو وري ڪو وڇوڙو وڍيندو.
نئون درد ڏيندو ڇني پيار ويندو،
اڃان ڪين اکڙين شرارت سکي آ،
مٺي مند کان ڀي نه چاهت پني آ،
ملاقات جا پل نه ويجهو وريا هن،
اڃارا چپن جا ڪنارا رهيا هن،
بدن کي نه بارش ڀنڻ هاڻ ايندي،
صدين جي ٿڪاوٽ ختم ڄاڻ ٿيندي،
صدا ڪا سڏي ٿي انوکي اڃاري،
لڳي ٿو وري ڪو وڇوڙو وڍيندو.
پرين پيار پنهنجي نه اظهار آندو،
نه اقرار آندو نه انڪار آندو،
عجب چاهتن جو ڪو اسرار آندو،
اگر پاڻ پنهنجا نه بڻجي سگهياسين،
هٿن جي اشارن جي ٻولي ته هوندي،
ٻنهي لاءِ ساڳي پرولي ته هوندي،
پِپر جي پنن جا نشان هيٺ هوندا،
زميني صحيفا گواهه نيٺ ٿيندا،
نه تنهنجا نه منهنجا جهان جا ئي سڏبا،
پرين پيار پاڇا ڪي ڀٽڪي به ملندا،
هٿن ۾ڏئي هٿ انهيءَ راهه رمندا،
جتي پاڻ پنهنجي پرولي پروئي،
جسم ساڻ هو نه ڀاڪر ۾ ڪوئي،
نه خود ئي ختم ٿيو نه خودي کي ڳوليو،
جتي پاڻ پنهنجي حياتيءَ سان ٻوليو،
لڳي ٿو وري ڪو وڇوڙو وڍيندو،
نه ڪايا نه مايا هي سڀ ڪجهه فنا ٿئي،
ڪٿي شال ڪنهن جي نه جوڙي جدا ٿئي،
جنم در جنم بس سڀن جو خدا ٿئي.
جنم در جنم بس سڀن جو خدا ٿئي.