شاعري

سمبارا

هي ڪتاب خوبصورت شاعر، ليکڪ ۽ پبلشر ساجد سنڌيءَ جي شاعريءَ جو مجموعو آهي.
ساجد منهنجي انهن دوستن مان آهي جن وٽان اڻ ميو پيار ۽ پنهنجائپ ملي آهي، هو موٽ ۾ صرف هڪ مُرڪ گهرندو آهي. ماٺيڻي پر تخليق ۽ لکڻين ۾ ساگر جهڙي گهرائي رکندڙ ساجد سنڌيءَ وٽ مُرڪن جا خزانا آهن. سندس لکڻين ۽ شاعريءَ ۾ ڪشش آهي، هن جي قلم ۾ جنبش آهي. ساجد سراپا جدوجهد ۽ محبت آهي. سندس هي ڪتاب ان جو ثبوت آهي. منهنجي دوست هجڻ ناتي متان مان سندس تعريف ئي لکان پر هي تخليقون ۽ هي ڪتاب ان جا شاهد آهن.
  • 4.5/5.0
  • 6916
  • 919
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ساجد سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سمبارا

منهنجو ويساهه

ڪي ماڻهو شخصي طور وڏا ماڻهو هوندا آهن، جن وٽ ماڻهپي جا مڻ هوندا آهن، ڪي ماڻهو تخليقي طور سگهارا هوندا آهن، جن جي تخليقن ۾ حقيقي زندگيءَ جي حُسن جو واس هوندو آهي، فطرت جون رنگينيون هونديون آهن، پنهنجي وطن جي مٽيءَ جي خوشبوءِ هوندي آهي، پنهنجي ماروئڙن جهانگيئڙن جون درد ڪٿائون هونديون آهن، جن کي گڏائي هُو اهڙي شاعريءَ کي جنم ڏيندا آهن، جيڪا آزاد وطن ۾ اسٽيجن تان ‘قومي تراني’ جي صورت ۾ گونجندي آهي ۽ غلاميءَ جي وقت ۾ نئين نسل ۾ جوش ۽ وِلولو پيدا ڪندي آهي. اسان جي سنڌ ۾ اهڙا ڪيترائي تخليقڪار موجود آهن، جن جي تخليقن ۾ سنڌ پنهنجي اُوچي ڳاٽ سان اڏول بيٺل نظر اچي ٿي، اهڙي اڏولتا مون کي پنهنجي پياري دوست ساجد سنڌيءَ جي نظم ‘سمبارا’ ۾ نظر اچي ٿي. اسان جي محققن مؤرخن جيتوڻيڪ موهن جي دڙي جي تاريخ جي 5 هزار سالن تي اڪتفا ڪيو آهي، پر مون جڏهن ساجد جو نظم سمبارا پڙهيو ته مون کي موهن جو دڙو اڃا به آڳاٽو نظر آيو، نظم پڙهندي ايئن پئي محسوس ڪيم، ڄڻ انسان جي شعوري اؤسر ٿي ئي موهن جي دڙي کان آهي، ۽ موهن جي دڙي جو ماڻهو ئي شعور جي آگهي آهي، ان مان واضح ٿئي ٿو ته ساجد پنهنجي ڌرتيءَ سان ڪيترو ڳنڍيل آهي، ساجد جي نظم سمبارا جو هڪ بند آءٌ هتي ونڊ ڪريان ٿو:

نيڻ نديءَ ۾ رقصان پاڇا
پوءِ به ڪاتب ڪين ڪُڇي ٿو،
راهه اڻانگي نقش ڏسي ٿو،
تنبوري جي تار ڇُهي ٿو،
بند اکين سان خواب ڏسي ٿو،
سمبارا جي ڇير ٽُٽي ۽
اسٽوپا جو ڪنڌ جُهڪي پيو.

جيڪو ماڻهو پنهنجي ڌرتيءَ سان ايترو ڪميٽيڊ هُجي، اهڙي ماڻهوءَ سان دوستي کي آءٌ خدا جي نعمتن مان هڪ انمول نعمت سمجهان ٿو. دوستي، زندگيءَ جو آرٽ آهي، مون پنهنجي زندگيءَ ۾ جيڪڏهن ڪُجهه ميڙيو آهي ته اُهي فقط دوستيون ئي آهن ۽ اُنهن دوستين مان ڪي اهڙيون ته اٽوٽ بڻجي چُڪيون آهن، جن کان ڇِڄڻ شايد مُنهنجي وس ۾ نه هُجي، ڇاڪاڻ جو اُنهن دوستين منهنجي اندر جي ويساهه کي پُختو ڪيو آهي ۽ منهنجو ڪنڌ دوستيءَ جي انهي محراب ۾ هميشه جُهڪيل ئي رهيو آهي. ساجد سنڌي انهيءَ دوستيءَ جي سنگ جو اهم ٿنڀ آهي، جنهن سان آءٌ جڏهن به مليو آهيان ته مون کي نارائڻ شيام جون هي سٽون ياد آيون آهن ته:
شيام جيڪر ٿي پوان ها تار تنهنجي ساز جي
تنهنجون نازڪ آڱريون ڇيڙن ها منهنجي دل جو گيت!

ساجد سان آءٌ جڏهن پهريون ڀيرو مِليو هُئس ته مون کيس رولاڪ رُوح محسوس ڪيو هو ۽ واقعي هُو رولاڪ رُوح آهي، هُن کي ڪٿي به هڪ جاءِ تي مزو ناهي ايندو، مون کيس سدائين ڀٽڪندي ڏٺو آهي، ۽ هُو ڀٽڪندي ڀٽڪندي به ڪم ڪندو رهندو آهي، هُو جڏهن اخبارن ۾ ڪم ڪندو هو تڏهن به هُو هلندي گهمندي ڪو ڪالم پيو لکندو هو، ڪنهن شاعر کي پيو ساريندو هو، ۽ رُلندي رُلندي شام جو اخبار جو ايڊيشن وٽس تيار ملندو هو، ان ڏِس ۾ آءٌ ايئن چوندس ته ساجد اخبار جي پليٽ فارم تان تمام گهڻن شاعرن کي متعارف ڪرايو آهي، لاتعداد ليکڪن جا پروفائل، انٽرويو شايع ڪري انهن جي پورهيي کي مان ڏنو اٿس، ۽ اِهو ڪم صرف اُهو ماڻهو ڪري سگهي ٿو، جنهن جو ضمير زنده هُجي. جنهن جي پنهنجن ماڻهن سان ڪمينٽمنٽ هُجي، ۽ ساجد کي مون هر مورچي تي ثابت قدم بيٺل ڏٺو آهي. اُن کانسواءِ ساجد جڏهن پبلشنگ جو ڪم سنڀاليو آهي ته هن ’سمبارا‘ پبليڪيشن پاران مختصر عرصي ۾ لاتعداد ڪتاب ڇپرايا، ۽ ڪيترن ئي نون ليکڪن کي اُتساهيو آهي، ساجد جي اها رفتار برقرار رهي ته آءٌ يقين سان چئي سگهان ٿو ته هُو هڪ ڏينهن سڀني پبلشرن کان گوءِ کڻي ويندو. ساجد شخصي طور ڪيڏو وڏو ماڻهو آهي، ان جو اندازو ان ڳالهه مان ڪري سگهجي ٿو، هڪڙي رات جو فون ڪيائين ته، ”شهيد بشير خان تي ڪو مضمون لکيل هُجي ته اي ميل ڪر، اخبار جو ايڊيشن پيو ڪڍان،“ مون وٽ بشير خان تي لکيل ’علامتي ڪهاڻي‘ موجود هُئي، جيڪا کيس موڪلي ڏنم، ٻئي ڏينهن تي اُها اخبار ۾ شايع ٿي ۽ ٻن ڏينهن کان پوءِ مُنهنجي لکڻيءَ جي ڪري اخبار مان کيس بيدخل ڪيو ويو، پر هن مون سان ان ڳالهه جو ذڪر ئي نه ڪيو، گهڻي عرصي کان پوءِ مون کي خبر پئي ۽ مون کانئس پُڇيو ته چيائين يار! ”قومي فرض نڀائيندي اهڙيون قربانيون ڏيڻيون پونديون آهن.“ سندس واتان اِهي لفظ ٻُڌي مُنهنجي اندر ۾ هن لاءِ محبت جو سنڌو ڄڻ ته ڇوليون هڻڻ لڳو هو.
ساجد، بنيادي طور تي اهڙي علائقي سان واسطو رکندڙ آهي، جيڪو قبائلي ذهينيت جو آهي، پر هي فقير منش ماڻهو انهن کان گهڻو ڏُور رهيو آهي، هن جي دل ميڻ جيان نرم ۽ ماڪ ڦُڙن جيان پويتر آهي، سندس چپن تي هميشه معصوم مُرڪ رقص ڪندي نظر ايندي آهي ۽ اکين ۾ ڏِيا ۽ مڻيا جا موتي پيا پِروئجندي نظر ايندا آهن، هتي مون کي هڪ ڀيرو ٻيهر نارائڻ شيام پيو ياد اچي ته:

تنهنجين اکين ۾ ڪهڙن تارن جي جڳمڳاهٽ
تنهنجن چپن تي ڪهڙين مُکڙين جي مُسڪراهٽ.

ساجد سنڌي سان مِلي پنهنجائپ جو احساس ٿيندو آهي، ڇاڪاڻ جو هُو اهڙو ته محبتي ماڻهو آهي، جو سندس جي وس پُڄي ته هن سڄي ڪائنات کي پنهنجي دل ۾ سمائي ڇڏي، ۽ پنهنجي سڀني دوستن کي اکڙين جي پنبڻين هيٺيان لِڪائي ڇڏي، هن جي دوستيءَ جو مثال اهو ڪافي آهي ته، هُن پنهنجي دوست جاويد جوکيي جي ياد ۾ ٽي ڪتاب ترتيب ڏئي ڇپرايا ۽ جڏهن سعيد ميمڻ زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي هو ته هُو تمام گهڻو پريشان هو، هن جي خواهش هُئي ته سعيد تڪڙو صحتياب ٿئي ته سندس شاعريءَ جو مجموعو خوبصورت پيپر ۽ لي آئوٽ سان ڇپرائي هُن کي سرپرائيز ڏي، پر زندگي هُن سان وفا نه ڪئي ۽ مون ساجد جون اکيون ڪيترا ڏينهن روئڻهارڪيون ڏٺيون، ساجد جيڪو زندگيءَ جي ڀرپور اُمنگن سان ٽهڪ ڏيئي ملندو هو، اُن جي گلي مان ڄڻ ته ٽهڪ موڪلائي ويا هُئا، هُن جي چپن تي جيڪا مسڪراهٽ هوندي هُئي، سا ڪيترائي ڏينهن کانئس رُٺل رهي هُئي، اُن بعد جڏهن هُن واپس پنهنجي زندگيءَ ڏانهن موٽ کاڌي هُئي ته هُو مسلسل سعيد تي لکندو رهيو، سعيد جون ساروڻيون سليندو رهيو، اهو آهي سندس دوستيءَ جو وڙ، جنهن تي مون سميت سڀني دوستن کي ناز آهي.
هُو جيتوڻيڪ ماٺيڻو آهي، هن ۾ ڪا به نهٺائپ نه آهي، پر جڏهن هن جي شاعر واري رُوپ کي ڏسجي ٿو يا هن جي ڪالم نويس واري پاسي جو مشاهدو ڪجي ٿو ته هُو ڪجهه بدليل بدليل نظر اچي ٿو، هُو ڪيترين ئي لکڻين ۾ سراپا احتجاج بڻيل نظر اچي ٿو، هن جا ڪيترا ڪالم منهنجي نظر مان گذريا آهن، جن کي پڙهندي مون کي ساجد اُهو ناهي لڳندو، جيڪو معصوم مُرڪ سان آجيان ڪندو آهي، اهڙيءَ ريت سندس شاعري نه فقط رومانس سان ڀرپور آهي، پر ان مان هُو راهه جو ڳولائو آهي، منزل جو متلاشي آهي، خوف مان نڪرڻ ٿو چاهي، خاموشي ٽوڙي نئون جهان اڏڻ ٿو چاهي، مثال طور سندس غزل جا هي ٻه بند پڙهي ڏسجن:

لُڙڪ ڇوليون، تون ۽ مان، خوف-گوليون، تون ۽ مان،
منزلون سڀ، مام ۾، راهه ڳوليون، تون ۽ مان.
ماٺ ٽوڙي ڇونه ڪا، ڳالهه کوليون، تون ۽ مان،
رات ۾ ڪا رمز آ، چنڊ-ڏوليون، تون ۽ مان.

يا وري سندس هي نظم پڙهي ڏسجي، جنهن ۾ فڪري گهرائي به آهي، وڇوڙي جا وڍ به آهن، اُلڪا ۽ اُڊڪا آهن، درد سان ڀرپور هن نظم جو تخيل ڏاڍو سگهارو آهي، جيڪو سندس شاعراڻي اُڏام کي نروار ڪري ٿو:

مِلڻ کان اڳي ئي جُدا يار ٿيندو،
نه ئي حال ڏسبو، نه احوال ٿيندو،
اکين کان ڪِنارا ڪوهين ڏُور آهن،
نه صحرا آ ساٿي نه ئي سمنڊ پنهنجو،
نه اُڃ ۾ مُئاسين نه ڪُن ۾ ڪِرياسين،
عجب وير پنهنجو به تقدير سان آ،
زماني جي جڪڙيل زنجير سان آ،
فنا لافنا کان پري ئي پري ٿي،
اسان پيار پنهنجو لِڪائي رکيو آ،
نه ئي هڪٻئي کي ٻُڌائي سگهيو آ،
مگر ڪُجهه ته ڪنهن کي وري ڪَل پئي آ،
حياتي هٿن مان به کِسڪي وئي آ،
لڳي ٿو وري ڪو وڇوڙو وڍيندو.

ساجد جتي وڇوڙي جي ورلاپ جون ڳالهيون ڪيون آهن، اُتي هن اُن چهري کي به ساريو آهي، جنهن جي نقش نيڻن ۾ هُن پاڻ وڃائي پاڻ ڳولهيو آهي ۽ اُنهي ڳولها ۾ هُو ڪيترو سڦل ٿيو آهي، اها ته پروڙ کيس ئي هوندي، پر هُو ان چهري جي تصور کان آجو ٿي نه سگهيو آهي:

پري ٿي رهڻ ڏي نه تصوير تنهنجي،
لِکان جي، لکڻ ڏي نه تصوير تنهنجي،
ڇڪي ٿي، ڇنڻ ڏي نه تصوير تنهنجي،
چوان ڪُجهه، چوڻ ڏي نه تصوير تنهنجي،
عجب آ ڪشش تنهنجي چهري ۾ جانان!
ڏِسان ٿو، ڇُهان ٿو، کڻان ٿو، چُمان ٿو،
چوان ڪيئن، توکان سوا جي سگهان ٿو!

دل ته چئي ٿي ساجد جي شاعريءَ تي ڳالهائيندو وڃجي، پر هتي مون کي ساجد جي شخصيت تي به لِکڻو آهي، ساجد جي سڀاءَ تي ڳالهائڻو آهي، ساجد جي ٽهڪن مان لُطف اندوز ٿيڻو آهي، ساجد جي پِريت کي ونڊڻو آهي، ساجد جي ساٿ تي سوچڻو آهي ۽ سوچڻو آهي سندس عشق تي، جنهن هن کي پيڙا جو پنڌ ڪرايو آهي، هيءُ پڻ انهي سٿ جو سارٿي آهي، جنهن تان گذرندي ڪيترن جا پير پِٿون ٿيا آهن، هيءُ پڻ انهي پنڌ جو پانڌيئڙو آهي، جنهن پنڌ ۾ رُڳو رُڪاوٽون ئي رُڪاوٽون آهن، هيءُ پڻ انهي راهه جو رمتو جوڳي آهي، جنهن راهه تي رمندي ڪيترا ئي بنواس ڀوڳڻ تي مجبور ٿيا آهن.
ساجد نهايت ئي ماٺيڻو ۽ مانجهي مڙس آهي، هن جي شخصي ۽ تخليقي زندگيءَ جو ڇيد ڪجي ته ساهميءَ جا ٻئي پُڙ برابر جا بيهندا، ڇاڪاڻ جو هُو جيڪو شخصي طور آهي، اُهو ئي هُو تخليقي طور نظر اچي ٿو، سندس چهري تي ڪوبه نقاب چڙهيل نه آهي ۽ هُو آئيني جيان اُجرو آهي، هُو نه فقط شخصي رُوپ ۾ مانائتو ۽ وڙائتو ماڻهو آهي، پر هُو هڪ شاعر ۽ هڪ ليکڪ جي رُوپ ۾ به اوترو ئي مان لهڻي ٿو.

علي نواز آريسر