شاعري

زنگجي ويل نِنڊ

ڪتاب ”زنگجي ويل ننڊ“ نوجوان شاعر ”جاويد جبار“ جو پهريون شاعراڻو پورهيو آهي. جاويد جبار مختصر عرصي ۾ تمام سٺي شاعريءَ ذريعي توجهه ڇڪائڻ ۾ ڪامياب ويو آهي، سندس هي ڪتاب شاعراڻي صنف ”سانيٽ“ تي مشتمل آهي. سانيٽ اصل ۾ انگريزي ادب مان اسان وٽ آئي آهي ڪجهه صدين کان پرڏيهين ۾ مروج هن صنف ڪافي ترقي ڪري مقبوليت حاصل ڪئي آهي.
سنڌي ٻوليءَ ۾ هي صنف سانيٽ انگريزي دؤر ۾ آئي هُئي هڪ صدي ۾ سنڌي ٻولي جي تمام ٿورڙن شاعرن هن صنف ۾ لکيو آهي، جاويد جبار نوجوان شاعرن ۾ پهريون شاعر آهي جنهن سنڌي ٻوليءَ ۾ سانيٽ تي هي مڪمل ڪتاب لکيو آهي اها تمام سٺي علامت آهي.
Title Cover of book زنگجي ويل نِنڊ

مُهاڳ : ڇَڻيل پنن جو سُرمو

سنڌ ۾ ٻاهران آيل ٻين کوڙ سارين شاعراڻه صنفن کي ڇڏي ڪري فقط ترائيل ۽ سانيٽَ ئي ٻه اهڙيون صِنفون آهن، جن کي آئون شاعراڻه احساسن کان عاري، بس اهڙيون صِنفون سمجهندو هئس، جيڪي محض ٽيڪنڪ تي آڌاريل آهن. ٻي سِٽ، چوٿين سِٽ سان هم قافيه هجي، ٽي سِٽ جو قافيو ڇهين سِٽ سان ملي، پنجين ۽ ستين سِٽ وري به هم قافيه هُجن، وغيره وغيره، يعني ڇهه ٽِڪان ارڙنهن، ٻِه چونڪ اٺ، ست ڏُون چوڏنهن. هِنن صِنفن جو اهڙو سِٽاءُ ڏسي مون سوچيو، هِنن صنفن ۾ شاعري گهٽ ڪرتب بازي وڌيڪ ڪري سگهجي ٿي. (۽ ڪرتب بازي ڪئي به ويئي آهي.) جيڪا تخليق وجدان، لاشعور ۽ احساساتي وهڪري کان بنهه ڪوري محض، عقل ۽ شعوري ڪوشش تي آڌاريل هجي، اُها لطيف جذبن ۽ آرٽ کان کوکلي ٿي ويندي آهي، ڇو ته اُن کي شعور جي مقرر ڪيل محدود سرحدن اندر ئي سفر ڪرڻو هوندو آهي ۽ ڪجهه سِٽن کي اڳتي پوئتي ڪرڻ، لکڻ جي هڪ مشق کي شاعريءَ جو نالو ڏيڻو پوندو آهي، مثال جي طور تي آئون سنڌ جي هڪ سينيئر شاعر جو هيءُ تراعيل ڏيئي سگهان ٿو.
تو ڪڏهن رات کان پُڇيو آهي،
ته ڪوي شام کان سحر تائين،
لاٽ جيان ڪيترو لُڇيو آهي،
تو ڪڏهن رات کان پُڇيو آهي.
***
يا ڪڏهن رات ئي ڪُڇيو آهي،
لفظ ڪو ڏينهن جي خبر تائين،
تو ڪڏهن رات کان پُڇيو آهي،
ته ڪوي شام کان سحر تائين.
ٽي ايس ايليٽ چواڻي ”اهڙي شاعري جيڪا اجتماعيت بدران فقط تخليقڪار جو ئي آواز محسوس ٿيندي هُجي، اُها مستقبل ۾ ائين رد ٿي ويندي، جيئن ڪا پُرفريب شيءُ ختم ٿي ويندي آهي.“
مون اسان جي سينيئر شاعرن جا هيل تائين جيڪي به ترائيل يا سانيٽَ پڙهيا آهن، اهي پڙهندي مونکي شدت سان محسوس ٿيو ته يورپ جي هِن ڪلاسيڪل صِنف کي اسان جي پريميچوئر جِدت شاعريءَ جي آرٽيفِشل ۽ غير فطري صِنف بنائي ڇڏيو هو، ڇو ته شاعري فقط داخلي، خارجي ۽ احساساتي وارتا جو نالو ناهي، پر اُها پنهنجي ثقافتي رنگ جي گُهر به ڪري ٿي، اُن جون پاڙون پنهنجي ڌرتيءَ ۾ ناهن ته اُها فرد جي هڪ انفرادي جوڙجڪ ئي آهي.
اسانجي سينيئر شاعرن اهي صِنفون پر خاص ڪري سانيٽَ لکندي پنهنجي ڪلاسيڪل ورثي سان ناتا ڇني ڇڏيا هئا ۽ نئين کي پراڻو نه ڪري سگهيا ۽ انهن جيڪا سانيٽ جي يورپين هيئت ۽ طرزِ تحرير متعين ڪئي يا برقرار رکي، اها سنڌي شاعريءَ لاءِ ڏاڍي مُنجهائيندڙ ۽ پيچيده پڻ هئي ۽ جديد مغربي شاعريءَ جي لاڙن جي ڀرمار جي ڪري هِن صِنف کي سِنڌ ۾ اُها جوڳي موٽ ڪونه ملي سگهي، جيڪا ٻين صِنفن کي ملي ۽ گڏ هِن صِنف (سانيٽَ) کي ڪجهه مخصوص بحرن ۾ ئي لکيو ويو ۽ مختلف رُڪنن کي ائين ڇڪي تاڻي پورو ڪيو ويو جو اُهي پڙهندي اسان لاڙ جي پان کائيندڙ شاعرن جي زبان ئي ڏُکي ٿي پوي.
سانيٽَ سڀ کان پهرين اٽليءَ ۾ لکيو ويو، پر هِن لاطيني صِنف کي اوج وليم شيڪسپيئر ئي ڏنو ۽ منهنجو ذاتي خيال آهي ته اگر شيڪسپيئر سانيٽَ نه لکي ها ته شايد هي صِنف اٽليءَ تائين ئي محدود هُجي ها، شيڪسپيئر ته باقاعده هِن صِنف ۾ پنهنجو گهاڙيٽو متعارف ڪرايو، جنهن کي شيڪسپيئرين گهاڙيٽو چئجي ٿو، سارنگا ۾ ڇپيل مشتاق گبول جي مضمون موجب شيڪسپيئرين گهاڙيٽي کانسواءِ پيٽرارڪن سانيٽَ ”اٽليءَ جو شاعر پيٽرارڪ Petrarch (1334 - 1304ع) جنهن سڀ کان پهرين سانيٽ لکيا ۽ سندس گهاڙيٽي کي پيٽرارڪن گهاڙيٽو چئجي ٿو.“ اُن کان علاوه هڪ ٻئي شاعر اسپينسر Spenser جي لکيل سانيٽن جي گهاڙيٽي کي اسپينسيرين گهاڙيٽو چئجي ٿو.
اسان جي سينيئر سنڌي شاعرن انهن ٽنهي گهاڙيٽن تي سانيٽَ ته لکيا ۽ اُنهن ۾ قافين جي بيهڪ جي حوالي سان تجربا ته ڪيا، پر اُنهن ۾ اُها موضوعاتي همگيري پيدا نه ڪري سگهيا، جيڪا هِن صِنف جي مقبوليت جو ڪارڻ بڻجي ها يا اُن مان پنهنجائپ جو ساءُ اچي ها.
پر ويجهي ماضيءَ ۾ وسيم سومري ۽ اسحاق سميجي جي سانيٽن کان پوءِ هاڻ هاڻ جيڪي احمد سولنگي، اشفاق آذر ۽ جاويد جبار دائودپوٽي جا سانيٽَ پڙهيا اٿم ته اُنهن ويساهه ڏياريو آهي ته هِن صِنف جي نالي ۾ ڪا شاعراڻي مشق نه پئي ٿئي، پر هيءَ باقاعدي شاعريءَ جي هڪ صِنف آهي، اهو سنڌي شاعريءَ جو الميو ئي چئجي جو لڳ ڀڳ سٺ سالن کان پوءِ هِن صِنف سنڌي ويس پاتو آهي ۽ آئون سمجهان ٿو ته ڪجهه وقت اڳ هڪ سنڌي مئگزين ۾ هلندڙ اُهو بحث ئي اجايو هو ته سنڌ ۾ سڀ کان پهرين سانيٽَ ڪنهن لکيو؟ اهو بحث انهن سانيٽن تي پئي ٿيو جيڪي مغربي شاعريءَ جي اطاعت جي ڪري سنڌي شاعري هضم نه پئي ڪري سگهي، ڇو ته اهي اسان جي نِج پنهنجي مروج قدرن سان رلمل نه ٿيل هُيا، بحث ته اُن ڳالهه تي ٿيڻ گُهرجي ها ته سانيٽ کي سڀ کان پهرين سنڌي رنگ ڪنهن ڏنو؟
اڄ آئون هتي وسيم سومري، اسحاق سميجي، احمد سولنگي ۽ اشفاق آذر جي سانيٽن کي ڇڏي جاويد جبار جي اُنهن سانيٽن تي ڳالهائيندس جيڪي سندس ڪتاب ۾ موجود آهن.
اهي سانيٽَ هڪ هڪ ڪري پڙهندو آئون حيرت جي جهان ۾ گُم ٿيندو ويس. جاويد جبار دائودپوٽي پنهنجي هِن ڪتاب ۾ سانيٽن کي ائين سليس ۽ آسان ڪري لکيو آهي، جو مونکي مٿن نظم جو گُمان ٿيڻ لڳو ۽ جيڪڏهن آئون اُنهن کي هڪ مڪمل نظم چوان ته به حق بجانب آهيان ۽ وڏي ڳالهه ته هُن رڳو سانيٽن جي مخصوص هيئت کي ناهي قبوليو، پر اُن ۾ ڪافي فني تجربا به ڪيا آهن ۽ سندس اُهو تجربو ايترو ته سڀاويڪ ۽ وڻندڙ آهي جو هِن صِنف سان جيڪا مُنهنجي دُشمني هئي اُها دوستيءَ ۾ بدلجي ويئي ۽ پهريون ڀيرو مون به سانيٽ لکڻ جو سوچيو، اسانجي سينيئر شاعرن جيان هِن ڪجهه مخصوص بحرن ۾ سانيٽَ ناهن لکيا، پر سنڌي شاعريءَ ۾ استعمال ٿيندڙ ڪيترن ئي بحرن کي هن پنهنجي سانيٽن ۾ سمايو آهي.
جيستائين منهنجي ڄاڻ آهي ته ترائيلن جو سنڌيءَ ۾ مڪمل ڪتاب هند ۾ هريڪانت جو ڇپجي چُڪو آهي، پر سنڌيءَ ٻولي ۾ سانيٽن جو هيءٌ پهريون مڪمل ڪتاب آهي، جنهن جو اعزاز جاويد جبار دائودپوٽي کي وڃي ٿو، جنهن ڪنهن به مصنوعيت کان آجا تخليقيت سان ڀرپور ههڙا پُراثر سانيٽ لکي ڄڻ سنڌي شاعريءَ کي هڪ نئون ڳهه پارايو آهي، سندس سانيٽن جي ڪيترن ئي سِٽن جي معنويت تي سوچي آئون سچ ته حيران ٿي ويس، ڇو ته جديد سنڌي شاعريءَ ۾ ههڙيون سِٽون ورلي نظر مان گُذرنديون آهن.

تو کجين جي باغ ۾ مونکي چيو،
ناچڻيءَ جي پير ڏانهن ڏسبو نه آ.
***
نانگ جوڳڻ جي بدن ۾ ويو لِڪي،
ڄڻ نديءَ جي هو ڪپن ۾ ويو لِڪي.
***
بستر ۾ گرم انب اچي پال وِڌا ڪنهن؟
***
نِهاريو تو جي سارين ڏانهن هراڙي شام ٿي ويندي.
***
مون پهاڙين تي سُمهي سوڙهي ندي جانچي ڏٺي.

توڻي جو جاويد جبار دائودپوٽو اسان جي ڪيترن ئي پڙهندڙن لاءِ بنهه نئون نالو هوندو، پر سندس شاعراڻه رياضت کي ڏسي/ پڙهي چئي سگهجي ٿو ته پنهنجي ڊڪشن کان وٺي مُشاهدي ۽ ذاتي تجربي تائين وٽس پنهنجو هڪ نئون ۽ نرالو رنگ ڍنگ آهي.

اکّ تنهنجي شهر هِن ڪيئي ڪکيا،
ٽهڪ تنهنجا ڪونه ٿا ڪنهن کان کَڄن.
***
وڻن جي ڇڻيل پنن جو سُرمو،
بهار بيٺي اکين ۾ پائي.

جاويد جي سانيٽن ۾ اسان اهڙا ڪيئي منظر ڏسي سگهون ٿا، جيڪي هونئن ته عام رواجي چئي سگهجن ٿا، پر سندس قلم جي گرفت ۾ اچڻ کان پوءِ اهي غير روايتي ٿيو پون ۽ گڏ سندس سانيٽَ اهو به محسوس ڪرائين ٿا ته هُن محض شوقيه طور سانيٽ کي ناهي اپنايو پر وٽس اُهو اظهار جو ذريعو بنجي آيو آهي ۽ سندس اهو تخليقي تجربو ايترو ته ڪامياب ويو آهي، جو اُهو هر پڙهندڙ کي پنهنجو تجربو ٿو محسوس ٿئي.

ڪهڙو فرق پوي ٿو سانئڻ،
تون به ته ڌرتيءَ تي ئي آهين.
***
چنڊ چڙهي ٿو پوٺا ٻهڪن،
رات اچي ٿي ڪوٺا سهڪن.
***
پير تنهنجا لاڙ کي ايڏو وڻيا،
ڪونه ٿو مونسان ملڻ لاءِ ڀي ڇڏي.

هن ڪتاب ۾ هيءُ جاويد جا سانيٽَ ئي ناهن پر اُهو سڀ ڪرب به موجود آهي، جيڪو هن جي تخليقي جوهر جو بنيادي ڪارڻ آهي ۽ اسان جنهن سماج ۾ رهون ٿا، ان جا گهڻا تلخ رنگ به سندس سانيٽن ۾ سمائجي ويا آهن، پنهنجي فڪري سطح تي هُو اُنهي شخص جي ڀوڳنا به محسوس ٿو ڪرائي، جيڪو هر پل جيئندي مرندي به زندگيءَ مان مايوس ناهي ۽ ڪجهه بهتر ڪرڻ جي جستجو ۾ مگن آهي.

ڪير عيسيٰ کي ٽنگي ٿو مون اندر،
لڙڪ مريم جا ٿو ڪو تاڙو جهٽي،
ميگهه موسم ۾ ڀڳل گوڙي مندر،
مون ۾ ڪو سيّاحَ پوڙهو پيو تڪي.
***
ڪير وڇوڙن کي سمجهائي،
پنهنجو وقت وڃائن ٿا پيا،
توسان عشق اُهوئي آهي،
ڇا تي زور لڳائن ٿا پيا.
***
ڪو ڪاڙهن ۾ لابارن تي،
ٿي جسم ڪڙهيو ڪنهن مومل جو،
هر ٿاڪن تي هر چارن تي،
بس ٻاگهل جو ٿي ڪنڌ ڪُٺو.

جاويد جا سانيٽَ پڙهي، مجموعي راءِ اهائي ڏئي سگهجي ٿي ته ننڍي وهيءَ ۾ ئي هُن جا شاعراڻه قدر ايترا ته پُختا ۽ زندگيءَ سان لاڳاپيل آهن، جو ڪنهن به نقاد وٽ انهن کي رد ڪرڻ جا جواز سامهون نٿا اچي سگهن ۽ انهن ۾ جيڪا جذبي جي اُڇل ۽ خيالن جي بي ساختگي آهي، اُها ڪنهن نئين شاعر وٽ گهٽ ڏسڻ ۾ ايندي آهي، دعا آهي ته سندس هي فني ۽ فڪري سفر اڃان به گهڻيون منزلون طئه ڪري، ڇو ته اهو سفر فقط جاويد جو ئي سفر ناهي، پر جديد سنڌي شاعريءَ جو به سفر آهي...!


[b] فراق هاليپوٽو
[/b] ٽنڊوباگو
03462917484