تاريخ، فلسفو ۽ سياست

سنڌ ھڪ درد ڪھاڻي آھي

ڪتاب ۾ شامل ڪيل  هي ڊاڪيومينٽريز سنڌ جي هڪ جيئري جاڳندي ۽ ڳالهائيندڙ ٻولهائيندڙ تاريخ آهن. ايندڙ دور ۾ جڏهن تاريخ ڪتابن جي قرطاس مان نڪري واريءَ جي ذرڙن واري چپس تي هميشه لاءِ منتقل ٿيندي ته ان وقت هي ڊاڪيومينٽريز سنڌ جي تاريخ جو هڪ املهه ۽ محقق ماخذ بڻبيون. منظور سولنگي پنهنجي دور جو هڪ ليجنڊ ليکڪ ۽ ڏاهو ڏات ڌڻي آهي، هُن جي کرائي ۽ بي غرضي ڪنهن کي پسند نه به هجي پر هُن جي سنڌ سان غيرمشروط محبت، فدائيت ۽ جاکوڙ تي ڪي به ٻه رايا ناهن رهيا. هن سڄي زندگي هڪ کاهوڙي Activist جي حيثيت ۾ گذاري آهي. سنڌ جي اديبن، دانشورن ۽ ليکڪن پاران سنڌ جي وحدت ۽ ان جي اشوز تي آواز ۽ جاڳرتا اٿارڻ واري ويڙهه ۾ هو سدائين پهرين جوڙ جو ملهه رهيو آهي.

Title Cover of book سنڌ ھڪ درد ڪھاڻي آھي

منظور سولنگيءَ کي جيئن مون ڏٺو

انساني تاريخ ۾ ڪي ڪي ماڻهو ڪمال جا پيدا ٿيا آهن، جن نه صرف پنهجي ڪردار پر فن ۽ فڪر سان به وطن ۽ قوم کي مهانتا ڏئي، انساني دلين تي راڄ ڪري عزت ۽ احترام ماڻيو آهي. مان سمجهان ٿو ته ڀٽائي سنڌ جي صدين جي پيڙا، درد، شعور ۽ ضمير جو آواز آهي ۽ ان آواز جا امانتدار اڄ به سونهاري سنڌ ۾ پنهنجي هستي ۽ مستيءَ سان موجود آهن. سنڌ جنهن ڇا ڇا نه ڏٺو ۽ سٺو آهي؟ پنهنجن جون غداريون، ڌارين جون يلغارون، سڄڻن جا سور ۽ ون يونٽ جا وار، قهري آمريتون، پناهگيري سازشون، راڻن ۽ راڻين جا رت ۾ ٻڏل لاش، بک ۽ بيمارين ۾ ٻچڙن جا ساڻا ساڻا ماس ۽ ڪانئرن ۽ زردارن جون ذلالتون،پر پوءِ به سنڌ جا سرفروش سورما ۽ يگانا عاشق بکن ۽ ڏکن ۾ پنهنجي وطن جي حفاظت ۽ سلامتي لاءِ سدائين تيار آهن.
اڃا رڃ مان رڙ اچي پئي، اچي پئي
متان ايئن سمجهين، مئا مور سارا
(اياز)
1985ع ۾ جڏهن آءُ سنڌ ورسٽيءَ ۾ پڙهڻ آيس ته اتي هڪ قد ۽ رنگ جي پوري ساري همراهه سان ملاقات ٿي. جيئن ته سنڌ ورسٽي ۾ ٻين ملڪن جا شاگرد به پڙهندا هئا ۽ پهرين نظر سان مون سمجهيو ته هي يار به شايد بنگال يا بهار کان پڙهڻ آيو آهي، پر جڏهن تعارف ٿيو ته خبر پئي ته هي سولنگي، نالو منظور اٿس ۽ نج پج دراوڙ نسل جو سنڌي ماڻهو آهي ۽ نه صرف نسلن درواڙ آهي پر مزاجن ۽ افعالن ۾ به ميدن جيان مست آهي. مون کي ياد ٿو اچي ته حيرت جي حد تائين آءُ هن ساٿيءَ ڏانهن ڇڪبو ويس، مون ڪڏهن به هن ۾ نه محرومي ڏٺي ۽ نه احساس ڪمتري ڏٺي ۽ نه ئي وري ڳوٺاڻو حجاب ۽ حساب. مون اڄ تائين ڪڏهن به منظور کي ڪنهن شهري بابوءَ کان قابو ٿيندي ناهي ڏٺو. جڏهن به ۽ جنهن به ڪچهريءَ ۾ مليو ته محفل جو مور ۽ گفتي ۾ زور رهيو. سنڌ جي تاريخ ۽ جاگرافي هٿ جي لڪيرن جيان، هن جي هنيانءَ تي اڪريل آهي. هو ماڻهوءَ جي لوڏ مان سمجهي ويندو آهي ته اهو ماڻهو سنڌ جي ڪهڙي ڪنڊ جو آهي يا ڪهڙي راڄ ڀاڳ جو آهي.
ضياءَ جو سمورو دور سنڌ تي ڪاري ۽ انڌاري رات جيان ڇانئيل رهيو. جوڌن ۽ جوانن پنهنجا سِرَ گهوري جمهوريت جي ويڙهه وڙهي. جتي پيرن، ميرن، سردارن ۽ پاڳارن سنڌ جو سودو ڪري پنهنجا ڀڀ ڀريا ۽ ڪاڻي آمر جي اڳيان ڪنڌ جهڪائي سجدا ڪيا، اتي هن ننڍڙي نوجوان فوجي جنتا کي للڪاريندي جهرجهنگ پنهنجو آواز بلند ڪيو ته:
مَنَهن ڇپرن لوڙهن ۽ گهر گهر ۾ گوليون
فوج پوليس چوي، ڌاڙيل پيا ڳوليون.
سنڌ ۾ ضيائي آمريت ۾ هي جرئت صرف ڪو ميد ” ماڇي“ دراوڙ ۽ سنڌ جو عاشق ئي ڪري سگهي ٿو.
روس جي ٽٽڻ کانپوءِ منظور سولنگي به ٻين ڪامريڊن وانگي صحافت ۾ آيو پر هن اتي به سچ ۽ حق جو نعرو بلند ڪيو. ڪاوش اخبار کي جن بلندين تي منظور پهچايو ان جا گواهه خود اخبار جا مالڪ ۽ ڪارڪن به آهن. جڏهن منظور ”سچ وڏو ڏوهاري آهي“ لکڻ شروع ڪيو ته سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ هڪ ئي وقت ڪچي ۾ ويٺل ڌاڙيل، راشي ڪامورا، ويڪائو وڏيرا، سياسي ڌاڙيوال، تپيدار ۽ صوبيدار کان وٺي سياسي ڪارڪنن تائين، سڀ اخبار خريد ڪري وڏي آواز ۾ منظور جو سچ پاڻ سان گڏ ٻين کي به ٻڌائيندا هئا ۽ ڪي ته کيس فون ڪري داد به ڏيندا هئا ۽ ڪي ڪي وري ڌمڪيون به ڏيندا هئا.
مان نوڪريءَ سانگي ڪجهه سال لاهور ۽ اسلام آباد جي جلاوطني کانپوءِ جڏهن سنڌ واپس آيس ته سنڌ ٽي وي تي منظور جي ڊاڪيومينٽريز جون تعريفون هر دوست کان ٻڌم. جنهن کان پوءِ مونکي ساڻس ملڻ جو شوق ٿيو ۽ انڊس پيپلز فورم جي هڪ پروگرام ۾ آئون ساڻس 15 سالن جي عرصي بعد مليس ته هن يار مونکي ڪو خاص نه کيڪاريو. ڪيئي وهم ۽ وسوسا کڻي آئون گهر موٽيس پر مداح ڪڏهن به مايوس نه ٿيندو آهي، سو آئون ڪڏهن منظور مان مايوس نه ٿيو آهيان.
سنڌ جي وحدت تي وار ۽ سازشون ته گهڻيون پراڻيون آهن پر ويجهي ماضيءَ ۾ مشرف جي مڪاني حڪومتن کانپوءِ سنڌين جي ”محبوب“ پارٽي جي حڪومت ۾ جڏهن ٻٽي مڪاني نظام جو ڪارو قانون سنڌ جي غدار اسيمبلي ميمبرن کان پاس ڪرائي نه صرف سنڌين جي روح کي رنجايو ويو پر سنڌ جي وحدت تي ون يونٽ کانپوءِ وڏو حملو ڪيو ويو تڏهن سنڌ جا باضمير اديب، شاعر، صحافي ۽ قلم ڪار ميدان تي نڪري پيا ۽ سنڌ رائيٽرس اينڊ ٿنڪرس فورم جي پليٽ فارم تان سنڌ کپائڻ واري حڪومت ۽ پارٽي خلاف ”ٻٽو مڪاني نظام ختم ڪيو“ جي تحريڪ شروع ڪئي. ٻٽي مڪاني نظام جي جدوجهد ۾ منظور کي مون هميشه ثابت قدم ڏٺو ۽ هو پنهنجي سر جو سانگو لاهي سنڌ جي عاشقن جي پهرين صف ۾ غدارن کي للڪاريندي چارڻ جي چنگ وانگي جهر جهنگ وڄندو رهيو ۽ وقت جي ويڪائن جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيائين.
”سنڌڙيءَ جا پنج هو غدار ڏس
بي نڪا ۽ بي لڄا منهن ڪار ڏس“
سنڌ جو ٻيجل بڻجي منظور پنهنجي شاعري ۽ گائڪيءَ سان سنڌ جي وحدت جو اهڙو ته رنگ ڄمايو جو ماڻهن پنهنجي موبائيل فون جا رِنگ ٽون يا ڌنون به منظور جي ڪلامن جون رکي ڇڏيون. آخر ڪار ٻٽي مڪاني نظام جي ڪاري قانون جي اڇلايل ٿڪ، اڇلائڻ وارن کي چٽڻي پئي. سچ اهو آهي ته ٻٽي مڪاني نظام جي خلاف جدوجهد ۾ سڀ کان گهڻو منظور ڀوڳيو ڇو ته ڪانئر حڪمرانن نه صرف منظور جي سرڪاري نوڪري ختم ڪئي پر هڪ وقت اهڙو به آيو جو منظور کي ٽي ويءَ واري پارٽ ٽائيم نوڪري تان به هٿ کڻڻو پيو. نوڪريءَ کانسواءِ منظور اهي ڏينهن ڪيئن گذاريا ان جا گواهه اسان سڀ دوست آهيون. هو هڪ گهڙيءَ لاءِ به مايوس نه ٿيو ۽ وقت جون سختيون سسئي جي سورن يا ماروي جي قيد وانگي مرڪي گذاريون.
ٿوري قُوت قراريا، رهن سٻر ست
پنهوارڪي پت، پيهي پڇج ملير ۾.
منظور سولنگيءَ جا هن ڪتاب ۾ شامل ڊاڪيومينٽريز جا اسڪرپٽ پڙهي سچ ته مان مداح سان گڏ هن جو عاشق به ٿي پيو آهيان. مان سمجهان ٿو ته منظور جي هنن ڊاڪيومينٽريز کي بغير ڪنهن به فرق ۽ ناغي جي سڀني سنڌي چينلن کي هڪ دفعو روزانو هلائڻ گهرجي ته جيئن سنڌ جي هر ماڻهو ۽ سنڌيءَ تائين هي شاهڪار دستاويزي فلمون پهچن. جيڪڏهن ائين ٿئي ته پوءِ مونکي يقين آهي ته نه اسان جي ٻوليءَ کي خطرو هوندو نه ئي ڪا مادرِ علمي ڪڏهن بند ٿيندي، نه اسان جي ثقافتي ميراث کي ڪو مٽائي سگهندو، نه ئي سنڌ جي وحدت تي ڪو ڪانئر وار ڪري سگهندو، نه ڪو ڪو ڇتو ڪتو، ڪنهن استاد محترم جو قتل ڪري سگهندو ۽ نه وري ڪو راوڻ يا ڊڪٽيٽر اسان کان راڻن ۽ راڻين کي جدا ڪري سگهندو.
منهنجي دعويٰ آهي ته منظور جو اسڪرپٽ ”شهيد راڻي اسين شرمسار آهيون“ جيڪڏهن شرمين عبيد جهڙي ماهر ڊائريڪٽر جي حوالي ڪجي ته هوءَ ان تي آرام سان ٽيون آسڪر ايوارڊ حاصل ڪري سگهي ٿي.
سچ اهو آهي ته پ پ جي 8 سالن جي خراب حڪمراني ۽ سنڌ سان ويساهه گهاتين کانپوءِ ڀٽا اسان جي دلين مان وسري رهيا آهن پر منظور جي هن ڊاڪيومينٽري ڏسڻ کانپوءِ شهيد بي بي ۽ سندس خاندان کي اسان جا ايندڙ نسل به ياد ڪري لڙڪ روڪي نه سگهندا.
مان جيڪو پ پ ۽ زرداريءَ جي غداريءَ ڪري ڀٽن کان باغي ٿي چڪو آهيان پر جيترا دفعا به هن اسڪرپٽ کي پڙهان ٿو ته لڙڪ روڪي نه ٿو سگهان ۽ ڪالهه کان بي بي منهنجي اندر ۾ٻيهر ديرو ڄمائي ويٺي آهي. ڪمال ته ڏسو ”اڄ جڏهن تنهنجي شهادت کي پنج هزار پهرن کان وڌيڪ عرصو گذري چڪو آهي تڏهن اي شهيد راڻي…. اسين جيڪي ڇورا بڻجي ويل تنهنجا ڀائر ۽ ڀينر آهيون، اهي درد جي مستقل موسم ۾ آهيون. اها سرد شام جيڪا تنهنجي درد جو سنيهو کڻي آئي. اها اسان جي اکين ۾ آکيرو ڪري ويٺي آهي ۽ هاڻي اسان کي پنهنجي لوءِ جو هر لقاءُ، آهه و بقا ۾ پٽيندي ۽ پار ڪڍندي نظر ٿو اچي.“ يا وري هي درد ۽ بي حسي ڏسو. ”اي شهيد راڻي ...... اسان شهيد ڀٽي جو ڏک توسان گڏجي ونڊيو، اسان شاهنواز ۽ مرتضيٰ جي شهادتن جا ماتم توسان گڏ جي ڪيا، پر اسين تنهنجو غم ڪنهن سان ونڊيون؟ اسان تنهنجي تعزيت ڪنهن سان ڪيون...؟؟“
يا حسين ڪربلا! سنڌ هي درد ۽ پيڙا ڪيئن سهندي؟ هي رت ۾ ٻڏل پهر ۽ زهر ڪيئن پيئندي؟ ڇا هن ماتم کي قيامت تائين نڀائي سگهنداسين؟ ڪاش ڪو اسان جي اکڙين مان لڙڪ اگهي ۽ اسان کي مرڪون موٽائي ڏئي!!

مظفر چانڊيو
ڪراچي
اپريل 2016ع