اچو ته پنهنجي ثقافت کي پنهنجايون
ڏينهن، ڏڻن ۽ تهوارن جي تاريخ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته انسان ذات سڀ کان اڳ ۾ موسمي تهوار ملهايا.ان کان پوءِ عقيدن جي مذهبي ڏينهن جو وارو آيو ۽ ان کان پوءِ فصلي تهوارن جو نمبر آيو. پوءِ گرهن جي گرڻن مان پيدا ٿيل موسمن، موسمن جي مٽ سٽ سبب پيدا ٿيندڙ عقيدن، خيالن ۽ زمين جي زرخيزي مان انگورجي نڪرندڙ فصلن جي الڳ الڳ ڏينهن ۽ وارن کي جن جن رنگن، انگن، آوازن، اندازن،سرن ۽ سرورن سان ملهايو ويو ان کي ثقافت جو نالو ڏنو ويو.ثقافت رڳو ڪنهن لٽي جي ليڙ جو نالو ناهي. نه ئي ثقافت ڪنهن جهمر ۽ جهومر جو نانءُ آهي. ثقافت ڪنهن به قوم جي عقيدن، خيالن، خوابن، خوشين، امنگن، ڏکن ۽ جذبن جي اظهار لاءِ اختيار ڪيل طريقن، رواجن ۽ رسمن جو گڏيل نالو آهي. ڪابه قوم جڏهن پنهنجن عقيدن، خيالن، آسن، احساسن ۽ روز مرهه جي زندگي جي وهنوارن کي ادا ڪرڻ ۽ بيان ڪرڻ لاءِ جيڪا زبان، ريتون ۽ طريقا ايجاد ۽ اختيار ڪري ٿي ان کي ان قوم جو عقيدو، فن، ادب ۽ رسم توڙي رواج چئجي ٿو.تنهن ڪري جيڪڏهن ائين چئجي ته ثقافت ڪنهن به قوم جو سماجي لباس ٿئي ٿو تڏهن به شايد غلط نه ٿيندو.
ثقافت، تهذيب جي ننڍي پر جاڙي ڀيڻ آهي.تنهن ڪري تهذيب جي هر قدم پويان ثقافت جو پيرو آهي.سنڌ جي ثقافت به سنڌو ماٿري جي تهذيب جي هندوري ۾ لُڏي، ڪُڏي ۽ وڏي ٿي آهي. تنهن ڪري سنڌي ثقافت به ايتري عظيم ۽ قديم آهي جيتري وڏي ۽ وڏاندري سنڌي تهذيب آهي.ان ڪري سنڌ کي پنهنجي ثقافت تي، پنهنجي تهذيب جيترو ئي فخر ۽ ناز آهي.
ماڻهن جا مزاج رڳو وڏڙن جي هڏڙن جي رت ۽ ماس مان ئي نٿا ٺهن ۽ نه ئي رڳو ماڻهن جون طبيعتون پنهنجي پنهنجي ڌرتي جي دز مان ڦٽي نڪرن ٿيون.پر وڏڙن جو رت، ڌرتي جي ڌوڙ ، سمنڊ جي گِهم، درياهن جا پاڻي، زمينن جي جرن ۾ پوريل ڌاتو، هلچليون هوائون، سج جون شعائون،مختلف سيارن جي گردشي اثرن سان گڏجي ماڻهن جو مزاج ڳوهين ٿا ۽ پوءِ انهن گڏيل اثرن جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل ماڻهو جيڪي انساني رويا اختيار ڪري ٿو ۽ اظهار جا ذريعا ايجاد ڪري ٿو ان کي ڪلچر يا ثقافت چئجي ٿو.اڄ جڏهن اسين ثقافت جو ڏهاڙو ملهائي رهيا آهيون تڏهن اسان کي رڳو اجرڪ ۽ ٽوپيون پائي جهمريون هڻڻيون ناهن،پر ان ڏهاڙي تي اسانکي پنهنجي پنج هزار سالا تهذيبي زندگي ۾ اُسريل ۽ نسريل انهن سمورن ثقافتي قدرن ۽ رواجن جو به ويچار ۽ ورجاءُ ڪرڻو آهي جيڪي اسان جي ابن ۽ امڙين جي هزارين سالن جي فڪر ۽ پگهر جي پورهئي جو نچوڙ آهن.افسوس جي ڳالهه اها آهي ته انهن رواجن کي اسان اڄڪلهه وساري ڇڏيو آهي.جنهن ڪري اسان زوال ۽ تباهي ڏانهن وڌي رهيا آهيون.
سنڌي ثقافت جي گڻن ۽ لڇڻن ۾ هڪ گڻ رواداري ۽ درگذري به آهي. اڄڪلهه سنڌ ۾ درگذر ڪرڻ، مڙي وڃڻ يا معاف ڪرڻ جو رواج تيزيءَ سان ختم ٿي رهيو آهي.نتيجي طور ٻارن جي ڳالهه، مال جي ڀيل يا پاسي لڳڻ جهڙين ننڍڙين ڳالهين تي به جهيڙا ٿين ٿا ۽ انهن جهيڙن ۾ ڏهه ڏهه ماڻهو قتل ٿين ٿا. اسان جا وڏڙا چوندا هئا ته مُڙيو، جُڙيو آهي ۽ ٻيا چوندا هئا ته وڙهڻ ڪم ماڻهن جو ناهي پر وڙهڻ ڪم جانورن جو آهي. سنڌ جي فڪري امام شاهه عبداللطيف ڀٽائي پڻ ارهه زورائي ۽ هوڙهيائي کي ننديو آهي ۽ چيو آهي ته
”کم کمندن کٽيو - هارايو هوڙهن،
چکيو نه چوندن - هو جو ساءُ صبر جو“
سنڌيءَ ۾ ڪس کائڻ، مڙي وڃڻ يا معاف ڪرڻ جي ان روايت جا ٻيا ڪيترائي مثال موجود آهن جن تي عمل ڪندي اسان جا وڏڙا، ننڍين ننڍين ڳالهين تي ٿيندڙ تڪرارن جو نبيرو ڪندا هئا.
اڳي جيڪڏهن ڪو ماڻهوڪنهن ڳالهه تي ضد ڪندو هو يا نه مڙندو هو ته ٻيو کيس چوندو هو ته “ ادا مون ان ڳالهه کي ڇڏيو، مون توکي معاف ڪيو، ڀلي تنهنجو ئي ڀت گهاٽو هجي ” ثقافت جي هن ڏهاڙي تي اسان کي سنڌي سماج جو اهو درگذر ڪرڻ، معاف ڪرڻ ۽ مڙي وڃڻ وارو لڇڻ موٽائڻ لاءِ وچن ڪرڻ گهرجي ته جيئن ماڻهن ۾ سهپ ۽ برداشت جو معدو موٽي اچي ۽ ننڍين ننڍين ڳالهين تان خوني تڪرارن جو خاتمو ٿئي.
سنڌي ثقافت جو هڪ ٻيو گڻ تڏي تي هلي آيل کي مان ڏيڻ ۽ معاف ڪرڻ به آهي.اسان جا وڏڙا تڏي تي هلي آيل يا نياڻيون ميڙ ڪري وٺي اچڻ واري کي وڏي ۾ وڏو گناهه ۽ غلطي به معاف ڪري ڇڏيندا هئا. پر اڄڪلهه اسان جي رواجن مان اها سلڇڻائي به گُم ٿيندي پئي وڃي ۽ ڪيترن هنڌن تي تڏي تي آيل مهمانن تي حملا ۽ هلائون ڪيون وڃن ٿيون. هلي آيل کي مان ڏيڻ ۽ پنهنجي تڏي جي لڄ رکڻ سنڌي ثقافت جي اهم گڻن ۽خاصيتن منجهان هڪ آهي.ثقافت جي ڏهاڙي تي اسان کي تڏي تي ميڙ ٿي آيل کي معاف ڪرڻ وارا وڏڙن جا رواج ياد ڪرڻ ۽ ورجائڻ گهرجن ۽ پوءِ اهي رواج پنهنجائڻ به گهرجن. سنڌ جي ثقافت ۾ نياڻي جو مان ۽ مرتبو سدائين مٿانهون رهيو آهي. قديم زماني کان اهو رواج چالو رهيو آهي ته جڏهن ۽ جيڪڏهن، نياڻي هلي آئي يا ميڙ ٿي آئي ته سڀ اختلاف ختم ڪيا ويندا ۽ سڀ ڏوهه معاف ڪيا ويندا هئا.قديم زماني کان سنڌي ثقافت جو اهو رواج به رهيو آهي ته ڪيڏا به جهيڙا ٿين، ڪيڏي به ويڙهه ٿئي ، پر عورت ۽ نياڻي کي ڪو به نقصان نه پهچايو ويندو هو.پر اڄڪلهه جي جهيڙن جي شروعات ئي مخالفن جي عورتن کي اغوا ڪرڻ سان ٿئي ٿي.اُهو سنڌي سماج جيڪو نياڻيءَ کي امن جي نشاني سمجهندو هو ۽ عورت کي ست قرآنن جو درجو ڏيندو هو، اهو اڄڪلهه ڪيڏانهن گم ٿي ويو آهي ؟
دنيا جا عالم ۽ اڪابر ان ڳالهه تي اتفاق ڪن ٿا ته موهن جي دڙي وارو سماج ماءُ جي حاڪميت وارو ۽ عورت جي احترام وارو سماج هو. ثقافت جي هن ڏهاڙي تي اسان کي عورت جي عزت وارو اهو دور ۽ اسان کي پنهنجي ماءُ سان محبت وارو اهو وقت موٽائڻ لاءِ ڪوششن جو وچن ڪرڻ گهرجي ۽ سنڌ جي عورت مٿان لڙڪندڙ ڪارنهن جي ڪهاڙي کي هٽائڻ لاءِ عهد ڪرڻ گهرجي. سنڌي ثقافت ۾ سامن مٿان سر ڏيڻ جي جيڪا تاريخ رهي آهي.اڄڪلهه اسان جي معاشري مان ان جا نشان به گم ٿي رهيا آهن. سنڌ ۾ سامن تي سر ڏيڻ جا قصا رڳو سمي ابڙي جا ناهن پر سنڌ ۾ ته اهڙيون روايتون به ملن ٿيون.ته جيڪڏهن ڪنهن جي گهر ڪنهن جانور به اچي پناهه ورتي ته انجو به تحفظ ڪيو ويندو هو.سامن تي سر ڏيڻ ۽ امن لاءِ آيل عورتن جو احترام سنڌي معاشري مان ختم ٿيندو پيو وڃي !ثقافت جي هن ڏهاڙي تي اسان کي سامن جي سلامتي وارو سنڌي سخن به ياد رکڻ ۽ ورجائڻ گهرجي.
سنڌي ثقافت ۾ پاڙي جو خيال ۽ احترام صدين کان قائم رهندو آيو آهي.سنڌ جي رواجن ۾ ته اها ڳالهه به شامل رهي آهي ته پاڙي وارا ڪٿي ڪٿي ته مائٽن کان به وڌيڪ ويجها هوندا آهن.وڏڙا چوندا هئا ته ماڻهو جڏهن مري ٿو ته سڀ کان پهريائين پاڙي وارو اچي ان جو منهن ڏسي ٿو.يا ماڻهو جڏهن مصيبت ۾ اچي ٿو ته سڀ کان اڳ ۾ پاڙي وارو پهچي ٿو. تنهن ڪري پاڙيسري سڀ کان معزز ۽ قابلِ احترام هجي ٿو.“ پاڙو پيغمبرن کي به پيارو آ” جهڙا پهاڪا ٻڌائين ٿا ته سنڌي ثقافت ۾ پاڙي جو ڪيترو مان آهي پر اڄوڪي سنڌي معاشري ۾ پاڙو سڀ کان وڌيڪ ۽ سڀ کان وڏي خطري جو سبب بڻجي ٿو. اڳين زمانن ۾ ته ڏوهاري به پاڙي ۾ ڏوهه نه ڪندا هئا.پر اڄڪلهه انهن عذابن جو پاڙو ئي سڀ کان وڌيڪ شڪار ٿئي ٿو. اسان جي ثقافت جو ڏهاڙو اسان کان ان ڳالهه جي گهر ڪري ٿو ته سنڌ ۾ پاڙي جو پن ۽ پروڙ موٽائي وڃي ۽ پاڙي جو لحاظ ۽ احترام بحال ڪيو وڃي.
عدل ۽ انصاف به سنڌي سماج جي بنيادي خاصيتن ۾ شامل رهيا آهن. وڏڙا چوندا هئا ته لٺ کڻبي ڀاءُ ڪارڻ ۽ شاهدي ڏبي الله ڪارڻ. ڄام نظام الدين سمي کان شاهنواز جوڻيجي تائين ۽ غلام محمد مهر کان عبدالحميد جتوئي تائين،سنڌ جا ڪيترائي حاڪم ۽ چڱا مڙس پنهنجي انصاف ۽ بي ريائي سبب مشهور هئا.انهن حاڪمن ۽ چڱن مڙسن جي انصاف ڀرئي ڪردار سبب سندن وقتن ۽ علائقن ۾ مثالي امن رهيو آهي. زباني قصا توڙي لکيل تاريخون سندن تعريف ۾ اڳيان اڳيان آهن. پر سنڌ ۾ اڄ ڪلھه راڄوڻي انصاف وارو ڏيئو وسامڻ وارا آخري جھٽڪا ھڻي رھيو آھي. ڇا اھو ممڪن ناھي ته اسان جا پريا مڙس ۽ برادرين جا اڳواڻ انصاف جو اھو تاريخي ۽ مثالي نمونو پنھنجي پنھنجي علائقن ۾ بحال ڪن ته جيئن ماڻھن کي تڪڙو ۽ جٽادار امن ۽ انصاف ملي سگھي ؟ ثقافت جي ھن ڏھاڙي تي جيڪڏھن اسين سنڌ جي راڄن جي چڱن مڙسن کي سندن وڏڙن جو اُھو انصاف پسنديءَ وارو ورثو ياد ڏياريون ۽ سندن تعريف ۽ تعظيم ۾ ٻه جملا ڳالھايون ته سنڌ ۾ انصاف پسنديءَ وارو لڇڻ ۽ رواج به بحال ٿي سگھي ٿو. ۽ اسان جا تڪ ۽ تر ٻيھر ڀائيچاري ۽ سلامتي جو مرڪز بڻجي سگهن ٿا.
ثقافت جي ڏھاڙي کي اسان کي سنڌ مان لڏي ويل انصاف ۽ عدل وارو اھو جذبو موٽائڻ لاءِ ڪوششن ۾ گذارڻ گھرجي. سنڌو ماٿريءَ جي مٽي، پاڻي، هواءِ ۽ موسمي حالتن ھن واديءَ جي ماڻھن جي مزاج ۾ جيڪو پيار ۽ رحم اوتيو آھي ان ڪري ھتان جو ماڻھو ٻاجھاري طبيعت جو مالڪ رھيو آھي. مينھن ۽ درياهن جي گِهم ۽ پاڻي ۾ اسرندڙ ھن تھذيب جي ماڻھن کي فطرت ۽ انھن جي ساوڪن تي پلجندڙ سمورن ساھه وارن سان محبت ۽ رغبت رھي آھي. سنڌو ماٿري جا ماڻھو جانورن، پکين بلڪه سمورن ساھه وارن کي ھڪ جھڙو زندگيءَ جو درجو ڏيندا رھيا آھن. ھندن جي زماني جا گھوڙن ۽ گڏھن لاءِ ٺھيل پاڻي پيئڻ جا حوض ۽ اڄوڪي دور ۾ ڪراچي ۾ ڪبوتر چورنگي جھڙيون نشانيون ٻڌائين ٿيون ته اسان جي ثقافت ۾ پکين سميت سمورن ساھه وارن لاءِ پيار ۽ زندگي جي بخشش وارو جذبو رھيو آھي. سنڌي شاعري، لوڪ ادب توڙي پھاڪن ۾ ڪاسائي ۽ شڪاري ٻئي قابل نفرت ڪردار رھيا آھن. ديسي جانورن ۽ پرديسي پکين سان پيار ڪندڙ سنڌي ثقافت جو علمبردار ھي ماڻھون ٽنڊڻ کي به خدا جي مينھن سڏيندو آھي. ساھه وارن سان پيار ڪندڙ طبيعت وارو سنڌي سماج اڄ ڪلھه شڪارين جو گھر بڻجي ويو آھي ۽ اسان جا وات ۽ پيٽ جانورن ۽ پکيئڙن جي موت جي دٻن ۾ تبديل ٿي ويا آھن.
اھا ڳالھه طب جا ماھر ھزارين سالن کان چوندا پيا اچن ۽ ھاڻي ته ميڊيڪل سائنس به چوي ٿي ته سايون ڀاڄيون کائڻ سان صحت سٺي ۽ زندگي سوائي ملي ٿي. ثقافت جي اڄوڪي ڏھاڙي تي اسان کي پنھنجي وڏڙن جي اھا ريت ورجائڻي آھي ته اسان کي رڳو شڪاري ۽ گوشت خور جانور نه بڻجڻو آھي ۽ اسان کي جانورن ۽ پکين لاءِ اُھو پيار ۽ اُھا زندگي ٻيھر موٽائي انھن جي ضمانت ڏيڻي آھي.
مھمان نوازي سنڌي سماج جو اُھو گڻ آھي جنھن جو تاريخ جي ڪتابن ۽ ڏيساورن جي قصن ۾ وڏو چرچو رھيو آھي. غربت، لالچ ۽ ڪم چوري سبب اسان جي مھمان نوازي سخت متاثر ٿي آھي ۽ ھاڻي ته مھمانن کي ڦرڻ ۽ نشو ڏيئي انھن کي مارڻ جا قصا ٻڌڻ ۾ اچي رھيا آھن.
جيڪڏھن اسين چاھيون ٿا ته سنڌي ثقافت جو پراڻو اوج موٽي اچي ته اسان کي مھمان نوازي موٽائڻي پوندي ۽ مھمان نوازي کي ڌارين جي آبادگاري کان الڳ ڪري، ٻنھي ڪيسن کي الڳ الڳ نظر سان ڏسڻو پوندو. گھر آيل مھمان جي بنا فرق جي خدمت ڪرڻ مھمان نوازي آھي. ثقافت جي ڏھاڙي تي اسان کي سنڌي ثقافت جو اھو مُک لڇڻ يعني مھمان نوازي موٽائي آڻڻ لاءِ به وچن ڪرڻ گھرجي.
اڄ جي جديد دنيا جڏھن ڪميو نٽي سينٽر بحال ڪرڻ ۽تعمير ڪرڻ تي زور ڏئي ٿي ته اسان کي ھزارين سال اڳ پنھنجي اوطاق واري فلسفي تي فخر ٿئي ٿو. اھا ڳالھه مشاهدي مان ثابت ٿي آھي ته سنڌ ۾ جتي به اوطاقون آباد آھن اُتي ماڻھن ۾ جھيڙا ۽ نفاق گھٽ ھجن ٿا.
اوطاق سمورين مذھبي، سماجي ۽ معاشرتي خبرن ۽ سرگرمين جي ڏي وٺ جو مرڪز آھي. سنڌ جي ثقافت کي بحال ۽ توانو رکڻ لاءِ اسان کي اوطاق جي اداري يا انسٽيٽيوشن کي بحال ڪرڻو پوندو. اوطاق ڪميونٽي سينٽر جي اوائلي سنڌي شڪل آھي، تنھن ڪري اوطاق جي بحالي نھايت ضروري آھي. ثقافت جي ڏھاڙي تي اسان کي سنڌ جي اوطاق جي بحالي جو اعلان ۽ وچن ڪرڻ گھرجي ۽ جڏھن اوطاق بحال ٿيندي ته پوءِ اوطاق جي نم ۽ ٽالهين جي ڇانوَن ۾ پلجندڙ سنڌ جي محفل ۽ ڪچھرين جا سوين سُر، سنگيت ۽ سينگار پڻ بحال ٿيندا. لوڪ ادب ۽ ڏاھپ پروان چڙھندي ۽ ڪچھرين توڙي زباني قصن ذريعي ھڪ نسل کان ٻئي نسل تائين منتقل ٿيندڙ علم ۽ تاريخ پنھنجو سفر جاري رکندي. لوڪ ادب، فن، ڏاھپ ۽ لوڪ ورثي کي زندهه رکڻ لاءِ اوطاق جي اداري جي بحالي ضروري آھي.
سنڌ جي تاريخ ۾ اھڙا به ڪي مثال ڏٺا ۽ ٻڌا ويا آھن جن ۾ ماڻھن ۽ راڄن ظلم ۽ ناانصافي کي للڪاريو آھي. غلط کي غلط چوڻ ، رات کي رات ڪوٺڻ، ظالم کي ظالم سڏڻ، ظلم اڳيان ڪنڌ نه جُهڪائڻ ۽ مظلوم جو ساٿ ڏيڻ به سنڌي ثقافت جي اھم لڇڻن ۾ شامل رھيا آھن. اڄڪلھه لالچ ۽ لوڀ جو مصلحتون سنڌي ثقافت جي انھن عظيم خوبين کي کائي رھيون آھن ۽ ڏسڻا وائسڻا ، چڱا موچارا ماڻھو، ننڍن ۽ خصيص مصلحتن ۽ مفادن خاطر ظالمن ۽ طاقتور ماڻھن جو ساٿ ڏئي رھيا آھن . ساڳي ريت واعدو پارڻ يا زبان کي پاڻي ڏيڻ به سنڌي ثقافت جي سھڻن سخنن ۾ شامل رھيو آھي. راءِ ڏياچ جھڙن حاڪمن کي اڄ ان ڪري عزت حاصل آھي جو ھن پنھنجي واعدي کي سچو ثابت ڪرڻ خاطر پنھنجو سر پنهنجي هٿن سان وڍيو هو.
اڄ ثقافت جي ھن ڏھاڙي تي اسان کي ظالم کي للڪارڻ، ان کي سچ چوڻ ۽ واعدي کي ھر قيمت تي پاڙڻ جي سخنن کي بحال ڪرڻ جو وچن ڪرڻ گھرجي ۽ عهد ڪرڻ گھرجي ته واعدا ھميشه وفا ڪرڻ لاءِ ڪيا ويندا. سنڌ ۾ اڄڪلھه جيڪو ڏوھن جو راڄ آھي ان بابت به سنڌ جي ثقافت ۾ ڪي مثال ۽ تاريخ جا نشان ملن ٿا. سنڌ جي تاريخ ۾ ڏوھن ۽ ڏوھارين جي به ھڪ اخلاقيات يا اصول رھيا آھن. سنڌ جي تاريخ جي وڏن وڏن ڌاڙيلن ڪڏھن به ڪنھن عورت کي نه ڦريو ۽ ڪنھن نياڻيءَ سان ڏاڍائي نه ڪئي. مڙس ماڻھو چوندا ھئا ته ڪمزور سان وڙھڻ دلير جو شان ناھي. تنھن ڪري ٻارن، ٻڍڙن، ضعيفن ۽ زائفائن سان ڪڏھن به ويڙھه نه ڪئي ويندي ھئي ۽ نه ئي ڪڏھن انھن کي ڦريو ويندو ھو. ساڳيءَ ريت جيڪڏھن چور ڪنھن چوريءَ تي ويندو ھو ۽ عورت جو لٽو ڏسندو ھو،لوڻ چکندو ھو يا ڀل ۾ قرآن تي ھٿ رکندو ھو ته چوري ڪرڻ کان سواءِ ئي واپس اچي ويندو ھو .ساڳيءَ ريت چور ڪيڏو به بھادر ھوندو ھو پر پاڻ کي ھميشه چور ئي سمجھندو ھو ۽ ڀاڳئي جي کنگھه کَڙ ڪي تي لڪي ڀڄندو ھو. ڪڏھن به چور، ڀاڳئي تي سڌو حملو نه ڪندو ھو. پر اڄڪلھه ڏوھارين وٽ ڪا اخلاقيات نه رھي آھي ۽ سندن ڏاڍ ۽ ظلم جو سڀ کان وڏو شڪار معصوم ٻار، عورتون ۽ ڪمزور ماڻھون آھن.
ثقافت جو ھي ڏھاڙو اسان کان سنڌ جي قديم ۽ سھڻن هنرن جي زندگي ۽ بحالي جو مطالبو پڻ ڪري ٿو. تنھن ڪري اسان کي پنھنجي پٽڪن، ٽوپين، اجرڪن ۽ رلين سميت سمورين ثقافتي شاھپارن جي واڌ ويجهه لاءِ عهد ڪرڻ گھرجي ته اسان انھن کي خريد ڪيو ن۽ استمعال ڪيون.
سڀ کان آخر ۾ ته ثقافت جو ھي ڏھاڙو اسان کان پنھنجي ٻولي جي بحالي ۽ زندگي جو مطالبو پڻ ڪري ٿو. اسان سڀني کي پنھنجي ماءُ جي ٻولي تي فخر ھئڻ گھرجي ۽ اسان کي پنھنجي ٻولي ۾ لکڻ، ڳائڻ ۽ ڳالھائڻ گھرجي. ۽ نه صرف ائين ڪرڻ گھرجي پر اسان کي درست ۽ نج ٻولي ڳالھائڻ جي به ڪوشش ڪرڻ گھرجي. ٻين ٻولين جو ورجاءُ ۽ استعمال پڻ ھڪ نفسياتي بيماري آھي. تنھن ڪري انھن کان بچڻ گھرجي. شاھه جو رسالو ھر سنڌيءَ جي گھر ۾ ھئڻ گھرجي. سنڌي اخبار ھر گھر ۾ اچڻ گھرجي. سنڌي ٽي وي ھر گھر ۾ ڏسڻ گھرجي ۽ موبائل فون ذريعي موڪليل پيغام عرف ايس ايم ايس سنڌي ۾ لکڻ گھرجي. ھر ماڻھون سان سڃاڻپ ٿيڻ تائين پھريون گفتو سنڌيءَ ۾ ڳالھائڻ گھرجي ۽ سنڌي ڪتابن جي وڪري ۽ واڌاري لاءِ ۽ سگھڙن جي ڪچهرين ۽ محفلن جي همت افزائي لاءِ سندن پٺي ٺپڻ گھرجي.
اولھه جا ملڪ علامت خاطر ئي سھي پنھنجي بادشاھت کي قائم رکيو ويٺا آھن ته اسان کي به پنھنجي قديم فنن، هنرن ۽ سگھڙن کي زندهه ۽ سلامت رکڻ لاءِ ڪوششون ڪرڻ گھرجن. اڄ ثقافت جو ڏھاڙو جنھن طريقي سان ملهائجي رھيو آھي اھو سنڌي ٻولي ۽ ثقافت جي ڪاميابيءَ جو اهڃاڻ آھي. ھڪ تاريخدان لکيو آھي ته مغل بادشاھه ظھيرالدين بابر ھندستان کي فتح ڪيو پر بابر بادشاھه جي پوٽي اڪبر اعظم کي وري ھندستان جي ثقافت فتح ڪري ورتو. بلڪل اھڙي ريت اڄ سنڌي ثقافت ۽ ٻوليءَ به ڪيترن ئي ناءُ ڪٺين کي فتح ڪري ورتو آھي ۽ اھي ماڻھون جيڪي پاڻ ۾ يا پنھنجي گھرن ۾ به سنڌي نه ڳالھائيندا آھن اھي اڄ سنڌي ثقافت ۽ ٻولي جي واڌاري جا نعرا ھڻي رھيا آھن.
(ڊسمبر 2012 ۾ نشر ٿيل )