تاريخ، فلسفو ۽ سياست

سنڌ ھڪ درد ڪھاڻي آھي

ڪتاب ۾ شامل ڪيل  هي ڊاڪيومينٽريز سنڌ جي هڪ جيئري جاڳندي ۽ ڳالهائيندڙ ٻولهائيندڙ تاريخ آهن. ايندڙ دور ۾ جڏهن تاريخ ڪتابن جي قرطاس مان نڪري واريءَ جي ذرڙن واري چپس تي هميشه لاءِ منتقل ٿيندي ته ان وقت هي ڊاڪيومينٽريز سنڌ جي تاريخ جو هڪ املهه ۽ محقق ماخذ بڻبيون. منظور سولنگي پنهنجي دور جو هڪ ليجنڊ ليکڪ ۽ ڏاهو ڏات ڌڻي آهي، هُن جي کرائي ۽ بي غرضي ڪنهن کي پسند نه به هجي پر هُن جي سنڌ سان غيرمشروط محبت، فدائيت ۽ جاکوڙ تي ڪي به ٻه رايا ناهن رهيا. هن سڄي زندگي هڪ کاهوڙي Activist جي حيثيت ۾ گذاري آهي. سنڌ جي اديبن، دانشورن ۽ ليکڪن پاران سنڌ جي وحدت ۽ ان جي اشوز تي آواز ۽ جاڳرتا اٿارڻ واري ويڙهه ۾ هو سدائين پهرين جوڙ جو ملهه رهيو آهي.

Title Cover of book سنڌ ھڪ درد ڪھاڻي آھي

پ پ کي مشرف جو نظام قبولڻ نه گهرجي

سنڌ جي مڪاني ادارن جي چونڊن ۽ نظام بابت پيپلزپارٽي ۽ متحدا جا تفريحي اجلاس جاري آهن. گذريل ڇهن مهينن کان ڪور ڪميٽيءَ جي نالي ۽ نمبر پليٽ سان هلندڙ گاڏي هڪ درجن کان وڌيڪ اجلاس ڪرڻ باوجود پنهنجي منزل تي نه پهتي آهي. پيپلزپارٽيءَ جي اتحادي ڌر متحدا جو مطالبو آهي ته مشرف جي ناظمي واري نظام کي برقرار رکيو وڃي، ڪراچيءَ کي پنجن ضلعن ۾ بحال نه ڪيو وڃي ۽ سنڌ حڪومت جا روينيو، پوليس، صحت ۽ تعليم جهڙا اهم کاتا شهري سرڪار جي ناظم جي حڪم هيٺ ڪيا وڃن. ٻئي طرف پيپلزپارٽي جي حڪومت ٻه واٽي تي بيٺل آهي، ان کان پنهنجي ووٽرن، چونڊيل نمائندن ۽ گذريل چونڊ مهم ۾ ڪيل واعدن جو مطالبو آهي ته سنڌ ۾ 1979 وارو بلدياتي نظام بحال ڪيو وڃي. ڪراچيءَ جي ڏيڍ ڪروڙ واري آباديءَ جي شهر کي اڳوڻن پنجن ضلعن ۾ بحال ڪيو وڃي ۽ ناظمن کي ڏنل اختيارن جي ڇڙواڳيءَ کي گهٽايو وڃي. ٻئي طرف پيپلزپارٽيءَ جي سرڪار متحدا کي به راضي ڪرڻ جي جتنن ۾ مصروف آهي. خبرناهي ته پ پ قيادت کي پنهنجي نمائندن کان وڌيڪ اتحادي نمائندن کي راضي رکڻ جو ڪهڙو لاچار آهي جو غلام حسين عمراڻي جي ڪلام وانگي پ پ اڳواڻ پاڻ کي ”قنڌار“ سمجهڻ باوجود اتحادي ڌر اڳيان ايترو ”مجبور“ آهن.
سنڌ جي عوام جنهن پ پ کي اميدن کان وڌيڪ ووٽ ڏئي اقتدار ۾ موڪليو آهي اهو عوام پ پ قيادت جي روين ۽ پاليسين تي پريشان آهي ته آخرڪار هن ڀيري پ پ پنهنجي پروگرام کان ايڏي پاسي مٽ ڇو ڪئي آهي ۽ پيپلزپارٽي ايتري بيوس ڇو آهي؟ ۽ پ پ کي پنهنجي گهرڀاتين کان وڌيڪ پاڙي وارن جو لاچار ڇا لاءِ آهي؟
سڀ کان اڳ ۾ پيپلزپارٽي جي قيادت کي مڪاني ادارن جي نظام ۽ بنياد کي سمجهڻ گهرجي. پاڪستان جي مختصر سياسي تاريخ اها رهي آهي ته هن ملڪ جي ٽن وڏن آمرن، جنرل ايوب، جنرل ضياءَ ۽ جنرل پرويز مشرف، ملڪ جي سياسي اقتدار تي قبضو ڪرڻ کان پوءِ هميشه غير جماعتي بلدياتي نظام متعارف ۽ مضبوط ڪرايو آهي. پاڪستان جي ٽنهي وقت جي آمرن، اهو سڀ ڪجهه ان لاءِ پئي ڪيو ته جيئن بلدياتي نظام ذريعي ملڪ ۾ نئين سياسي قيادت کي پيدا ڪيو وڃي ۽ پوءِ نون سياسي اڳواڻن کي اختيار ۽ پئسو ڏئي کين تجربيڪار عوامي اڳواڻن جي مقابلي ۾ لاٿو وڃي. نه رڳو ايترو پر پاڪستان جي ٽنهي وڏن آمرن، پنهنجي پنهنجي دور جي سياسي اڳواڻن کي بدعنوان ۽ عوام دشمن قرار ڏئي چونڊن ۽ سياست کان پري رکڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ بلدياتي نظام جي پولٽري فارمن ذريعي اهي نوان سياسي اڳواڻ پيدا ڪيا، جيڪي ڏسڻ ۽ ڳالهائڻ ۾ ته سياستدان هئا پر منجهن سياست ۽ قيادت جون ڪي به بنيادي خوبيون ۽ صلاحيتون موجود نه هيون.
1973ع جي آئين ۾ آئين کي ٽوڙڻ وارن لاءِ موت جي سزا تجويز ڪيل آهي، تنهن ڪري 73ع کان پوءِ جيڪي ٻه وڏيون مارشلا لائون آيون آهن، ان کان پوءِ آمرن، پنهنجي غداريءَ جهڙي مارشلا جي قدم کي آئيني تحفظ ڏياريو آهي. جنرل ضياءَ 73ع جي آئين ۾ اٺين ترميم ذريعي پنهنجي غيرقانوني قدمن کي آئيني تحفظ جو ڪوٽ ڏياريو آهي. جيتوڻيڪ 1979ع وارو بلدياتي نظام به هڪ آمر جو ئي ڏنل آهي پر پرويز مشرف جو بلدياتي نظام سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ آهي. پرويز مشرف کي اندازو هو ته 2001ع ايڪيهين صديءَ جو پهريون سال آهي. عوام سجاڳ آهي، ميڊيا نسبتن آزاد آهي، شهري ۽ انساني حقن لاءِ وڙهندڙ ڪارڪن ۽ تنظيمون موجود آهن، تنهن ڪري کيس پارليامينٽ مان اقتدار تي قبضي جو سرٽيفڪيٽ سولائي سان نه ملندو، ان سبب جي ڪري پرويز مشرف هڪ ته ملڪ جي ٻن وڏين پارٽين پ پ ۽ مسلم ليگ نواز کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو ۽ انهن جي قيادت يعني محترما بينظير ڀٽو ۽ ميان نواز شريف کي ملڪ کان ٻاهر رهڻ تي مجبور ڪيو ۽ ٻيو ته بلدياتي نظام کي ايترو مضبوط بنايو، جو صوبائي توڙي مرڪزي حڪومتن جي اهميت گهٽجي وئي. اهو پرويز مشرف جي دٻاءَ جو ئي نتيجو هو جو پيپلزپارٽي کي پ پ پارليامينٽرين جو نالو رکڻو پئجي ويو ۽ مسلم ليگ نواز کي نواز شريف بجاءِ شهباز شريف کي پارٽي سربراهه بنائڻو پيو. جنرل پرويز مشرف، ملڪ جي سياسي ايوانن ۽ اقتدار کي اهڙيءَ ريت هيٺ مٿي ڪيو جو ماڻهو صوبائي اسيمبلين ۽ قومي اسيمبلين جو ميمبريون ڇڏي لوڪل ڪائونسلن جا دفتر پڇڻ لڳا. جنرل پرويز مشرف ضلعي ناظمن کي ايترا اختيار ۽ پئسا ڏنا جو 2005ع جي بلدياتي چونڊن دوران ڪجهه ايم اين ايز، قومي اسيبمليءَ جي ميمبري ڇڏي ضلعي ناظم ٿيڻ لاءِ ميدان ۾ لٿا.
ناظمن جي بلدياتي نظام ذريعي، جنرل پرويز مشرف حقيقت ۾ ملڪ کي اندروني طرح ٽوڙي پرزا پرزا ڪيو ۽ ملڪ کي 110 ضلعي رياستن ۾ اهڙيءَ ريت ورهائي ڇڏيو آهي جو هينئر جڏهن تاريخ جو اهو بدترين آمر ملڪ مان ڀڄي چڪو آهي تڏهن، سندس تاتيل ۽ پاليل ناظم، سندس نظام مان هٿ ڪڍڻ لاءِ تيار نه آهن ۽ هو ضد ٻڌي بيٺا آهن ته اسين پرويز مشرف جي نظام کي تبديل ٿيڻ نه ڏينداسين. ماضيءَ ۾ پيپلزپارٽيءَ جي اها خصوصيت رهي آهي ته هن سدائين آمريت جون نشانيون ڊاهڻ ۽ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هڪ عوامي ۽ جمهوري پارٽي کي ڪرڻ به ائين ئي گهرجي جيئن پ پ ماضيءَ ۾ ڪيو آهي. ڇا پيپلزپارٽيءَ سميت ڪنهن به جمهوري پارٽيءَ لاءِ اهو ممڪن آهي ته هو هڪ آمر جي آئين ۽ ان جي متعارف ڪرايل نظام کي ڪنهن هڪ سياسي ڌر جي خواهش يا فرمائش تي برقرار رکي؟ ڇا اهو پيپلزپارٽيءَ لاءِ ممڪن آهي ته هوءَ پرويز مشرف جي حامين ۽ ساٿارين کي به قبول ڪري ۽ انهن ۾ آمريتي دور وارين ريتن ۽ رواجن کي به برقرار رکي؟ ان جو مطلب ته اهو ٿيو ته پ پ پنهنجو پروگرام ۽ اوليتون ڇڏي، پرويز مشرف جي پٺيان لڳي پئي...!!
ٻيو ڪير ڪهڙي سياست ٿو ڪري ان جو پنهنجو رستو آهي پر پ پ جهڙي جمهوري جدوجهد جو شاندار ماضي رکندڙ پارٽيءَ کي پنهنجو رستو نه ڇڏڻ گهرجي. پيپلزپارٽيءَ تاريخ ۾ هميشه رڳو آمريت ۽ ان جي نشانين کي للڪاريو آهي ۽ انهن سان ڪڏهن به ٺاهه نه ڪيو آهي. پيپلزپارٽي هميشه اقتدار جي وڏن وڏن ٿڙن کي ڪيرايو آهي، تنهن ڪري کيس انهن ٿڙن جي ڇانو ۽ پاڙ مان نڪرندڙ گئونچن جي پرواهه نه ڪرڻ گهرجي.
سنڌ جي ماڻهن ۽ ملڪ جي عوام پ پ کي جيڪو ايترو وڏو ووٽ ڏنو آهي، ان جو مطلب به اهو ئي آهي ته ملڪ ۾ تبديلي اچي ۽ ملڪي سياست جي مُک تان آمريت جون سڀئي رهڙون ۽ نشانيون ڊاٺيون وڃن. ناظمن وارو بلدياتي نظام رڳو پرويز مشرف جي آمريت جي هڪ نشاني نه آهي، پر اهو نظام پاڪستاني تاريخ جي ان مڪار جنرل جو جمهوري نظام خلاف سڀ کان وڏو هٿيار هو، جيڪو اڄ ڏينهن تائين خاص ڪري سنڌ حڪومت سان وڙهي رهيو آهي. سياست ۾ مصلحت هڪ سٺي شيءِ آهي پر اصول مصلحت کان به وڌيڪ اتم هئڻ گهرجن. عوام سان ڪيل واعدن جو نڀاءُ ان کان به وڌيڪ اهم هئڻ گهرجي. پنهنجي عوام ۽ ووٽرن جي خواهشن جو احترام سڀ کان محترم ۽ مٿانهون هئڻ گهرجي.
پيپلزپارٽي جي سرڪار تي مخالفن جا اڳ ۾ به ڪيترائي الزام آهن ۽ انهن الزامن ۾ وزن به آهي ته پ پ حڪومت جا اتحادي مشرف سرڪار جا اتحادي آهن. پ پ حڪومت جا سڀ گورنر پرويز مشرف جا ئي مقرر ڪيل آهن. سنڌ جي چيف سيڪريٽري سميت ڪيترائي ڪامورا آمريت جو ئي تسلسل آهن. تنهن ڪري اسان پيپلزپارٽي کي تجويز ڪنداسين ته کيس پرويز مشرف ۽ پ پ وچ ۾ فرق جي ليڪ واضح ڪڍڻ گهرجي. جيڪڏهن ڪا ننڍي ۽ شهري پارٽي پنهنجي مفادن خاطر پ پ سرڪار تي دٻاءُ وجهي سگهي ٿي ته پ پ کي وڏي جمهوري ۽ عوامي پارٽي هئڻ ناتي پنهنجو موقف به سگهاري انداز ۾ ڏيکاري ۽ محسوس ڪرائڻ گهرجي.
دنيا جون جمهوري پارٽيون اصولن خاطر حڪومتن کان الڳ ٿي وينديون آهن، هندستان ۾ گذريل پارليامينٽ ۾ آمريڪا سان ائٽمي ٺاهه تي احتجاج ڪندي ڪميونسٽ پارٽيون ڪانگريس حڪومت کان الڳ ٿي ويون هيون. هندستان جي پارليامينٽ ۾ ته ڪميونسٽ ٿورائي ۾ هئا پر پوءِ به پنهنجي اصول جي سياست کي اتم رکيائون. اسان وٽ پ پ سرڪار اڪثريتي پارٽي آهي، اها جيڪڏهن چاهي ته ڪنهن پارٽيءَ جي دٻاءَ کان سواءِ به مشرف جي نشانين کي ختم ڪري سگهي ٿي. پيپلزپارٽيءَ کي هاڻي فيصلو ڪرڻو آهي ته اها پرويز مشرف جي نظام جي حامي بنجي ٿي يا ان جي مخالف. خدا نه ڪري جيڪڏهن پيپلزپارٽي پرويز مشرف جي بلدياتي نظام کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ پنهنجا اصول ۽ هٿيار هيٺ ڦٽا ڪيا ته ايندڙ چونڊن ۾ پ پ خلاف سڀ کان وڏو نعرو مشرف جي حمايت جو هوندو. پ پ قيادت کي سمجهڻ گهرجي ته پارٽي ماءُ وانگي آهي ۽ حڪومتون جنم وٺندڙ ٻارن وانگي آهن، تنهن ڪري اصولن تي قائم رهي، مشرف جي نظام کي ختم ڪري پارٽي ماءُ کي بچائڻ جي ضرورت آهي. ماءُ پارٽي زندهه رهندي ته حڪومت جا ڪيئي ٻچا ڄڻيندي رهندي پر جيڪڏهن ماءُ جهڙي پارٽي مري وئي ته پوءِ اقتدار جو ٻيو ٻار ڪڏهن به جنم نه وٺي سگهندو.ها ائين ضرور آهي ته پيپلزپارٽيءَ جي اوچي عمارت ٺاهيندڙ مقبوليت جون منزلون هر صوبي ۾ آهن، پنجاب ۾ به آهن، بلوچستان ۾ به آهن، سرحد ۾ به آهن، گلگت، بلتستان، ڪشمير ۽ قبائلي علائقن ۾ به آهن پر پ پ جو مضبوط بنياد سنڌ جو ووٽر آهي ۽ جيڪڏهن اهو بنياد ڪمزور ٿيو ته سڄي عمارت پٽ اچي پوندي.
نه رڳو ايترو پر پيپلزپارٽي کي عظيم ۽ امرت پارٽي بنائيندڙ ايم آر ڊيءَ جي عظيم جدوجهد جو بنياد به سنڌ آهي. سنڌ جي ماڻهن نه رڳو ايم آر ڊي تحريڪ ۾ فوجي آپريشن ڀوڳيو. پر ان تحريڪ جي سزا ۾ بڇايل ڌاڙيلن جي بگهڙ ٽولن جو عذاب به ڀوڳيو، پر ان کان وڌيڪ ته سنڌ شهيد راڻي جي شهادت وقت پنهنجي پاڻ کي ساڙي جهڙيءَ ريت احتجاج ڪيو. اهو به تاريخ ۾ ڪڏهن، ڪنهن کان وسري نه سگهندو.
اها سنڌ جنهن پ پ لاءِ ايڏيون وڏيون قربانيون ڏنيون آهن، اها سنڌ جنهن پ پ جي قيادت ۾ ايڏي ولوڙ ۽ جاکوڙ ڪئي آهي، اها سنڌ جنهن پ پ لاءِ هيترو رت ۽ ست ڏنو آهي، اها سنڌ جنهن جي ماڻهن دامين، ڌرمين، سخنين يعني هڙان وڙان ڏئي، سدائين پ پ جو منهن مٿي ڪيو آهي. ان پ پ کي سنڌ جي ماڻهن جي ويساهه کي قتل ڪرڻ نه گهرجي ۽ سنڌ جي ڳچيءَ مان مشرف جي نظام جو ڳٽ هر صورت ۾ ڀڃي لاهڻ گهرجي. پ پ کي ڪراچيءَ جا ضلعا بحال ڪرڻ گهرجن، مشرف جو بلدياتي نظام ختم ڪرڻ گهرجي. ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، نواب شاهه ۽ سکر ۾ ٽوڙيل تعلقا ۽ ضلعا بحال ڪرڻ گهرجن. پ پ کي سنڌ جي ماڻهن جو قرض واپس ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته سنڌ جا ماڻهو پ پ کان پنهنجي حمايت ۽ محبت جو مُور واپس وٺڻ تي مجبور ٿيندا ۽ پ پ شاندار مستقبل واري پارٽي بنجڻ بجاءِ خراب ماضي واري پارٽي ليکي ويندي. خدا ڪري ائين نه ٿئي.

(جولاءِ 2012ع ۾ نشر ٿيل)