تاريخ، فلسفو ۽ سياست

سنڌ ھڪ درد ڪھاڻي آھي

ڪتاب ۾ شامل ڪيل  هي ڊاڪيومينٽريز سنڌ جي هڪ جيئري جاڳندي ۽ ڳالهائيندڙ ٻولهائيندڙ تاريخ آهن. ايندڙ دور ۾ جڏهن تاريخ ڪتابن جي قرطاس مان نڪري واريءَ جي ذرڙن واري چپس تي هميشه لاءِ منتقل ٿيندي ته ان وقت هي ڊاڪيومينٽريز سنڌ جي تاريخ جو هڪ املهه ۽ محقق ماخذ بڻبيون. منظور سولنگي پنهنجي دور جو هڪ ليجنڊ ليکڪ ۽ ڏاهو ڏات ڌڻي آهي، هُن جي کرائي ۽ بي غرضي ڪنهن کي پسند نه به هجي پر هُن جي سنڌ سان غيرمشروط محبت، فدائيت ۽ جاکوڙ تي ڪي به ٻه رايا ناهن رهيا. هن سڄي زندگي هڪ کاهوڙي Activist جي حيثيت ۾ گذاري آهي. سنڌ جي اديبن، دانشورن ۽ ليکڪن پاران سنڌ جي وحدت ۽ ان جي اشوز تي آواز ۽ جاڳرتا اٿارڻ واري ويڙهه ۾ هو سدائين پهرين جوڙ جو ملهه رهيو آهي.

Title Cover of book سنڌ ھڪ درد ڪھاڻي آھي

شهيد راڻي اسين شرمسار آهيون!!

اڄ ٻي ورسيءَ جي موقعي تي، جڏهن تنهنجي وڇوڙي کي سوا ست سؤ ڏينهن گذري چڪا آهن ۽ اسين تنهنجي قاتل جو ڪو پيرو به نه کڻي سگهيا آهيون. تڏهن اي شهيد راڻي...!!- اسان جا ڪنڌ ۽ قلم سڀ جهڪيل آهن. سمجهه ۾ نٿو اچي ته شرمساري جي ان عالم ۾ اسين ڪهڙي منهن سان تنهنجي اڳيان اچون ۽ ڪهڙن لفظن سان توکي ياد ڪيون؟
اڄ جڏهن تنهنجي شهادت کي پنج هزار پهرن کان وڌيڪ عرصو گذري چڪو آهي، تڏهن اي شهيد راڻي اسين جيڪي ڇورا بڻجي ويل تنهنجا ڀائر ۽ ڀينر آهيون. اهي درد جي مستقل موسم ۾ آهيون. اها سرد شام جيڪا تنهنجي درد جو سنيهو کڻي آئي. اها اسان جي اکين ۾ آکيرو ڪري ويٺي آهي ۽ هاڻي اسان کي پنهنجي لوءِ جو هر لقاءَ، آهه و بڪا ۾ پٽيندي ۽ پار ڪڍندي نظر ٿو اچي.
تنهنجي شهادت اسان جي دلين ۾ هڪ دائمي ڪربلا قائم ڪري ورتي آهي. جنهن تي اسان جو هڪ هڪ لمحو گريو ڪندو گذري ٿو.
ڪهڙي يار پڇين ٿو دل جي خبر
هت روز ڏهين آ محرم جي.
اي شهيد راڻي...!! هونئن ته اسين خدابخش جي ڳڙهيءَ جا پراڻا پانڌيئڙا آهيون ۽ سدائين ڀٽن جي بٺين جي مٽي ميڙيندي نه ٿڪبا آهيون پر تنهنجي شهادت کان پوءِ اسان اهو ست به نه ساري سگهيا آهيون ته تنهنجي مزار تي اچي ڪا دعا گهرون. اسان توکي سدائين اوچن اسٽيجن تي ڏٺو، اسان توکي سدائين ڪنڌ ۽ ڪپاٽ مٿي ڪري ٻڌو. اسان توکي هوائن ۽ فضائن ۾ گونجندي ڏٺو. تون جيڪا مسيحائن جهڙي طبيعت ۽ ديوتائن جهڙي قد و قامت رکندڙ سنڌوماٿريءَ جي سڪيلڌي شهزادي هئينءَ- ان کي اسين ڪنڌ جهڪائي قبر ۾ ڪيئن ڏسون؟ اسين نٿا ڏسي سگهون.
هونئن ته هر جيءُ فاني آهي ۽ موت جو زندگي سان هڪ فطري رشتو آهي پر اي شهيد راڻي...!! الائي ڇو تون اسان کي فنائيت کان فاني ۽ بقائيت جي نشاني لڳندي هئينءَ. اسان سدائين ائين سمجهو هو ته تون نه رڳو پاڻ امرت آهين، پر امرتا بخشيندڙ به آهين. تنهنجي جستجو جيئدان جي علامت ۽ تنهنجي گفتگو نرواڻ جي ضمانت هوندي هئي. تون ڏاهپ، ذهانت، محنت ۽ عوام سان محبت ۾ بيمثال هئينءَ، تنهن ڪري تنهنجو بخت ۽ ساعٿ به ڪمال جي هئي. ڏکوئيل ڏيهه جي ڏڪاري موسم ۾، وطن جي سڪل وڻن هيٺان جڏهن تون اچي ويهندي هئينءَ ته بخت آسمان مان اوڙڪون ڪري وسندو ۽ زمين مان ڀاڳ ڦوهارا ڪري نڪرندو هو. اهوئي سبب هو جو ماڻهو توکي ڀاڳ وان يا بخت جي ديوي ڪري سڏيندا هئا.
شهيد راڻي تون نه رڳو پاڻ دلير هئينءَ پر بهادري بخشيندڙ به هئينءَ. توکي ڏسڻ کان پوءِ هيڻين هاٺين وارن لوڪن ۾ هاٿين جهڙن حاڪمن سان جهيڙڻ جي سگهه اچي ويندي هئي. قدرت تو ۾ سڀ خوبيون اهڙي ريت اوتيون هيون جو تون ڪڏهن ديوتا، ڪڏهن فرشتا، ڪڏهن معجزو ڪڏهن حادثو ۽ ڪڏهن ڪڏهن وري سڀني جو گلدستو لڳندي هئينءَ.
اسان ڪڏهن سوچيو به نه هو ته تون جيڪا زندگيءَ جي جنگ کٽيندڙ آهين اها ڪڏهن زندگي هارائي به سگهين ٿي؟ اسان ته توسان وچن ڪيا هئا ته اسين سڀ مري به توکي بچائينداسين يا توسان گڏجي جيئڻ ۽ مرڻ ڪنداسين. پر نه اسين توکي بچائي سگهياسين ۽ نه وري توکي ماريندڙن جي ٻانهن ۾ هٿ وجهي سگهياسين. تون پنهنجي قولن تي قائم رهينءَ ۽ سخن پروريءَ جي جستجو ۾ جهيڙيندي جهيڙيندي ماري به وئينءَ. پر اسان توسان ڪو به واعدو وفا نه ڪري سگهياسين. اسين پنهنجي سخن شڪني تي ۽ ان محسن ڪشيءَ تي ملامت جا حقدار آهيون، گنهگار آهيون، شرمسار آهيون.
اي شهيد راڻي....!! اسان لاءِ ته اهو ڏينهن به محرم جو هو جنهن ڏينهن شهيد ڀٽي کي سنگينن جي ڇانو ۾ ڳڙهي خدا بخش ۾ دفن ڪيو ويو ۽ اسان لاءِ اهي ٻئي ڏينهن به ماتم جهڙا هئا جنهن ڏينهن تنهنجي شهزادن ڀائرن، شاهنواز ۽ مرتضيٰ کي ڌار ڌار نموني شهيد ڪري سندن لاش توکي موڪليا ويا پر اسان لاءِ 27 ڊسمبر جو ڏينهن ڪنهن وڏي ڪربلا کان به وڌيڪ ڪهرامي هو. اسان شهيد ڀٽي جو ڏک توسان گڏجي ونڊيو، اسان شاهنواز ۽ مرتضيٰ جي شهادتن جا ماتم توسان گڏجي ڪيا پر اسين تنهنجو غم ڪنهن سان ونڊيون؟ اسين تنهنجي تعزيت ڪنهن سان ڪيون؟ ڳڙهي خدا بخش ڏانهن ايندڙ اداس رستا به اسان کان سوال ڪن ٿا ۽ شهيدن جي آستان ڏانهن ويندڙ واٽن جا وڻ به اسان کان پڇن ٿا ته اي پٽيندڙ قوم جا پانڌيئڙو..! ڪنهن لاءِ ٿا پٽيو؟ ڪيڏانهن ٿا وڃو؟ ذوالفقار علي ڀٽي جي باغ جا سڀئي گل پنهنجي مکڙي واري موسم ۾ ئي مروڙيا ويا آهن. وقت کان اڳئي ماريا ويا آهن. ڳڙهي خدابخش جي قبرستان شهيدن جو ايترو استقبال ڪيو آهي جو هاڻي اهو قبرستان مان بدلجي شهيدن جو آستان بڻجي چڪو آهي ۽ هاڻي ان آستان ۾ شهيدن جي چوياري قائم ٿي پئي آهي. اوهين جيڪي راهن جا رولاڪ ۽ روئڻ جا هيراڪ آهيو، اهي روئڻ کان سواءِ ٻيو ڪندا به ڇا آهيو؟ اي شهيد راڻي اسان وٽ انهن سوالن جا ڪي به جواب ناهن، شهيد راڻي اسين تنهنجا ته ڇا پر انهن وڻن۽ واٽن جا به گنهگار آهيون، شرمسار آهيون.
اي شهيد راڻي....!! تون هر غريب ۽ هر شهيد جو خواب به هئينءَ ۽ تعبير به. پر جيڪڏهن ڪو غريب به هجي ۽ شهيد به هجي ته اهو ته تنهنجي سياست جو سورمو بڻجي پوندو هو. توکان جنرل ضياءَ جي آمريت هٿان شهيد ٿيل اياز سمون ۽ ناصر بلوچ ڪڏهن نه وسريا آهن. توکي ادريس طوطي ۽ رزاق جهرنا جهڙا جانباز به سدائين ياد رهيا. پر توکان ته جنرل مشرف جي دور ۾ ڪارساز سانحي ۾ شهيد ٿيندڙ شهيد نظام سمون به ڪڏهن نه وسريو. لاڙڪاڻي جي عوامي جلسي ۾ شهادت کان ٻه ٽي ڏينهن اڳ توکي تنهنجي پاڙيسرن جڏهن سون جو تاج پارايو هو ته اهو سونو تاج تو شهيد نظام سمي جي ماءُ جي مٿي تي رکيو هو ۽ ڄڻ ان سٽ جو ورجاءُ ڪيو ته،
”ڀلي ڄايون مائرون، سنديون سورمن“
18 آڪٽوبر 2007ع تي ڪارساز سانحي جي ٻئي ڏينهن تي جڏهن اڃا شهر تي دهشت جو واسو هو ۽ جڏهن اڃان ڪراچيءَ جي شاهراهن تي وهيل شهيدن جو خون تازو ۽ تر هو، تڏهن تون دهشت گرديءَ کي للڪاريندي لياري ۾ ڪاهي پئي هئينءَ ۽ پنهنجي گهنگهريالن جيالن، ٻروچن ۽ جدگالن، جن تنهنجي مٿان ڪارساز ۾ سرڪپايا هئا، انهن جي روئندڙ مائرن جي اکڙين جا ڳوڙها اگهڻ وئين هئينءَ ته لياريءَ جي جانثارن جي مائرن کان پنهنجي شهيد پٽن جا درد وسري ويا هئا ۽ لياريءَ جهڙي ڳهيلي وستيءَ جون اهي هزارين گهگهيليون توتان گهور ٿيڻ لاءِ ديوانن وانگي مٿين پيرين اگهاڙي تنهنجي پٺيان نڪري پيون هيون. سالن کان ماڻهو ائين سمجهندا هئا ته لياريءَ ۽ بينظير هڪ وجود جا ٻه نالا آهن.
اي شهيد راڻي....!! تنهنجي والد ذوالفقاري علي ڀٽي رت جو ريج ڏئي جيالن جو جيڪو ٻج پوکيو هو، ان کي توئي ته تاتيو ۽ نپايو هو ۽ هي اهي ئي جيالا هئا جيڪي لالا اسد ۽ لالا اسلم جي روپ ۾ ضياءَ جي هاٿيءَ جهڙي مارشل لا کي سونڊ مان هٿ وجهي هشائڻ لاءِ سر ڌڙ جي بازي لڳائيندا هئا. اهي جيالا ئي ته هئا جيڪي آمرن جي اکين جي تارن ۾ تڪي ڏسندا هئا ۽ بندي خانن ۾ ۾ هٿ ٻڌل هوندي به جيئي ڀٽو جا نعرا هڻي انهن کي للڪاريندا هئا. ها هي اهي ئي جيالا هئا جن هر آمريت کي للڪاريو ۽ ملڪي سياست مان آمريت جي دهشت کي ختم ڪيو. هي اهي ئي جيالا هئا جيڪي تنهنجي جلوسن ۾ تنهنجي اڳيان پنهنجا سينا سپر ڪري پاڻ کي پروانن وانگي پيش ڪندا هئا ۽ تنهنجي هر جلوس ۾ شريڪ ٿيڻ کان اڳ مائرن کان موڪلائي، سرن سان سرخ پٽيون ٻڌي جيئي ڀٽو جي نعرن ۾ جهومندا هئا. اي شهيد راڻي....!! ها هي اهي ئي جيالا هئا جيڪي توکي چلولن ٻارن وانگي چنبڙي پوندا هئا. توسان عقيدت واري محبت ڪندا هئا ۽ تنهنجي اڳيان پنهنجي زندگيءَ جي دردن جون ڪٿائون کولي توکان ئي ان درد ڪشائي جي دوا طلبيندا هئا. انهن جيالن جي گهڻائي اڄ يتيم ٿي وئي آهي. تنهنجي نالي تي ورتل ووٽن تي کٽيندڙ وزير اڄڪلهه انهن چلولن جيالن کي ڇڙٻون ٿا ڏين. مٿن چٿرون ٿا ڪن ۽ کين پنهنجي دربانن کان دڙڪا ٿا ڏيارين. اي شهيد راڻي....!! تنهنجي انهن پيارن سان ٿيندڙ ستم ظريفي تي، دربدريءَ تي، خاڪ بسريءَ تي اسين انهن چلولن ٻارن جا، تنهنجي پيارن جا، گنهگار آهيون، شرمسار آهيون.
اي شهيد راڻي....!! اسان ته سنڌو ماٿريءَ جو سڄو ديس توکي ئي ارپيو هو. ڪشمير جي وادين کان ڪيٽي بندر جي کارين تائين، سپت سنڌوءَ جون سڀ ڌارائون ۽ انهن ڌارائن جي درياهن جي ٻنهي ڪنارن تي آباد سنڌو ماٿري جا سڀئي لوڪ تنهنجا پروانا آهن. رڳو پورب ۽ پڇم ۾ ئي نه پر عرب ۽ عجم ۾ به تون اسان جي سڃاڻپ هئينءَ. رڳو ايترو ئي نه پر انگلستان ۽ ڪرستان جي ملڪ جا ماڻهو به اسان کي ”بينظير ڀٽو جي ملڪ جا ماڻهو“ سڏيندا هئا. اي شهيد راڻي..!! اسان توکي پنهنجو سڄو ديس ۽ ان جو هر آسيس به ارپيو هو ۽ وقت جي رهزنن جڏهن توکي اسان کان الڳ ڪيو ته اسان پنهنجي اڳيان ايندڙ هر شئي کي ساڙي ڀسم ڪري ڇڏيو. تنهنجي وطن گير وجود کي ضلعن تائين محدود ڪرڻ، تنهنجي بي ڪنار شخصيت کي شهرن ۾ سوگهو ڪرڻ، توسان بي انصافيءَ جي برابر آهي. ڪجهه اياڻا سمجهن ٿا ته شهرن يا شاهراهن تي تنهنجا نالا رکڻ سان سندن فرض ادا ۽ قرض لهي ويندا. ڪي وري ائين سمجهن ٿا ته تنهنجي نالي ڪرڪيٽ جون ٽورنامينٽون ڪرائڻ سان توکي ڀيٽا ڏيڻ واري رسم ادا ٿي ويندي. پ پ جي تختي ۽ جهنڊي هڻندڙ ڪجهه وزير ۽ عهديدار نالو ته تنهنجو وٺن ٿا، سڏائين تنهنجي پارٽيءَ جو ٿا، پر سمورا ڪم تنهنجي فڪر ۽ فلسفي جي ابتڙ ڪن ٿا. اي شهيد راڻي....!! تنهنجي عظمت جي معيار مطابق ڀيٽا نه ڏيڻ تي اسين تنهنجا قصور وار آهيون، شرمسار آهيون.
پر اي شهيد راڻي..!! اسان کي سڀ کان وڌيڪ شرمندگي تنهنجي قاتل جي ڳولا جي ناڪامي تي آهي. تنهنجي وطن ورڻ کان اڳ اسان سڀني توکي ڪوفين وانگي خط لکيا، پيغام موڪليا ۽ توسان اقرار ڪيا ته راڻي تون پنهنجي راڄ ۾ موٽي اچ. اسين سڀ توسان گڏ هونداسين، اسان توسان اقرار ڪيا ته اسان تنهنجي آجيان ۾ اکيون وڇائينداسين، تنهنجي بچاءُ ۾ جانيون ڏينداسين. توڏي کڄندڙ هر آڱر وڍينداسين ۽ توڏانهن اٿندڙ هر ميري اک کي انڌو ڪنداسين ۽ اسان تولاءِ اهو سڀ ڪجهه ڪنداسين جيڪو لفظن ۾ بيان ڪرڻ جهڙو ناهي، پر اهو سڀ ڪجهه چوڻ باوجود اسين توکي بچائي نه سگهياسين ۽ اڄ جڏهن تنهنجي شهادت کي پورا ٻه سال مڪمل ٿيا آهن ته توکي ڪارساز ۾ قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ توڙي پنڊيءَ ۾ شهيد ڪندڙ سڀئي گڏجي وڃي هڪ جاءِ گڏ ٿيا آهن. اسان تنهنجي قاتلن کي گرفتار ته نه ڪري سگهياسين پر اقتدار جي ڄار ۾ اهڙا ڦاٿاسين جو اهي قاتل جن جا نالا تون اڳواٽ ٻڌائي وئي هئين، اسين انهن کي ٻانهن ۾ هٿ به نه وجهي سگهياسين.
اي شهيد راڻي...!! تون جڏهن شهيد ٿي هئينءَ تڏهن اسان سوچيو هو ته اسان تنهنجي شهادت تي تاريخ جوڪو طويل سوڳ ملهائينداسين ۽ نه ڄاڻ ڪيترن سالن تائين سوڳ ۾ رهنداسين. زندگيءَ جي هر ماهه کي محرم ۽ هر ڏينهن کي عاشورو ڪري ملهائينداسين، نه پٽڪو ٻڌنداسين، نه سينڌ ڪڍنداسين، نه سرمو پائينداسين نه ٽهڪ ڏئي کلنداسين ۽ ايتري عرصي تائين ڪاري ويس ۾ رهنداسين جيستائين راولپنڊيءَ جي لياقت باغ کان لاڙڪاڻي تائين تنهنجي وهيل خون جي هڪ هڪ قطري جو حساب نه وٺنداسين. اي شهيد راڻي...!!اسين ته تنهنجي آخري جلسي ۾ پراسرار اشارن واري خالد شهنشاهه کان به سندس خاص اشارن جو مطلب معلوم نه ڪري سگهياسين ۽ جيڪڏهن تنهنجي قافلي ۾ ڪي قاتل ۽ ڪانئر لڪل به هئا ته انهن کي به ڳولي نه سگهياسين.
اي شهيد راڻي...!! اسين تنهنجي قتل کي وساري چڪا آهيون، اسان تنهنجي احسانن کي فراموش ڪري چڪا آهيون، اسان کي توسان ڪيل واعدا به ياد نه رهيا آهن. اسين انڌا، ٻوڙا، گونگا بڻجي چڪا آهيون، تنهنڪري اسان مان شرم جو احساس به سُن ٿيندو ٿو وڃي.
پر اي شهيد راڻي....!! اسين جيڪي تنهنجي ديس جا قلمڪار آهيون، شاعر ۽ گائڪ آهيون، اهي توکي ڪهڙين تشبيهن ۾ توريون؟! تولاءِ الفاظ ڪٿان آڻيون؟ تولاءِ جملا ڪيئن جوڙيون؟ توکي شاعريءَ ۾ ڪيئن پويون؟ ۽ ان شاعريءَ کي ڪهڙي گائڪيءَ ۾ گنگنايون؟ اسين ته چاهيون ٿا ته توکي ”شهيد راڻيءَ“ جهڙا اڻکٽ اعزاز ڏيون ۽ تنهنجي نالن جا ڳانا ٻڌي ڳچين ۾ پايون ۽ ڀٽن جي شهادت تي مهاڀارت جهڙو ڪو رزميا داستان لکون يا خليفي نبي بخش قاسم جهڙو ڪو ڪيڏارو لکون ۽ ان کي سامونڊي يا ڪوهياريءَ جي گاڏڙ سُرن ۾ ڀٽائي جي فقيرن وانگي، رُون رُون جي راڳ ۾ ڳايون ۽ پوءِ پاڻ به روئون ۽ راڄن کي به روئاريون.
اي شهيد راڻي...!! اسين جيڪي قلم ڪار آهيون ۽ سنڌو ماٿري جي صدين جي تهذيب جو پڙاڏو آهيون. اهي توسان وچن ٿا ڪيون ته جيئن لاڙ جا ڀان ۽ ڀٽ دودي چنيسر جي داستان کي پنهنجي لوڪ گائڪين ۾ زندهه رکيو ٿا اچن يا جيئن ڪوهستان ۾ ڳائجندڙ مورا، ڪوهستاني دليري کي دائمي حيثيت ڏيون ٿا اچن، اسين سنڌ جا قلمڪار به ڀٽن جي شهادتن جي المئي کي ۽ ان المئي جي غم ۽ الم کي تيستائين زندهه رکنداسين جيستائين تنهنجا، تنهنجي ڀائرن ۽ بابي جا ۽ تنهنجي ڪارڪنن جا قاتل تنهنجي وارث عوام هٿان نٿا پڪڙجن ۽ جيستائين سنڌوماٿريءَ جي تهذيب جا ماروئڙا خوشحاليءَ جا گيت ڳائي، اوهان جي اوجاڳيل اکڙين جي جاڳيل جاڳيل خوابن کي ڪو تعبير نٿا ڏين.

(27-ڊسمبر 2009ع تي بينظير ڀٽو جي ٻين ورسيءَ جي موقعي تي نشر ٿيل)