پيپلزپارٽيءَ طرفان اهليت تي ملندڙ روزگار
خبرناهي ته جميل سومرو صاحب سنڌ ۾ ”اهليت“ جي بنياد تي 40 هزار نوڪرين ملڻ واري ڳالهه ڪيئن ۽ ڪٿان جي پيو ڪري؟ اها سنڌ، جنهن ۾ اسين رهون ٿا ۽ اها ميرٽ يا اهليت جنهنجي صلاحڪار صاحب ڳالهه ڪري ٿو، ان سنڌ ۾ گذريل ٻن سالن دوران پيپلزپارٽيءَ جي سرڪار ڪنهن به بيروزگار کي اهليت جي بنياد تي ڪابه نوڪري نه ڏني آهي. سواءِ صوبائي ۽ وفاقي پبلڪ سروس ڪميشن جي، جيڪي نوڪريون هر دور ۾ ملنديون رهنديون آهن. ها ائين ضرور آهي ته پيپلزپارٽيءَ جي حڪومت نوڪريون ڏنيون آهن، جن جو تعداد هزارن ۾ ٿي سگهي ٿو، بلڪ ائين به ممڪن آهي ته اهو تعداد 40 هزار ئي هجي، جنهن جي جميل سومرو صاحب ڳالهه ڪري ٿو، پر اهي سڀ نوڪريون ميرٽ جي اگهاڙي لتاڙ ڪندي پيپلزپارٽيءَ جي وڏيرن ۽ عهديدارن جي اوطاقن۽ پارٽي دفترن تي ورهايون ويون آهن. سنڌ ۾ ڪنهن به کاتي ۾ نوڪرين لاءِ انٽرويو نه ٿيا آهن پر جيڪڏهن ڪٿي نالي ماتر ٿيا به آهن ته اتي ميرٽ کي ابتو ٽنگيو ويو آهي ۽ نوڪريون انٽرويو ۾ ويهندڙن بجاءِ انهن کي ڏنيون ويون آهن، جيڪي انٽرويو ۾ ته شريڪ نه ٿيا هئا، پر انهن درخواستون ئي نه ڏنيون هيون.
“منزل انہیں ملی جو شریکِ سفر نہ تھے”
اها ڳالهه سنڌ جو هر ماڻهو ڄاڻي ٿو. خاص ڪري سنڌ جا اهي لکين بيروزگار جيڪي ويچارا بي پهچ آهن، وڏيرن جا ڳيجهو ۽ چمچا نه آهن، جيڪي وڏيرن جي اوطاقن ۽ آفيسن بجاءِ پنهنجي گهرن ۽ لائبريرن ۾ ويهي پڙهن ٿا، محنت ۽ مٿي ماري ڪن ٿا، اهليت جي بنياد تي اڳتي وڌڻ جي ولوڙ ۽ جاکوڙ ڪن ٿا، پنهنجي ضمير، پنهنجي انا ۽ پنهنجي خودي کي بلند رکڻ جي تمنا ڪن ٿا ۽ پنهنجي ضمير جو سودو نه ٿا ڪن، انهن لکين نوجوانن کي اها خبر آهي ته شهيدن جي يتيم بڻيل پارٽي ۽ عوامي سڏائيندڙ سرڪار هن ڀيري عوام سان ۽ عام ماڻهوءَ سان ڪهڙو حشر ڪيو آهي ۽ خاص ڪري ميرٽ جي ڪهڙي ڪهڙي ۽ ڪيتري لتاڙ ڪئي آهي؟
سنڌ جي لکين بيروزگارن اهي شڪايتون ڪيون آهن ته پ پ سرڪار جي وزيرن ۽ نمائندن، پنهنجي خاص چمچن ۽ لاٺڙين کي پنهنجي اوطاقن تي گهرائي، نوڪرين جا خالي آرڊر ڏنا ۽ اهو اختيار به انهن چمچن کي ڏنو ته هو جنهن جو به چاهين، ان آرڊر ۾ نالو لکي، ان کي نوڪريءَ تي چڙهڻ لاءِ موڪلي ڇڏين. اهڙيءَ ريت سنڌ ۾ گهڻيون نوڪريون، انهن ماڻهن کي مليون آهن جن نوڪرين لاءِ درخواستون ئي نه ڏنين هيون. ان کان پوءِ سوال اچي ٿو وڏيرن ۽ پ پ عهديدارن ۾ نوڪرين ورهائڻ جي طريقي جو. سڄي سنڌ ۾ جيڪي به نوڪريون ورهايون ويون آهن انهن ۾ ته پ پ وزيرن ۽ اسيمبلي ميمبرن هڪ ٻئي سان به ميرٽ نه ڪيو آهي، جنهن جو مثال هي آهي ته ڏٻرا وزير ۽ نڌڻڪا ايم پي اي اهي دانهون ڪندا ٿا وتن ته سائين فلاڻي وزير کي ٻه درجن آرڊر مليا، فلاڻي ايم پي اي کي هڪ درجن آرڊر مليا مون کي وري اڌ درجن به وڏين منٿن سان ڏنا ويا آهن. پيپلزپارٽيءَ جي صوبائي سرڪار پنهنجي وزيرن ۽ اسيمبلي ميمبرن ۾ به نوڪرين جي ورهاست ”جيڪو ڏاڍو سو گابو“ جي بنياد تي ڪئي آهي. طاقتور وزيرن پنهنجا تڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ سوين نوڪريون ورهايون آهن پر ڪمزور وزيرن کي وري خيرات جيترو اولڙ ۽ بچيل مال مليو آهي. سٺيون ۽ سڻڀيون ۽ رشوت جي چاش ۾ ٻوڙيل نوڪريون سگهارا وزير کڻي ويا آهن ۽ سڪي پگهار واريون اڻڀيون نوڪريون وري يتيم ۽ ڪوٽائي (ڪوٽا جي مقرر ٿيل) وزيرن کي مليون آهن. اهي دانهون ڪيترائي وزير ۽ ميمبر اڄ به ڪندا ٿا وتن. ان کان پوءِ سوال اچي ٿو نوڪريون هيٺين سطح تي يعني اميدوارن ۾ ورهائڻ جو.
سنڌ ۾ پ پ عهديدارن ۽ ميمبرن پنهنجي تڪن ۾ جيڪي نوڪريون ورهايون آهن، انهن ۾ به ميرٽ جو ڪو خيال نه رکيو ويو آهي. وزيرن ۽ اسيمبلي ميمبرن، ننڍن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ اميدوارن کي نوڪريون ڏيڻ بجاءِ ننڍن وڏيرن، ڳوٺن جي چڱن مڙسن ۽ پولنگن جو خرچ ڀريندڙن ۽ پولنگ کٽي ڏيندڙن جي هٿ ۾ خالي آرڊر ڏئي اهو اختيار کين ڏنو آهي ته هو جنهن کي به چاهين ان اميدوار جو خالي آرڊر ۾ نالو ڀري، ان کي نوڪري ڏين.
نوشهروفيروز ۾ هڪ صوبائي وزير ميرٽ جي جنازي ڪڍڻ جو ايوارڊ کٽڻ جهڙو مثال قائم ڪندي هڪ گهر ۾ ڇهه نوڪريون ڏنيون آهن جن ۾ چار سڳا ڀائر شامل آهن. هاڻي هڪ طرف چئن ڀائرن کي بنا انٽرويو جي هڪ ئي وقت گهر ويٺي چار نوڪريون مليون آهن، ٻئي طرف ديهن جون ديهون ۽ ڳوٺن جا ڳوٺ اهڙا آهن جنهن جي ڪنهن به اهل نوجوان کي روزگار نه مليو آهي.
نوشهروفيروز مان چونڊيل قومي اسيمبليءَ جي ميمبر ۽ پراڻي پارليامينيٽرين سيد ظفر علي شاهه سنڌ ۾ شايد سڀ کان اڳ ۾ اهو رواج وڌو هو ته جڏهن به کيس ڪا نوڪري ملندي هئي ته هو پنهنجي اوطاق تي اهل اميدوارن کي گهرائي سندن امتحان وٺندو هو ۽ پوءِ جيڪو اميدوار اهل ثابت ٿيندو هو ان کي نوڪري ڏياريندو هو. پر هاڻي ان گهراڻي اندر ئي ميرٽ جو جنازو ڪڍيو ويو آهي ۽ علائقي جي بيروزگار نوجوانن ايم پي اي احمد علي شاهه جي خلاف ڪيترا ڀيرا احتجاج ڪيا آهن ته هو ميرٽ جي لتاڙ ڪندي، من پسند ماڻهن کي گهر ويٺي نوڪريون ڏياري رهيو آهي. ياد رهي ته احمد علي شاهه اڳ ۾ ذڪر ڪيل ايم اين اي ظفر علي شاهه جو ڀاءُ آهي.
بينظير ڀٽو يوٿ ڊيولپمينٽ پروگرام جو به ساڳيو حال آهي پ پ وزير، اسيمبلي ميمبر ۽ عهديدار ان پروگرام جي چونڊ به ميرٽ بجاءِ پنهنجي مرضيءَ تي ڪري رهيا آهن. پروگرام جي اندرين ذريعن موجب گهٽ ۾ گهٽ ٽيهه سيڪڙو اميدوار اهڙا آهن، جيڪي صرف وظيفو وٺندا آهن ڪيترن وزيرن جا ڊرائيور، بورچي، نوڪر، مئنيجر ۽ انهن جا پٽ، سالا، نياڻا، ڀيڻويا يوٿ ڊيولپمينٽ پروگرام جي وظيفن تي پلجي رهيا آهن.
ساڳيو حال بينظير وومين انڪم سپورٽ پروگرام جو آهي. شهيد راڻي جي نالي تي قائم انهن پروگرامن ۾ بدعنواني ۽ بدنظمي به چوٽيءَ تي چڙهيل آهي. صوبائي صلاحڪار جميل سومري جي ڳالهه درست آهي ته ان پروگرام جو تاريخ ۾ مثال نه ٿو ملي پر جناب سومري صاحب کي اهو به ياد رکڻ گهرجي ته ان پروگرام ۾ جيڪا ڪرپشن ٿي رهي آهي اها به تاريخ ۾ بي مثال آهي.
ڇا پيپلزپارٽيءَ جي سڄي تنظيم ۾ ڪوبه اهڙو ماڻهو نه آهي، جيڪو پنهنجي سرڪار کي غربت گهٽائڻ ۽ غريبن جي حقيقي طرح مدد ڪرڻ جي ڪا رٿا جوڙي ڏئي سگهي؟ جيڪڏهن پيپلزپارٽيءَ وٽ ڪي اهڙا ماڻهو نه آهن ته ان کي اهو ڪم ڪن ٻاهرين يا پروفيشنل ماڻهن کان ڪرائڻ گهرجي. جيڪڏهن صفا سڃ ٿي وئي آهي ته آفريڪا، بنگلاديش ۽ هندستان ۾ غربت گهٽائڻ جا جيڪي ڪامياب تجربا ڪيا ويا آهن، انهن مان فائدو حاصل ڪرڻ گهرجي.
هندستان ۾ غربت گهٽائڻ جا سوين پروگرام هلي رهيا آهن پر انهن ۾ بدعنواني نه هئڻ جي برابر آهي. انهن پروگرامن تحت غريبن کي 2 رپيا ڪلو چانور، مهيني جي چانورن ۽ اٽي جي ڪوٽا، بجلي اگهه ۾ سستائي ۽ ڇهن مهينن جي روزگار جي ضمانت شامل آهي، ڇا پيپلزپارٽي ائين نه ٿي ڪري سگهي. جنهن ۾ غريبن کي پوسٽ آفيسن ۽ وڏيرن جي اوطاقن اڳيان قطارون ٺاهڻ بجاءِ، گهر ويٺي اهڙا غربت ڪارڊ جاري ڪيا وڃن، جنهن ۾ هو سستو اٽو، گيهه ۽ ضروري راشن وٺي سگهن. پ پ جا پروگرام هڪ طرف بدعنواني وڌائي رهيا آهن ته ٻئي طرف ماڻهن کي غريب ۽ پينو بنائي، سندن عزت نفس کي تاراج ڪري رهيا آهن.
سنڌ ۾ جيڪي ڪجهه ٿئي پيو، اهو عام ماڻهوءَ کي جناب جميل سومري صاحب ۽ ٻين وزيرن ڪبيرن کان وڌيڪ ۽ چٽو نظر اچي رهيو آهي. تنهن ڪري ڪنهن هڪ وزير جو بيان ۽ دعوا پنجن ڪروڙ ماڻهن جي اکين ۾ سرمو وجهي نٿو سگهي.
صوبائي صلاحڪار جنهن ميرٽ جي ڳالهه ڪئي آهي اُها اسان سڀني جي ۽ اسان جي عوام جي اها شديد خواهش بلڪ خواب آهي ته شال سنڌ ۾ ميرٽ ٿئي ۽ شال سنڌ ۾ انصاف جا بند پيل دروازا کلن. سنڌ ۾ هينئر هڪڙو ڪڙو سچ اهو به آهي ۽ اها راءِ هاڻي عام ۽ ويساهه جوڳي بنجي وئي آهي ته پ پ سرڪار جي وزيرن جي اڪثريت، بدعنوانيءَ ۾ ارباب غلام رحيم جي ڪابينا کي به شرمندو ڪري ڇڏيو آهي.
جيستائين ميرٽ جو سوال آهي ته ڇا پ پ مٿين سطح تي ڪو ميرٽ ڪيو آهي جو اها هيٺين ۽ عوامي سطح تي ۽ عام ماڻهوءَ سان ميرٽ ڪندي؟ ڇا پيپلزپارٽيءَ جي سرڪار، سنڌ ۾ سينيٽ جي ٽڪيٽن ورهائڻ وقت ڪو ميرٽ ڪيو هو؟ جو رحمان ملڪ، فاروق نائيڪ ۽ شوڪت ترين کي ٽڪيٽون ڏنيون ويون، اها خبر ته شايد جميل سومري صاحب کي به نه هوندي ته شوڪت ترين آندو ڪهڙي ميرٽ تي ويو هو ۽ وري جڏهن کيس چلتو ڪيو ويو ته ان وقت وري ڪهڙو ميرٽ ايجاد ڪيو ويو هو؟ ان کان پوءِ سينيٽ جي چيئرمين شپ وقت سينيٽر رضا رباني سان ڪهڙو ميرٽ ڪيو ويو؟ ۽ تاج حيدر جهڙي سينيئر پ پ اڳواڻ کي سينيٽر نه بنائڻ وقت ڪهڙو ميرٽ جو اصول اختيار ڪيو ويو. (نوٽ: بعد ۾ ٿيل سينيٽ چونڊ ۾ مٿي ڄاڻايل ٻنهي اڳواڻن کي گهربل عهدو ۽ سيٽ ڏني وئي.)
سنڌ ڪابينا جوڙڻ ۽ وڌائڻ وقت ڪهڙو ميرٽ ڪيو ويو؟ پهريون ڀيرو ايم پي اي چونڊجندڙن کي ڪهڙي ميرٽ تي وزارتون ڏنيون ويون ۽ پ پ سان وفادارين جا رڪارڊ قائم ڪندڙن کي ڪهڙي ميرٽ تي وزارتن جي ويجهو اچڻ ئي نه ڏنو ويو؟ ٻيو ته ٺهيو پر ميثاق جمهوريت جي هن دور ۾ جڏهن سنڌ اسيمبليءَ ۾ پ پ جا ايم پي اي هجن، انهن ايترن سارن چونڊيل ايم پي ايز جي موجودگيءَ باجود جميل احمد سموري نالي هڪ اڻ چونڊيل شخص کي اطلاعات جو صلاحڪار مقرر ڪرڻ جو ڪهڙو ميرٽ آهي؟ ڪهڙي ميرٽ جي ڳالهه پيا ڪيو سومرا صاحب!
( مارچ 2010ع ۾ نشر ٿيل )