تاريخ، فلسفو ۽ سياست

سنڌ ھڪ درد ڪھاڻي آھي

ڪتاب ۾ شامل ڪيل  هي ڊاڪيومينٽريز سنڌ جي هڪ جيئري جاڳندي ۽ ڳالهائيندڙ ٻولهائيندڙ تاريخ آهن. ايندڙ دور ۾ جڏهن تاريخ ڪتابن جي قرطاس مان نڪري واريءَ جي ذرڙن واري چپس تي هميشه لاءِ منتقل ٿيندي ته ان وقت هي ڊاڪيومينٽريز سنڌ جي تاريخ جو هڪ املهه ۽ محقق ماخذ بڻبيون. منظور سولنگي پنهنجي دور جو هڪ ليجنڊ ليکڪ ۽ ڏاهو ڏات ڌڻي آهي، هُن جي کرائي ۽ بي غرضي ڪنهن کي پسند نه به هجي پر هُن جي سنڌ سان غيرمشروط محبت، فدائيت ۽ جاکوڙ تي ڪي به ٻه رايا ناهن رهيا. هن سڄي زندگي هڪ کاهوڙي Activist جي حيثيت ۾ گذاري آهي. سنڌ جي اديبن، دانشورن ۽ ليکڪن پاران سنڌ جي وحدت ۽ ان جي اشوز تي آواز ۽ جاڳرتا اٿارڻ واري ويڙهه ۾ هو سدائين پهرين جوڙ جو ملهه رهيو آهي.

Title Cover of book سنڌ ھڪ درد ڪھاڻي آھي

متحدا قومي موومينٽ جي خدمت ۾

متحدا جي پارلياماني اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار قومي اسيمبليءَ ۾ تقرير ڪندي ملڪ ۾ وڌيڪ صوبا ٺاهڻ ۽ ڪراچيءَ ۾ قومي اسيمبليءَ جون سيٽون ٻيڻيون ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. قومي اسيمبليءَ ۾ ڊاڪٽر فاروق ستار کان جڏهن وڌيڪ صوبن بابت تفصيل معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته هن طنزيا انداز ۾ چيو ته هن اها ڳالهه پنجاب لاءِ چئي آهي.
متحدا جا ڪجهه مطالبا گذريل ڪجهه سالن کان سنڌ جي عوام جي نظرن ۽ نڙين ۾ ڪنڊي وانگي ڦاسندا رهيا آهن. اهوئي سبب آهي جو سنڌ جي قوم پرستن جي گهڻائي ايم ڪيو ايم کي پنهنجي صوبي جي عوام جو مخالف سمجهندي رهي آهي ۽ سنڌ دوست حلقن ۾ اڄ به اهو بحث عام آهي ته ايم ڪيو ايم سنڌ جي عوام جي سڄڻ آهي يا دشمن آهي؟ جيڪڏهن نه آهي ته ڪيئن نه آهي ۽ جيڪڏهن آهي ته اها ڪيتري آهي؟ ڊاڪٽر فاروق ستار جي ان مطالبي کي ته ملڪ ۾ وڌيڪ صوبا ٺاهيا وڃن، اسان شڪ جو فائدو ڏيندي ۽ سندس ڳالهه کي مان ڏيندي، کڻي تسليم ٿا ڪيون ته هن وڌيڪ صوبا ٺاهڻ جي ڳالهه پنجاب لاءِ ڪئي آهي پر سندس مطالبي جو جيڪو ٻيو حصو آهي ته ڪراچيءَ ۾ قومي اسيمبليءَ جون سيٽون ويهن مان وڌائي چاليهه ڪيون وڃن، ان بابت ڪيترائي سوال اٿن ٿا ته آخرڪار ايم ڪيو ايم کي ڪراچيءَ جون سيٽون ٻيڻيون ڪرائڻ جو خيال ۽ اونو ڪيئن ٿيو آهي ۽ ان جي پٺيان سندن مقصد ۽ منشا ڪهڙي آهي؟
ايم ڪيو ايم جي پراڻي خواهش رهي آهي ته هو پنهنجي مختصر ۽ ٿورڙي تعداد کي ڪهڙيءَ ريت گهڻو ۽ وڏو ڪري؟ ان لاءِ ايم ڪيو ايم جڏهن به ممڪن ٿيو آهي، تڏهن ڪوششون پئي ڪيون آهن. ملڪي تاريخ جي نهايت مڪار حڪمران جنرل پرويز مشرف جي دور ۾ سنڌ اسيمبليءَ جون ٽيهه سيٽون وڌايون ويون هيون، انهن ٽيهن سيٽن جي سنڌ جي ٽي ڪروڙ عوام تي ورهاست هيئن ڪئي وئي ته ڪراچيءَ کان سواءِ باقي سنڌ جي ٻه ڪروڙ عوام لاءِ 16 سيٽون وڌايون ويون ۽ ڪراچيءَ جي هڪ ڪروڙ عوام لاءِ 14 سيٽون ورهايون ويون. اهڙيءَ ريت پرويز مشرف 2002ع جي اسيمبليءَ کان اڳ سنڌ جي ٻهراڙيءَ جون چار صوبائي اسيمبليءَ جون سيٽون ڪراچيءَ کي ڏئي ڇڏيون.
هينئر جڏهن هڪ ڀيرو ٻيهر ايم ڪيو ايم مطالبو ڪيو آهي ته ڪراچيءَ جون سيٽون ٻيڻيون ڪيون وڃن، تڏهن ان جو مطلب هي آهي ته ڪراچيءَ ۾ قومي اسيمبليءَ سان گڏوگڏ صوبائي اسيمبليءَ جون سيٽون به وڌنديون ۽ پوءِ ڪراچي جي 42 صوبائي تڪن کي وڌائي 84 ڪيو ويندو ۽ پوءِ سنڌ اسيمبليءَ جي صورتحال ڪجهه هن ريت بيهندي ته ڪراچيءَ جا ميمبر باقي بچيل سڄي سنڌ جي ميمبرن جي برابر هوندا ۽ پوءِ جيڪڏهن صرف ڪراچيءَ جا ميمبر چاهين ته اهي سڄي صوبي تي آسانيءَ سان حڪومت ڪري سگهندا. 2002ع جي چونڊن کان اڳ ۾ سنڌ جي عوام جو مطالبو هو ته ڪراچيءَ کي ڏنل وڌيڪ سيٽون گهٽائي سنڌ جي ٻهراڙين کي ڏنيون وڃن پر پرويز مشرف جي انهن چيلن سنڌي عوام جو اهو مطالبو منظور نه ڪيو ۽ پوءِ ڪراچيءَ کي سيٽن ۾ وري به اُٽل يا ڪثر رهي، ڏهن سالن کان پوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر پيپلزپارٽي جي ڪمزور اعصابن واري سرڪار کان ايم ڪيو ايم مطالبو ڪري رهي آهي ته ڪراچيءَ جون سيٽون ٻيڻيون ڪيون وڃن. اسان متحدا جي اڳواڻن ۽ دانشورن کي سندن ان سوال جو پس منظر ياد ڏيارڻ ضروري سمجهون ٿا ته جنهن لاءِ اسان کي ٿورو تاريخ ۾ جهاتي پائڻ جي ضرورت آهي.
دانشورن ۽ تاريخدانن جو خيال آهي ته هندستان جو ورهاڱو دراصل اقليت طرفان اڪثريت تي حڪومت ڪرڻ جي خواب ٽٽڻ جو نتيجو هو. 1857ع جي آزاديءَ واري جنگ جي ناڪاميءَ کان پوءِ جڏهن هندستان ۾ مغل مسلمانن جي حڪومت جو سج لٿو ۽ سڄي هندستان تي انگريزن جي حڪومت قائم ٿي، تڏهن کان باغي مسلمانن جو دور ختم ٿيو ۽ سر سيد احمد خان جهڙن انگريز دوست عالمن انگريزن جي تعاون ۽ مهرباني سان هندستان اندر سياست شروع ڪئي. سر سيد احمد خان جو خيال هو ته هندستان ۾ مسلمانن جي حڪومت جي واپسي صرف انگريزن جي تعاون سان ئي ممڪن ٿي سگهي ٿي. پوءِ اڳتي هلي سر سيد احمد خان اهڙيون تقريرون به ڪيون ۽ تحريرون به لکيون ته هندستان ۾ حڪومت ڪرڻ جو ڏانءُ ۽ فن هڪ انگريزن کي اچي ٿو ٻيو مسلمانن کي. پر جڏهن انگريزن هندستان ۾ سڌارا آندا ۽ چونڊن جو نظام متعارف ڪرايو تڏهن هندستان تي حڪمراني ڪرڻ جو خواب ڏسندڙ مسلمانن سوچيو ته چونڊن ذريعي هو ان ڪري هندستان جا حاڪم نه بنجي سگهندا جو هو ٿورائي ۾ آهن. تنهن ڪري اڳتي هلي انهن مسلمانن هندستان اندر هڪ اهڙي ملڪ بنائڻ جو خاڪو تيار ڪيو جنهن ۾ هو پاڻ حاڪم بنجي سگهن، ان کان پوءِ ئي مسلم اڪثريت وارن علائقن تي هڪ نئون ملڪ ٺاهڻ جي خيال کي زور وٺرايو ويو.
اها وري هڪ ٻي تاريخي حقيقت آهي ته مسلم ليگ جا سڀ اهم اڳواڻ انهن علائقن جا هئا، جتي مسلمان ٿورائي ۾ هئا ۽ ٿورائي وارن علائقن مان آيل مسلم ليگ جا اڳواڻ، مسلمانن جي گهڻائي وارن علائقن ۾ وڃي تقريرون ڪندا هئا ته ”مسلمان ڀائرو اچو ته گڏجي هڪ نئون ملڪ ٺاهيون.“ اهڙي ريت ان وقت جي جذباتي حالتن سبب نئون ملڪ يعني پاڪستان ته ٺهي ويو پر ان نئين ملڪ جا مسلم ليگي اڳواڻ هندو اڪثريتي وارن علائقن مان لڏي آيل هئا. تنهن ڪري نئين ملڪ پاڪستان جي اڳواڻن جي گهڻائي هندستان جي هندو اڪثريت وارن علائقن مان لڏي اچي پاڪستان جي حڪمران بني. تنهن ڪري اها حقيقت آهي ته هندستان جو ورهاڱو انهن ماڻهن ڪرايو جيڪي سڄي هندستان تي حڪومت ڪرڻ جا تمنائي هئا ۽ جڏهن سندن اها تمنا گڏيل هندستان ۾ پوري نه ٿي ته هنن حڪومت ڪرڻ لاءِ محڪومن جو هڪ نئون علائقو ڳوليو، جنهنجو نالو پاڪستان رکيو ويو. پر پاڪستان ڪيئن ٺهيو ان جا به تاريخي سبب آهن. يارهين صدي عيسويءَ جي شروعات ۾ محمود غزنوي هندستان تي حملو ڪيو. جنهن کان پوءِ محمود جا پٽ ۽ پوٽا، مسعود غزنوي ۽ مودود غزنوي هندستان ۾ رهيا. غزنوين کان پوءِ غورين هندستان فتح ڪيو. جنهن کان پوءِ تغلقن، لوڌين ۽ مغلن هندستان تي حڪومتون جوڙيون. اهڙي ريت افغانستان ۽ وچ ايشيا مان ايندڙ مسلمانن اٺ سؤ سالن کان وڌيڪ عرصو هندستان تي حڪومت ڪئي ۽ جڏهن محمد شاهه رنگيلي ۽ بهادر شاهه ظفر جي وقت ۾ مغلن جو اقتدار ڪمزور ٿيو ته هندستان جي مسلمان اڪابرن نادر شاهه ايراني ۽ احمد شاهه ابداليءَ کي خط لکي هندستان تي حملي ڪرڻ جون دعوتون ڏنيون.
اها مسلمان اشرافيا يا بيورو ڪريسي جنهن غزنوين، غورين، تغلقن، لوڌين ۽ مغلن جي درٻار ۾ اٺ سؤ سال حڪومت ڪئي هئي، ان انگريز سرڪار کان به ساڳيو مطالبو ڪيو هو ته هندستان جي حڪومت مسلمانن کان کسي وئي هئي، تنهن ڪري اها مسلمانن کي ئي موٽائي ڏني وڃي پر انگريزن اهو چئي انڪار ڪيو ته هندستان جي حڪومت هندستان جي چونڊيل نمائندن جي حوالي ڪئي ويندي. ان کان پوءِ ان اشرافيا هڪ نئون ملڪ پاڪستان ٺاهيو، جنهن تي اچي هنن حڪمراني ڪئي.
نئين ملڪ پاڪستان ۾ ان مسلم اشرافيا جي گهڻائي ڪراچي ۾ اچي آباد ٿي ۽ پاڪستان جي شروعاتي سالن ۾ ملڪ ۽ حڪومت جون واڳون ان اشرافيا جي هٿ ۾ ئي رهيون. پر وقت گذرڻ سان گڏوگڏ جيئن جيئن پنجابي، پٺاڻ ۽ سنڌي حاڪمن جي صفن ۾ شامل ٿيڻ لڳا ته هندستان مان لڏي آيل اشرافيا جو اقتدار ۾ حصو گهٽجڻ لڳو. پوءِ ان اشرافيا پاڪستان ۾ به اهوئي ڪردار ادا ڪرڻ شروع ڪيو، جيڪو هن مُني صدي اڳ گڏيل هندستان ۾ ڪيو هو.
جنرل ضياءَ جي حڪومت کان پوءِ جڏهن کان متحدا وجود ۾ آئي آهي، تڏهن کان سنڌ اندر هڪ الڳ صوبي جي ڳالهه به شروع ٿي آهي ۽ پرويز مشرف جي دور ۾ ته اها به ڪوشش ڪئي ويئي ته سنڌ جو اقتدار اعليٰ ۽ سنڌ جا وسيلا متحدا جي حوالي ڪيا وڃن. شهري حڪومتن جي نالي ۾ ڪراچي جا پنج ضلعا گڏائي هڪ ضلعو بنايو ويو ۽ حيدرآباد، ميرپور خاص، نواب شاهه ۽ سکر جي ضلعن ۽ تعلقن کي اهڙي ريت ٽوڙيو ويو ته جيئن اتي متحدا جا ضلعي ۽ تعلقي ناظم چونڊرائي سگهجن، ايم ڪيو ايم جي سربراهيءَ ۾ هلندڙ ڪراچيءَ جي شهري سرڪار اهو مطالبو ڪندي رهي آهي ته ڪراچيءَ جا سڀ وسيلا ۽ اختيار سنڌ حڪومت کان کسي سندس حوالي ڪيا وڃن. هاڻي وري ڊاڪٽر فاروق ستار مطالبو ڪيو آهي ته ڪراچيءَ جون سيٽون وڌائي ٻيڻيون ڪيون وڃن. آخرڪار ائين ڇو آهي ته ايم ڪيو ايم ڪراچيءَ کي باقي سنڌ کان الڳ رکڻ ٿي چاهي؟ آخر ائين ڇو آهي ته ايم ڪيو ايم سنڌ جي ضلعن ۽ تعلقن تي حڪمرانيءَ جا اهي خواب ٿي ڏسي، جهڙا خواب، ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن جي ابن ڏاڏن گڏيل هندستان تي حڪمراني ڪرڻ لاءِ ڏٺا هئا. ان موقعي تي اسين ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن ۽ دانشورن کي ڪجهه گذارشون ڪرڻ چاهيون ٿا:
ته سنڌ جي عوام پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ نيڻ وڇائي ۽ مرڪون ونڊي سنڌ اندر اوهان جو استقبال ڪيو هو ۽ پنهنجا گهر ۽ در کولي توهان کي جيءَ ۾ جايون ڏنيون هيون ۽ توهان کي پنهنجو گهر تڙ ٺاهڻ تائين مانيون پچائي کارايون هيون. سنڌ جي عوام ائين سوچيو هو ته توهان ۽ هو گڏجي هن نئين ملڪ جي تعمير ڪندا ۽ ان ۾ گڏجي ترقي ڪندا ۽ ڀائرن وانگي گڏ رهندا. اڄ سٺ سال گذري وڃڻ کانپوءِ به سنڌ جي عوام جي وڏي اڪثريت ائين چاهي ٿي ته سنڌي ماڻهو ۽ سنڌ ۾ رهندڙ اردو ڳالهائيندڙ ڀائر پيار ۽ محبت سان گڏجي رهن. ڇاڪاڻ ته ٻنهي جو آئيندو سنڌ جي سرزمين سان ئي سلهاڙيل آهي. سنڌ جي عوام جي گهڻائي اڄ به اردو ڳالهائيندڙن کي پنهنجو ڀاءُ سمجهي ٿي ۽ انهن سان ڪنهن به اختلاف، ويڙهه يا دشمني کي سنڌ جي عظيم ۽ وسيع تر مفاد خلاف سمجهي ٿي. پر گڏوگڏ سنڌين جي تمام وڏي اڪثريت کي ايم ڪيو ايم جي انهن پاليسين تي سخت اعتراض ۽ خدشا آهن، جنهن ۾ ايم ڪيو ايم پنهنجي ووٽرن کي سنڌين کان الڳ ڪري رکي ٿي يا پنهنجي اثر وارن علائقن کي سنڌ کان الڳ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿي. ان موقعي تي ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن ۽ دانشورن کي اها ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته پرويز مشرف جهڙي آمر جي ڳٺ جوڙ ۽ تڪن جي گهٽ وڌائيءَ سان سنڌي جي آبادي جو توازن نه ٿو بگاڙي سگهجي ۽ سنڌين کي ٿورائي ۾ بدلائي نه ٿو سگهجي.
ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن ۽ دانشورن کي اها ڳالهه به سمجهڻ گهرجي ته سنڌ رڳو اها نه آهي، جيڪا انگريزن، روينيو جي ڍل اوڳاڙڻ لاءِ اوٻاوڙي، جيڪب آباد، ڪراچي ۽ بدين جي ڪورو ڦاٽ تائين نقشي ۾ ڄاڻائي هئي. اڄ جيڪا نقشي واري سنڌ سڏجي ٿي، ان کان سواءِ به سنڌ جون حدون هندستان، پنجاب، بلوچستان ۽ سرحد صوبي تائين پکڙيل آهن، تنهن ڪري سنڌ کي ايترو ننڍڙو ۽ ايترو سولو نه سمجهڻ گهرجي. ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن ۽ دانشورن کي اها ڳالهه به سمجهڻ گهرجي ته سنڌ تي ايرانين، يونانين، عربن، افغانين، ارغونن، ترخانن مغلن توڙي منگولن مختلف دورن ۾ حملا به ڪيا، حڪومتون به ڪيون پر سنڌ جي سرزمين ۽ ان جي سمونڊ پنهنجي لڙاٽيل پاڻي ۽ کاري لوڻ ۾ انهن سمورن کي ڳاري هضم ڪري ڇڏيو. تنهن ڪري اها سرزمين جيڪا چئني ڏسائن کان ايندڙ حملي آور هضم ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي، ان کي ڪير به ڪنهن حاڪماڻي ٽل يا ٽِرڪ (اٽڪل) ذريعي هضم نه ٿو ڪري سگهي. ايم ڪيو ايم ڪراچيءَ ۾ رهندڙ بنگالين کي ووٽ ۽ مستقل رهائش جو حق وٺي ڏيڻ لاءِ به ڪوشان آهي پر ڏهه لک بنگالي به هن قديم قوم جي سڃاڻپ ختم نه ڪري سگهندا. ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن ۽ دانشورن کي اها ڳالهه به سمجهڻ گهرجي ته ڪراچيءَ کي ڪڏهن به سنڌ کان الڳ نه ٿو ڪري سگهجي ڇو ته نه رڳو ڪراچي جي اندر لکين سنڌي رهن ٿا پر ڪراچيءَ کي چوڌاري سنڌي ڳوٺن ۽ آبادين ۽ ٻيٽن تي قائم وسندين جو ڪڙو چڙهيل آهي. تنهن ڪري شهر جهڙو اهو ٻيٽ، جنهن جي چوڌاري سنڌي پاڻيءَ وانگي وڪوڙيل هجن، اهو ٻيٽ به پاڻي وارن ماڻهن جوئي هوندو ۽ سڀ کان آخر ۾ ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن ۽ دانشورن کي سنڌين جي ٻڌيءَ جي اها ڳالهه ۽ ڳوٽ به سمجهڻ گهرجي جيڪا هن وقت تائين شايد ئي ڪنهن سمجهي هجي. اها ڳالهه هي آهي ته سنڌ جا ماڻهو، جيڪي ڀلي هڪ ٻئي جا مخالف هجن، هڪ ٻئي سان هٿ نه ملائيندا هجن، هڪ ٻئي جي شادين ۽ غمين ۾ شريڪ نه ٿيندا هجن، هڪ ٻئي جي مسجدن ۾ نمازون نه پڙهندا هجن ۽ هڪ ٻئي جا منهن ڏسڻ لاءِ به تيار نه هجن ۽ نالي ۾ اهي ارباب هجن، مهر هجن، مخدوم هجن، پاڳارا هجن، ڀٽا هجن، کهڙا هجن، جتوئي هجن، شاهه هجن، چانڊيا هجن، مگسي هجن مطلب ته هو ڀلي هڪ ٻئي کان زمين آسمان جيترا پري محسوس ٿيندا هجن پر سنڌ جي بنيادي مسئلن تي سدائين گڏ هوندا. هو ڪڏهن به سنڌ جي ورهاڱي کي قبول نه ڪندا. هو ڪڏهن به سنڌ تي اقليت جي حڪومت قائم ٿيڻ نه ڏيندا ۽ هو ڪڏهن به سنڌ کي پنهنجي هٿن مان ويندو ڏسندي قبول نه ڪندا.
پر ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن ۽ دانشورن کي اها ڳالهه به سمجهڻ گهرجي ته سنڌ رڳو اها ناهي جيڪا اسيمبلين، اخبارن، ٽي وي اسڪرينن، گاڏين ۽ بنگلن ۽ روڊن تي نظر اچي ٿي پر هڪ وڏي وشال ۽ ناقابل فتح سنڌ، ٻيلن، ٻهراڙين، جبلن ۽ ريگستانن ۾ راتين جو رڙهندي به گذاري ٿي ۽ لکين ماڻهن جي مڊل ڪلاس تي ٻڌل اها سنڌ به قائم ٿي چڪي آهي جيڪا اسڪولن، ڪاليجن، ڪورٽن، يونيورسٽين، دفترن، ڪاروبارن ڪتابن، ڪمپيوٽرن، ٽي وي ۽ موبائيل فون جي پيغامن ذريعي هڪ نئين خوشحال ۽ روشن خيال سنڌ ڳولڻ جي جستجو ۾ رات ڏينهن رڌل آهي. اها سنڌ جنهن کي ايترا ۽ مختلف قسمن جا محافظ ميسر هجن، ان کي تڪن جي گهٽ وڌائي ۽ پاليسين جي ٽڪ ساٽ سان کائي هضم نه ٿو ڪري سگهجي.
اسان ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن ۽ دانشورن کي دعوت ٿا ڏيون ته اسين اڄ وري سٺ سالن کان پوءِ اوهان کي اهوئي پيار ۽ محبت ٿا آڇيون، جيڪو اسان جي وڏڙن توهان جي وڏڙن کي پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سنڌ اندر اچڻ تي آڇيو هو. ”اچو ته ڀائر ٿي رهون، اچو ته سنڌ کي گڏجي ترقي وٺرايون، اچو ته سنڌ کي ٽڪرا ڪرڻ بجاءِ ان کي جوڙيون، ان جي حدن ۽ تاريخي نشانين جو احترام ڪيون. اچو ته ان جو لوڻ ملهايون.“ ائين نه ٿئي ته سنڌ جي لوڻ سان وڙهندي اسان پاڻ لوڻ ٿي وڃون.
ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن ۽ دانشورن کي اها ڳالهه به سمجهڻ گهرجي ته سنڌ سترهين صديءَ جي آمريڪا نه آهي جنهن کي پهريائين يورپين ۽ پوءِ آفريڪين ۽ ايشيائين يعني ٻاهران آيلن قبضي ۾ ڪري ورتو هو ۽ کين اها ڳالهه به سمجهڻ گهرجي ته سنڌي ڪي ريڊ انڊين جهڙا اٻوجهه ۽ عقل کان وانجهيل ماڻهو نه آهن جن کي ايتري تيزيءَ سان مات ڪري سگهجي.

(جنوري 2012ع ۾ نشر ٿيل)