اچو ته پنهنجي عوام دوستيءَ جي دعوا کي درست ڪريون
سنڌي عوام جي اها ڪاميابي پنهنجي جاءِ تي پر ان ڪاميابيءَ تي سنڌ ۾ طرحين طرحين ڳالهيون ٿي رهيون آهن ۽ سنڌ جي قوم پرستن، گهڻ گهرن، ليکڪن، صحافين ۽ اديبن کان ويندي ميڊيائي ادارن تائين سڀڪو ائين چوڻ ۽ ڳڻائڻ ۾ مصروف آهي ته اها هڙتال هنن ئي ڪامياب ڪرائي. جيتوڻيڪ پ پ سرڪار جي فيصلي خلاف سنڌ اندر اها پهرين هڙتال هئي جيڪا مڪمل طرح ڪامياب به ٿي ۽ عوام پهريون ڀيرو پ پ جي پارٽي توڙي سرڪار ڏانهن اهو پيغام موڪليو ته جيڪڏهن سنڌي عوام جي مفادن خلاف پ سرڪار ڪوبه فيصلو ڪيو ته سنڌ جو عوام پ پ کان به پڇاڻو ڪندو ۽ کيس ڪا سزا ڏيڻ لاءِ به سوچيندو پر ان سان گڏوگڏ اها به اڻ وسرندڙ حقيقت آهي ته 13 آگسٽ واري هڙتال ان ڪري ڪامياب ٿي جو سنڌ جا سڀئي گهڻ گهرا ۽ سنڌ جو عوام سنڌ جي انتظامي ورهاڱي خلاف متحد هئا ۽ سنڌ جو عوام ان فيصلي جي ڪري پ پ سرڪار تي ڪاوڙيل هو، تنهن ڪري 13 آگسٽ جي هڙتال جي ڪاميابي پ پ سرڪار جي غلط فيصلي ۽ سنڌي عوام توڙي سنڌ جي گهڻ گهرن جي گڏ ٿيڻ واري درست فيصلي سبب ممڪن ٿي.
جيڪڏهن ان هڙتال جي ڪاميابيءَ کي ڪا هڪ ڌر، ڪا هڪ پارٽي، ڪو هڪڙو شخص يا ادارو پنهنجي مقبوليت ۽ ڪاميابي قرار ڏئي ٿو ته هو سنڌي عوام جي اجتماعي شعور ۽ گڏيل محنت کي چورائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. سٺ واري ڏهاڪي کان شروع ٿيل سنڌ جي گهڻ گهرن يعني سنڌ جي قوم پرست توڙي کاٻي ڌر جي هلچل جي اٽڪل پنجاهه سالن جي مسلسل جدوجهد کان پوءِ اهو پهريون ڀيرو ٿيو آهي جو سنڌ جي ماڻهن، سنڌ جي گهڻ گهرن ۽ قوم پرستن کي ڪا ڀرپور ۽ اجتماعي موٽ ڏني آهي. تنهن ڪري تاريخ جي هن اهم موڙ تي جڏهن سنڌي عوام به ڪر موڙي ٻئي پاسي ڏسڻ شروع ڪيو آهي تڏهن درست نموني سوچڻ، صحيح تجزيا ۽ فيصلا ڪرڻ ۽ سنڀالي پير کڻڻ جي ضرورت آهي ۽ پنهنجي ماضيءَ جي سڀني غلطين ۽ ڪوتاهين کي نه صرف درست ڪرڻ جي ضرورت آهي پر انهن غلطين ۽ ڪوتاهين لاءِ پنهنجي عوام کان معافيون تلافي وٺي، ايندڙ وقت ۾ اهڙيون غلطيون نه ڪرڻ جي وچن ۽ اقرار ڪرڻ جي به ضرورت آهي. اهو ان لاءِ به ضروري آهي ته جيئن عوام جي دلين ۽ تاريخ جي صفحن ۾ اها ڳالهه محسوس ۽ محفوظ ڪرائي وڃي ته اسان مان جيڪڏهن ڪنهن، ڪڏهن ۽ ڪٿي ڪي غلطيون ڪيون به آهن ته اسان کي پنهنجي غلطين ۽ ڪوتاهين جو احساس ۽ اعتراف آهي. هونئن به سياڻا چوندا آهن ته غلطيءَ جو اعتراف ئي ايندڙ وقت جي اعتماد ۽ سچائي جي تعلق جي ضمانت هوندو آهي.
سنڌ جي گهڻ گهرن جي گلدستي مان جيڪڏهن ڪا ڌر اُهو سمجهي ٿي ته سنڌ جي ماڻهن پ پ خلاف هڙتال ڪري کين پ پ حڪومت کي ختم ڪرڻ ۽ کين 1990، 1997 ۽ 2002 وانگي سنڌ اندر اقليتي گروهن ۽ لوٽن جو راڄ قائم ڪرڻ جوا ختيار ڏنو آهي ته اها به سندن غلط فهمي آهي. 13 آگسٽ جي هڙتال پ پ خلاف احتجاج ضرور آهي پر اها هڙتال پ پ حڪومت کي ختم ڪري سنڌ ۾ اقليتي گروهن جي گڏيل اقليت کي اڪثريت مٿان مڙهڻ جو مينڊيٽ هرگز نه آهي. تنهن ڪري ٻنهي ڳالهين ۾ فرق ڪرڻ گهرجي. سنڌ جون ڪي سياسي ڌريون جيڪي ڪراچيءَ جي دهشتگرديءَ تي خاموش رهي، ڄڻ دهشتگردن جي حمايت ڪري رهيون آهن، ۽ اهي جيڪي ڪراچي جي سنڌي ڳوٺن، چڪرا ڳوٺ ۽ بلاول ڳوٺ وغيرهه تي ٿيل حملن جي مذمت ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن ۽ اتان جي سنڌين جي صرف ان ڪري مالڪي ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن ته متان ايندڙ چونڊن ۾ سنڌ ۾ پ پ مخالف حڪومت ٺاهڻ لاءِ کين ڪراچي مان گهربل اسيمبلي ميمبرن جا ووٽ حاصل نه ٿين. اهڙي موقعي پرستيءَ کي به سنڌ جو عوام معاف ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي.
سنڌ جي عوام جنرل ضياءُالحق جي ان ريفرنڊم کي به رد ڪيو هو، جنهن ۾ هن چيو هو ته ”جيڪڏهن توهان ملڪ ۾ اسلامي نفاذ چاهيو ٿا ته ضياءُالحق کي ووٽ ڏيو.“ بلڪل اهڙيءَ ريت سنڌ جو عوام سنڌ جي يونٽيءَ جي نالي ۾، پ پ سرڪار کي هٽائي مارشلائي دورن ۾ ”مشرف به اقتدار“ ٿيل پارٽي جي اقليتي راڄ ۽ ٽڪ ساٽ کي به قبول نه ڪندو. سنڌ جو عوام اهڙي موقعي پرستيءَ کي به رد ڪري ٿو جنهن ۾ هڪ طرف سنڌ بچائڻ جي ڳالهه ڪئي وڃي ته ٻئي طرف ڪراچي جي قديم سنڌي ڳوٺن کي ننڌڻڪائي ۾ ڇڏيو وڃي ۽ هنن جي مالڪي ۽ وارثي نه ڪري ڄڻ هنن کي هٿ سان تباهه ڪيو وڃي.
سنڌ جو عوام سنڌ جي گهڻن گهرن کان محب وطنيءَ تي ٻڌل قوم پرستيءَ جي اميد ڪري ٿو.سنڌ جو عوام اهڙي قوم پرستيءَ جي سياست کي به رد ڪري ٿو جنهن ۾ نالو ۽ نعرو ته قوم پرستيءَ جو هجي پر ان سياست جا فيصلا ذاتي ۽ اقتداري مفادن لاءِ هجن ۽ ان سياست جا اتحاد مارشلائي قوتن، آمريت جي اتحادين ۽ سنڌي عوام جي دشمنن سان هجن. سنڌ جي عوام طرفان، سنڌ جي گهڻن گهرن ۽ قوم پرستن، اديبن ۽ صحافين کي 13 آگسٽ تي ڏنل موٽ تاريخي آهي. تنهن ڪري اسان سڀني کي ايندڙ وقت جي للڪارن کي درست نموني منهن ڏيڻ لاءِ پنهنجي ماضي جي غلطين ۽ ڪوتاهين کي به درست ڪرڻ ضروري آهي. ايوبي مارشلا ۾ ون يونٽ خلاف ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، جي ايم سيد، رسول بخش پليجي، ڪامريڊ غلام محمد لغاري، ڄام ساقي، يوسف لغاري، يوسف ٽالپر کان وٺي سنڌ جي هزارين، اديبن، ليکڪن، شاعرن، دانشورن ۽ سياسي ڪارڪنن توڙي اڳواڻن بي بها قربانيون ڏنيون، هنن نيٺ پنهنجي لڳاتار محنتن ۽ قربانين سان ون يونٽ جو قهري ڪوٽ به ڪيرائي وڌو. پر ان وقت به ڪي اهڙا اديب، صحافي، سياستدان ۽ ڪامورا هئا جن ابن الوقتيءَ جو مظاهرو ڪندي وقت جي حاڪمن جو ساٿ ڏئي سنڌ جي ۽ ان جي عوام سان غداريون ڪيون. ان وقت جي آمرن جون دلاليون ڪيون، ۽ وقت جي حاڪمن سان گڏجي هڪ طرف پنهنجي لاءِ ذاتي ۽ مالي مفاد حاصل ڪيا ته ٻئي طرف سنڌ جي گهڻ گهرن ۽ حقيقي عوامي نمائندن کي جيلن، ڪيسن ۽ اذيتن پهچائڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي ۽ وطن سان ٿيل ويساهه گهاتين ۾ ڪا به وٿي نه وڌي. سنڌ جي عوام سان ماضيءَ ۾ ويساهه گهاتيون ۽ غداريون ڪرڻ وارن جي اڪثريت جيتوڻيڪ هاڻي مري کپي وئي آهي پر انهن جي عوام دشمن عملن جي تاريخ ۽ نشان اڃا زندهه آهن.سنڌ سان غداريون ۽ ويساهه گهاتيون ڪندڙ انهن سياستدانن، اديبن، صحافين ۽ ڪامورن جي پونئيرن کي هاڻي پنهنجي وڏن جي ويساهه گهاتين تي عوام کان معافي جو طلبگار ٿيڻ گهرجي.
نه رڳو ايترو پر اهي صحافي، اديب ۽ ڪامورا جيڪي مٿي تي پوڙهائپ جي پشم هڻي، عمر درازي کي ئي عظمت جي علامت سمجهيو ٿا وتن، انهن کي به پنهنجي دور ۾ ون يونٽ جي حمايت ۾ لکيل ايڊيٽوريلن، ايوب خان جي آمريت جي آنڪي ڀرڻ، فيلڊ مارشل جي مقابلي ۾ فاطمه جناح کي ڌانڌلي سان ڪيرائڻ يا جي ايم سيد کي ڌانڌلي ذريعي شڪست ڏيارڻ تي به سنڌ جي عوام ۽ تاريخ جي رڪارڊ جي درستگيءَ لاءِ معافي وٺڻ گهرجي. جيڪڏهن سياستدانن، اديبن، صحافين ۽ ڪامورن جا اهي وڏا هيءُ جهان ڇڏي ويا آهن ۽ هاڻي سندن ڪو به پونئير يا وارث نه بچيو آهي ته سندن عزيزن، ويجهن دوستن يا شاگردن کي تاريخ جي رڪارڊ کي درست ڪرڻ لاءِ عوام اڳيان انهن جي معافين ۽ معذرتن جون اهي درخواستون داخل ڪرڻ گهرجن.
جيڪڏهن 1992ع ۾ وقت جو پو پ 360 سال اڳ، ان وقت جي پو پ طرفان عظيم سائنسدان گليلو کي ڏياريل سزا تي معافي وٺي سگهي ٿو ۽ جيڪڏهن 29 سالن کان پوءِ ترڪي جي چونڊيل وزيراعظم عدنان ميندريس کي فوجي جنتا طرف ڏنل ڦاسيءَ جي سزا تي ترڪيءَ جي پارليامينٽ معافي وٺي سگهي ٿي ته پوءِ معافين جو اهو سلسلو سنڌ ۾ ڇو شروع نه ٿو ٿي سگهي؟
اهي سياستدان، اديب، ڪامورا ۽ صحافي جن جن مارشلائي آقائن جون خدمتون ۽ نوڪريون ڪيون، جيڪي جيڪي انهن آمرن جا وفادار رهيا، انهن کي پنهنجي پنهنجي طرفان پنهنجي عوام سان ڪيل غلطين ۽ غدارين لاءِ عوام کان معافي وٺڻ گهرجي. ارجنٽينا کان آمريڪا تائين ۽ سريلنڪا کان آفريڪا تائين دنيا جي ويهن ملڪن ۾ هن وقت تائين سچ ۽ سرچاءَ واريون ٽرٿ ڪميشن (Truth Commissions) ٺهي چڪيون آهن، جيڪي انساني حقن، گهرو جنگين ۽ نسلي فسادن جون حقيقتون ۽ انهن جا جوابدار ڳولڻ جو ڪم ڪنديون رهيون آهن. جيڪڏهن دنيا ۾ اهي ڪميشنون ٺهيون آهن ۽ ٺهنديون رهيون آهن ته ڇا سنڌ ۾ اعتراف ۽ معافي تلافيءَ وارو اهو سلسلو شروع نه ٿو ٿي سگهي؟
سنڌ جا اهي سڀ گهڻ گهرا جيڪي عوام لاءِ ڪجهه ڪرڻ چاهين ٿا انهن کي پنهنجي پنهنجي ذات جي عشق، مفاد ۽ ايجنڊا مان مٿي نڪرڻو پوندو ۽ عوام جي مفاد کي سڀ کان اول رکڻو پوندو. اهي ڌريون، پارٽيون، فرد ۽ ادارا جيڪي عوام لاءِ ڪجهه ڪرڻ چاهين ٿا انهن کي اها ڳالهه مڃڻي پوندي ته ايڪيهين صديءَ جي سنڌ ٻڌن ليکن ۽ ابن ڏاڏن جي رشتن ۽ وارثن مان نڪري رهي آهي ۽ هاڻي ماڻهو ڳالهه ڳالهه جو ليکو چاهين ٿا ۽ هر هڪ اشوءَ تي هر ڌر جو موقف ڄاڻڻ چاهين ٿا. سنڌ جي گهڻ گهرن ۽ عوام جو ڀلو چاهيندڙن کي اها ڳالهه به سمجهڻي پوندي ته هڪ هڙتال جي ڪاميابي مڪمل ڪاميابي نه آهي، تنهن ڪري عوام جي دلين کٽڻ لاءِ سدائين سچا، کرا ۽ همٿ وارا قدم کڻڻا پوندا. عوام جو ڀلو چاهيندڙن کي اها ڳالهه به سمجهڻي پوندي ته سنڌ جو عوام جهڙيءَ طرح پنهنجا سڄڻ ۽ دشمن سڃاڻي ٿو، سنڌ جي گهڻ گهرن کي به سڄڻن ۽ دشمنن بابت واضح ۽ کرو ٿيڻو پوندو. اهي ماڻهو جيڪي مڱڻهارڪي ٻار وانگي هر ڪنهن جي ڪاڄ ۾ نچڻ لاءِ آتا آهن ۽ هو ساڌن سان به سنمک ۽ پينچن سان به پورا آهن، انهن کي سنڌي پهاڪو چڱي طرح سمجهڻ گهرجي ته سنڌي عوام ڀلي چريو کريو نظر اچي پر هو پنهنجا يار چڱي طرح سڃاڻي ٿو.
(سيپٽمبر 2011 ع ۾ نشر ٿيل )