تاريخ، فلسفو ۽ سياست

سنڌ ھڪ درد ڪھاڻي آھي

ڪتاب ۾ شامل ڪيل  هي ڊاڪيومينٽريز سنڌ جي هڪ جيئري جاڳندي ۽ ڳالهائيندڙ ٻولهائيندڙ تاريخ آهن. ايندڙ دور ۾ جڏهن تاريخ ڪتابن جي قرطاس مان نڪري واريءَ جي ذرڙن واري چپس تي هميشه لاءِ منتقل ٿيندي ته ان وقت هي ڊاڪيومينٽريز سنڌ جي تاريخ جو هڪ املهه ۽ محقق ماخذ بڻبيون. منظور سولنگي پنهنجي دور جو هڪ ليجنڊ ليکڪ ۽ ڏاهو ڏات ڌڻي آهي، هُن جي کرائي ۽ بي غرضي ڪنهن کي پسند نه به هجي پر هُن جي سنڌ سان غيرمشروط محبت، فدائيت ۽ جاکوڙ تي ڪي به ٻه رايا ناهن رهيا. هن سڄي زندگي هڪ کاهوڙي Activist جي حيثيت ۾ گذاري آهي. سنڌ جي اديبن، دانشورن ۽ ليکڪن پاران سنڌ جي وحدت ۽ ان جي اشوز تي آواز ۽ جاڳرتا اٿارڻ واري ويڙهه ۾ هو سدائين پهرين جوڙ جو ملهه رهيو آهي.

Title Cover of book سنڌ ھڪ درد ڪھاڻي آھي

اچو ته ڀٽائيءَ واري محبت ڪيون

ويلن ٽائين واري ڏهاڙي جي مناسبت سان

14 فيبروري کي سڄي دنيا ۾ محبت جي ڏهاڙي طور ملهايو وڃي ٿو. هن ڏينهن تي ماڻهو پنهنجي محبوبن ڏانهن دل جي شڪل وارا خط، نياپا ۽ تحفا موڪلين ٿا. هن ڏينهن تي هڪ ٻئي کي چاهڻ وارا پنهنجي دل گهرئين کي قسمين قسمين سوکڙيون ارپين ٿا ۽ هڪ ٻئي سان وفائن ڪرڻ جا وچن ڪن ٿا.
ويلنٽائين واري ڏينهن جي شروعات جيتوڻيڪ ساڍا سترهن سؤ سال اڳي روم جي شهر ۾ هڪ عيسائي پادري کي آيل ڦاسي جي ياد ۾ ملهائجندڙ ڏينهن کان ٿي پر آهستي آهستي هي ڏينهن دنيا ۾ مذهبي رنگ مان بدلجي عاشقي ۽ رومانوي رنگ ۾ بدلجي ويو ۽ اڄ دنيا هن ڏينهن کي محبتن جي ڏينهن طور ملهائي ٿي.
اسين جيڪي سنڌوماٿريءَ جي ملڪ جا ماڻهو آهيون، انهن کي هيءُ ڏينهن ڪيئن ملهائڻ گهرجي؟! ڪن ماڻهن جو خيال آهي ته هن ڏينهن کي پنهنجي وطن سان محبت جي ڏينهن طور ملهائڻ گهرجي. نوجوانن جي راءِ آهي ته هن ڏينهن کي محبوبن جي زلفن جي زنجير جو اسير بنائي گهارڻ گهرجي. ڪن وري هن ڏينهن کي محبت بجاءِ ماحوليات جو ڏينهن سمجهي ان ڏينهن تي وڻن پوکڻ جي اپيل ڪئي آهي. جنهن معاشري ۾ جڏهن ڪي نيون ڳالهيون يا ڪي نوان رجحان ايندا آهن ته سڀڪو ان جي پنهنجي مقصد واري معنيٰ ڪڍندو آهي ۽ اسان وٽ به ويلنٽائين جي ڏينهن سان اهوئي حشر ٿيو آهي.
سنڌ جي سمورن ساڃاهه وندن جي اها گڏيل راءِ آهي ته ڀٽائي سنڌ جو اصل ۽ اڪيلو جامع رهبر ۽ مفڪر آهي تنهن ڪري اچو ته ڏسون ته ڀٽائي پنهنجي سڪ جا سڳا ڪنهن ڪنهن سان ۽ ڪيئن سوريا آهن ۽ سنڌ جي هن عظيم انسان جي محبتن جو مرڪز ڪير ۽ ڪٿي آهي؟
هونئن ته جيڪڏهن ڀٽائي جي تشريح ڪرڻ تي اچجي ته اها شرح ڪي وڏا عالم ۽ اها به ڪنهن ڊگهي عرصي ۾ ئي ڪري سگهن ٿا، پر جيڪڏهن ڀٽائي کي هڪ سٽ ۾ بيان ڪجي ته هو پنهنجي وطن، پنهنجي محبوب، ان جي مسڪين ماروئڙن ۽ انهن جي خوددار ريتن ۽ ريتن جي نڀاءِ لاءِ سر ڏيڻ جهڙي جاکوڙ ڪرڻ جو سبق ڏئي ٿو ۽ ان سڄي نينهن جي نڀاءِ لاءِ ڀٽائي جي راهه ۽ رسم زماني جي رسم کان ابتي آهي.
”لوڪ وهي لهوارو، تون اوچو وَههُ اوڀار“
سنڌ جي عظيم مفڪر شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو خيال آهي ته وطن ۽ محبوب، ماڻهوءَ لاءِ سڀ کان وڏي وٿ ۽ وکر هئڻ گهرجي پر جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ ۾ انهن ٻنهي رسمن جي محبت گهٽ يا ۽ ماٺي آهي ته پوءِ انهن کي سٺو انسان نٿو چئي سگهجي ان ڪري هو چوي ٿو ته،
“سڄڻ ۽ ساڻيهه، ڪنهن اڻ ناسي وسري”
يعني جيڪڏهن ڪو پنهنجي سڄڻ کي ۽ پنهنجي ساڻيهه کي وساري ويهي ٿو رهي ته ان انسان کي اڻ ناسو يعني بنا ناس يا بنا نڪ وارو ماڻهو چئبو. سنڌي معاشري ۾ ڪنهن به ماڻهوءَ کي ويڻ ڏيڻ لاءِ ائين ئي چيو ويندو آهي ته ”بڻهان توکي ته نڪ ئي ڪونهي. تون ته بنهه ڪو بي نڪو آهين.“ وغيرهه.
ڀٽائي وٽ وطن سان محبت جو اهو عالم آهي جو چوي ٿو ته جيڪڏهن وطن ڏکيو آهي ۽ ڏڪار ۾ آهي، سڪو، سُڃو ۽ سکڻو آهي ته به ان کي ڇڏڻ نه گهرجي. ساڳيءَ ريت جيڪڏهن محبوب ۾ ڪا وقتي ميراڻ به آهي ته به ان کان الڳ نه ٿيڻ گهرجي.
ڇڇي ڇڏ ۾ سپرين، ڏليو ڇڏ ۾ ڏيهه
سڪا وڻ ساڻيهه جا، ته به وڙڪيو اچي ويهه
ويلنٽائين جي محبت ڀرئي ڏينهن تي اسان کي پنهنجي محبتن جي ڀيٽا رڳو پنهنجي محبوب ئي کي نه پر پنهنجي وطن کي به ڏيڻ گهرجي ۽ ڏسڻ گهرجي ته اسان جي ديس کي درد ڪٿان ڪٿان لڳو آهي ۽ ان درد جي دوا ڪٿان ۽ ڪيئن ممڪن آهي؟
شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي محبتن جو ٽيون مرڪز پنهنجي وطن جا اهي مسڪين ماروئڙا ۽ انهن جون اهي ريتون رسمون آهن جيڪي هنن غريب هوندي به ڪڏهن تبديل نه ڪيون آهن ۽ جن ڪڏهن به مسڪينيءَ جي ڪري پنهنجو مان نه ڪيرايو آهي ۽ ڪڏهن به ڪنهن ضرورت يا لالچ جي ڪري پنهنجا اصول ۽ آدرش قربان نه ڪيا آهن.
ايءَ نه مارن ريت، جيئن سيڻ مٽائن سون تي
اچي امر ڪوٽ ۾، ڪنديس ڪا نه ڪريت
پکن جي پريت، ماڙين سين نه مٽيان
پنهنجي وطن جي ماروئڙن جون خوبيون بيان ڪندي ڀٽ جو ڌڻي چوي ٿو ته منهنجي وطن جا ماڻهو ٿورو کائي ڍَوَ تي رهڻ وارا ۽ صحت بخش زندگي گذارڻ وارا آهن. ٿورو کائي صحت مند رهڻ وارو انوکو فلسفو به ڀٽائي جهڙو آدرشي انسان ئي ڏئي سگهي ٿو.
ٿوري قوت قراريا، رهن سٻر ست
پنهوارڪي پت، پيهي پڇج ملير ۾
پنهنجي روايتن سان ٻڌو رهڻ، بک ۾ به پنهنجا اصول ۽ آدرش نه ڇڏڻ ۽ ڪنهن جي محتاجي نه ڪرڻ جهڙن آفاقي اصولن کي ڀٽائي پنهنجي شاعريءَ ۾ گهڻو ساراهيو ۽ سينگاريو آهي. ويلنٽائين جي محبتن ڀرئي ڏينهن تي اسان کي پنهنجي محبتن جي ارپنا پنهنجي انهن انمول اصولن ۽ عظيم رسمن کي به ڏيڻ گهرجي، جيڪي رسمون مارئي جهڙي محب وطن ڪردار رکندڙ عورت عمر بادشاهه جي قيد ۾ به زندهه رکيون.
ڀٽائي جي محبت جا مرڪز ته هن جي شاعريءَ ۾ جابجا موجود آهن پر هڪ شئي جنهن کي هن پنهنجي لفظن جي موسيقي ۾ بار بار ڳاتو آهي اها، جدوجهد جو اڻ کٽندڙ سفر آهي. هو جدوجهد کي تيستائين هلائڻ چاهي ٿو جيستائين هن جي سسيءَ ۾ ساهه آهي.
جان جان هئي جيئري، ورچي نه ويٺي
وڃي ڀونءِ پيٺي، سڪندي کي سڄڻين
پر ڀٽائي جي جدوجهد جو تصور ايترو گهرو ۽ عميق آهي جو شايد ئي دنيا جي ڪنهن شاعر اهڙو تصور پيش ڪيو هجي.
سسئي جي سُرَ ۾ هو هڪ هنڌ چوي ٿو ته،
”جيڪڏهن هلندي هلندي، هن جو ساهه نڪري وڃي ۽ ٻيو سڀ ڪجهه ڳري وڃڻ کان پوءِ باقي رڳو منهنجي منڍي بچي ته ان کي به اڳتي اڇلائجو ته جيئن منزل ٻه ٽي وکون ويجهي اچي.“
”سسئي جي سسيءَ کي اوڏانهين اڇلاءِ“
اڄ جڏهن اسان کي سست، ڪاهل ۽ مردود قوم جا مهڻا ملن ٿا ته اسان کي گهرجي ته اسان پنهنجي ماڻهن کي سهڻي لطيف جي محبت جو اهو محور به ڏيکاريون، جنهن ۾ ڀٽائي اڻ کٽ، اڻ ورچ ۽ بنا ساهيءَ واري جاکوڙ جو ڏس ڏئي ٿو. اچو ته پنهنجي سڄڻ، پنهنجي ساڻيهه، پنهنجي مسڪين ماروئڙن، ماروئڙن جي اڻموٽ روايتن ۽ نه ختم ٿيندڙ ولوڙ ۽ جاکوڙ سان پاڻ به محبت ڪريون ۽ پنهنجي ماڻهن کي به اهي محبتون ڪرڻ سيکاريون.

( 14 فيبروري 2011ع تي نشر ٿيل )