تاريخ، فلسفو ۽ سياست

سنڌ ھڪ درد ڪھاڻي آھي

ڪتاب ۾ شامل ڪيل  هي ڊاڪيومينٽريز سنڌ جي هڪ جيئري جاڳندي ۽ ڳالهائيندڙ ٻولهائيندڙ تاريخ آهن. ايندڙ دور ۾ جڏهن تاريخ ڪتابن جي قرطاس مان نڪري واريءَ جي ذرڙن واري چپس تي هميشه لاءِ منتقل ٿيندي ته ان وقت هي ڊاڪيومينٽريز سنڌ جي تاريخ جو هڪ املهه ۽ محقق ماخذ بڻبيون. منظور سولنگي پنهنجي دور جو هڪ ليجنڊ ليکڪ ۽ ڏاهو ڏات ڌڻي آهي، هُن جي کرائي ۽ بي غرضي ڪنهن کي پسند نه به هجي پر هُن جي سنڌ سان غيرمشروط محبت، فدائيت ۽ جاکوڙ تي ڪي به ٻه رايا ناهن رهيا. هن سڄي زندگي هڪ کاهوڙي Activist جي حيثيت ۾ گذاري آهي. سنڌ جي اديبن، دانشورن ۽ ليکڪن پاران سنڌ جي وحدت ۽ ان جي اشوز تي آواز ۽ جاڳرتا اٿارڻ واري ويڙهه ۾ هو سدائين پهرين جوڙ جو ملهه رهيو آهي.

Title Cover of book سنڌ ھڪ درد ڪھاڻي آھي

موهن جي دڙي جو دراوڙ- انور پيرزادو

انور پيرزادو، سنڌ جي انهن ٿورن ماڻهن منجهان هڪ آهي، جنهن کي سڀيئين پارئيين، سڀئين سخنين هڪ ڪامل، هڪ مڪمل سنڌي چئي سگهجي ٿو. ها، هن جي قداور شخصيت کي ڏسڻ سان هن جي ڪا آريائي اصليت ضرور ڀاسندي هئي. پر پنهنجي سڀاءَ ۾ هو موهن جي دڙي جو دراوڙ لڳندو هو. ٿڌي مزاج ۽ مٺي گفتار واري هن دراوڙ، ان ڳوٺ ۾ جنم ورتو، جيڪو موهن جي دڙي جي ڀر ۾ آباد آهي، جنهن کي ماڻهو ٻلهڙيجي جي نالي سان سڃاڻن ٿا ۽ ان ئي ڳوٺ کي ساڄي ڌر جا قربان بگٽي جهڙا ليکڪ ”لٽل ماسڪو“ يعني ننڍو ماسڪو سڏيندا هئا.
انور پيرزادو لاڙڪاڻي ضلعي جي ڏوڪري تعلقي جي ٻلهڙيجي ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو. هن جو ننڍپڻ لاڙڪاڻي جي هاڙهه ۽ سنڌو درياهه جي چاڙهه کي ڏسندي گذريو. هن ان ماحول ۾ اکيون کوليون جڏهن دنيا جا ناليوارا عالم، اڪابر ۽ ماهر، موهن جي دڙي جي مٽيءَ کي ماٿي تي لڳائي ان کي انساني تاريخ جي هڪ وڏي تيرٿ جهڙو مهان سمجهندا هئا. هن جي علمي، ادبي ۽ سياسي پرورش، سوڀي گيانچنداڻيءَ جهڙي گياني شخص جي چؤگرد ٿي. هن جي دوستي گلاب پيرزادي جهڙن اڻ پڙهيل انقلابين سان هئي، جيڪي جوڙ ڪري رکڻ جو علم سمجهڻ بجاءِ انقلاب جي آخري نتيجن تي ڌيان ڏيندا هئا. سنڌو درياهه، موهن جي دڙي ۽ سوڀي گيانچنداڻيءَ جهڙن ٽن عظيم وجودن جي وچ مان سلي وانگي سرجيل انور پيرزادو جڏهن جوان ٿيو ته هن جي شخصيت ۾ هڪ محب وطن سنڌي، هڪ سچي انقلابي ۽ هڪ عظيم انسان جون سڀئي خوبيون موجود هيون.
25 جنوري 1945 تي ٻلهڙيجي ۾ پيدا ٿيل انور پيرزادي جو اصلي نالو محمد پريل هو، جيڪو اڳتي ادبي ذوق ۾ انور ۾ تبديل ٿيو. انور پيرزادي 1962ع ۾ ڏوڪري هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو ۽ 1963ع ۾ پرائمري ماستر ٿيو. 1965ع ۾ جڏهن قديم آثارن جي مشهور ماهر پروفيسر ڊاڪٽر جارج ايف ڊيلس موهن جي دڙي تي تحقيق جو ڪم شروع ڪيو ته انور پيرزادي ان سان گڏجي ڪم ڪيو.
انور پيرزادي ان کان پوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ جو رخ ڪيو ۽ 1969ع ڌاري سنڌ يونيورسٽيءَ مان انگريزي ادب ۾ ايم اي ڪرڻ کان پوءِ پاڪستان جي هوائي فوج ۾ پائليٽ طور شموليت اختيار ڪئي. 1971ع ۾ بنگال تي ڪيل فوج ڪشيءَ جي مخالفت ۾ لکيل هڪ خط جي پڪڙجڻ کان پوءِ هن کي ڪورٽ مارشل ڪيو ويو ۽ کيس سرڪاري نوڪريءَ لاءِ سدائين نااهل ڪرڻ جي هڪ اهڙي سزا ڏني وئي جيڪا هن اعزاز سمجهي سدائين اکين تي رکي قبول ڪئي.
انورپيرزادي جو ننڍپڻ ڪچي ۽ درياهه جي ڪنارن تي گذريو، جنهن سبب هو ننڍپڻ کان ئي درياهه جو ديوانو هو. ٿورو وڏو ٿيڻ کان پوءِ هن کي ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ جون ڪچهريون نصيب ٿيون، جنهن هن جي اندر ۾ انقلاب جي دونهين دکائي. مئٽرڪ کان پوءِ هن ڊاڪٽر جارج ايف ڊيلس سان گڏجي موهن جي دڙي جي مٽي ڇاڻي، جنهن هن جي اندر ۾ سنڌو جي تهذيب جي عظمت جا نقش چٽيا ۽ ان کان پوءِ هن سنڌ يونيورسٽيءَ مان انگريزي ادب ۾ ايم اي ڪئي جنهن بعد هن اڳيان لطيف جي شاعري جو شان آشڪار ٿيو. پنهنجي علم ۽ عرفان جون اهي سڀ منزلون ماڻڻ کان پوءِ باقي سڄي زندگي انور پيرزادو سنڌو درياهه، موهن جي دڙي، لطيف ۽ انقلاب جي چئن نالن يا اربع عناصرن جي عشق ۾ سرگردان رهيو.
زندگيءَ جي ضرورتن جي پورائي لاءِ انور پيرازدي صحافت کي ذريعو بنايو ۽ انگريزي توڙي سنڌي اخبارن ۾ ڪم ڪندو رهيو، صحافت ۾ هن جي تحريرن ۾ سنڌو درياهه، موهن جي دڙي، لطيف ۽ انقلاب جا اثر سدائين نمايان نظر ايندا هئا. انور پيرزادي جي لکڻين ۾ سنڌو درياهه جهڙي وسعت، موهن جي دڙي جهڙي عظمت، لطيف جهڙي لطافت ۽ انقلاب جهڙي رومانويت نظر ايندي هئي. هو سنڌ جي نهايت ٿورن ماڻهن مان هڪ هو جيڪي هڪ ئي جنم ۾ هيڪاندا ڪم ڪري سگهندا آهن. هو هڪ ئي وقت درياهه، موهن جي دڙي، لطيف توڙي انقلاب سان ايترو پيار ڪندو هو، جو اهو سمجهڻ اوکو ٿي پوندو هو ته هو لطيف جي عشق کان پوءِ انقلابي ٿيو آهي يا انقلاب جي خمارن هن جي سوچ ۾ لطيف جي محبت جو مڌ اوتيو آهي. ساڳيءَ ريت اهو به سمجهه ۾ نه ايندو آهي ته موهن جي دڙي جي محبت هن کي درياهه سان دل لڳرائي يا سنڌو درياهه جون سيرون هن کي ماضيءَ جي موهن جي دڙي ڏانهن لوڙهي ويون. جيڪڏهن ائين چئجي ته درياهه، موهن جي دڙي، انقلاب ۽ لطيف جو عشق هن جي چت تي سال جي چئن موسمن وانگي چڙهندو هو تڏهن به غلط نه ٿيندو. انور جي ڪابه تحرير پڙهو ۽ ڪابه تقرير ٻڌو پر اظهار جي سڀني اندازن ۾ هن جي پسند جا اهي مکيه موضوع سدائين نمايان نظر ايندا. هن جو شايد ئي ڪو اهڙو شعر هجي، جنهن ۾ سنڌوءَ جي امرت لهرن جهڙيون ڇوليون، ڇلڪندي نظر نه اچن ۽ هن جو شايد ئي ڪو نظم اهڙو هجي، جنهن ۾ موهن جي دڙي جي ناچڻي وارو رقص نه هجي. هن جي شايد ئي ڪا اهڙي تحرير هجي، جنهن ۾ ڀٽائي جون تشبيهون ترندي نظر نه اچن ۽ يا جنهن ۾ انقلاب جهڙي تک ۽ تيزي نه جهلڪندي هجي.
انور پيرزادي ڪڏهن به خانا پوريءَ لاءِ نه لکيو. هن جي هر تحرير، هن جي انقلابي اندر جي آگ مان اُٻري نڪرندي هئي. اهوئي سبب هو جو هن جي هر تحرير شاهڪار ۽ هن جي هر لکڻي فن پاري جيان لڳندي هئي. روزاني عوامي آواز ۾ هن ”متان وساريو“ جي عنوان سان مختصر ترين ڪالم لکيا. جنهن ۾ پنجن سٽن اندر، هو ڪنهن وڏي ڪالم کان به وڏي ڳالهه چئي وجهندو هو. هن جون تفصيلي تحريرون گهڻي ڀاڱي تحقيقي مواد تي مشتمل هونديون هيون، جن جا موضوع سنڌ ۽ سنڌ جو لطيف، موهن جو دڙو يا انقلاب هوندا هئا.
ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ۽ سوڀي گيانچنداڻيءَ جي پاڙي ۽ صحبت ۾ وڏو ٿيندڙ انور پيرزادي جي رڳ رڳ ۾ انقلاب رچيل هو. انقلاب جي سرخ رنگ سان هن جي ايڏي ته سچيتائي هئي جو هن ان رنگ ۾ پنهنجو سڄو ڳوٺ رڱي ڇڏيو هو ۽ ٻلهڙيجي جو ٻار، ٻڍو توڙي جوان جتي به موجود هوندو هو، ان مان بغاوت جي باهه ڀڙڪندي نظر ايندي هئي. اهوئي سبب هو جو قربان بگٽيءَ جهڙا بنياد پرست ليکڪ، ٻلهڙيجي جي ڳوٺ کي لٽل ماسڪو يعني ڪميونسٽن جو ننڍڙو شهر سڏيندا هئا. ائين ضررو آهي ته ٻلهڙيجي ۾ بغاوت جو ٻج ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي جي ليڪچرن پوکيو پر انور پيرزادو ان انقلابي فڪر جي اها پهرين اوڌ هو، جتان وري اڪيچار انقلابي پيدا ٿيا.
سوڀي گيانچنداني ۽ انور پيرزادي جي ڪچهرين مان فيضياب ٿيل مزدور اڳواڻ گلاب پيرزادو جڏهن فلسفي تي ڳالهائيندو هو ته ٿلها ڪتاب پڙهندڙن جا هوش ٺڪاڻي اچي ويندا هئا. اهو انور پيرزادي جي محنتن جو ڪمال هو جو ٻلهڙيجي شاعرن، اديبن ۽ انقلابين جي هڪ اهڙي نرسري بنجي پئي جيڪي اڳتي هلي گهڻي ڀاڱي صحافي ٿيا. صحافت کي ويهن سالن کان وڌيڪ عرصو ڏيندڙ ناميارو صحافي زلف پيرزادو به ٻلهڙيجي ۾ ئي پيدا ٿيو ۽ اهو به هڪ رڪارڊ آهي ته ضياءَ جي مارشل لا واري دور ۾ آمريت خلاف ڀتين تي نعرا لکندي جڏهن زلف پيرزادي کي گرفتار ڪيو ويو هو ته زلف پيرزادي نالي ٻلهڙيجي جي هن ٻار جي عمر صرف سورهن سال هئي. هونئن ته اها ڳالهه به عام ۽ مشهور آهي ته لطيف جي شاعريءَ کي لاڙ جا ماڻهو وڌيڪ سمجهن ٿا ڇو ته لطيف جي ٻوليءَ تي لاڙ جو وڌيڪ اثر آهي پر انور پيرزادي ٻلهڙيجي ۾ لطيف کي ايترو پڙهيو ۽ پکيڙيو جو محسوس ٿيندو هو ته هن لاڙڪاڻي ۾ لاڙ – ڪڻو آندو آهي يا اتي هڪ ننڍڙو لاڙ برپا ڪيو آهي. ٻلهڙيجي ۾ ڀٽائي کي سمجهندڙ رڳو اڪيلو انور پيرزادو نه هو پر هن لطف ۽ زلف پيرزادي سميت ڪيترائي اهڙا ماڻهو پيدا ڪيا هئا، جيڪي هن سان لطيفيات جي سير ۾ گڏ هوندا هئا. انور پيرزادي جو ڀٽائي سان عشق ان حد تائين پهتل هو جو شايد ئي ڪو اهڙو مهينو هجي، جنهن ۾ هن ڀٽائي جي مزار جي مٽي پنهنجي مٿي تي نه لڳائي هجي. سندس سالن جي انهيءَ سفر جو ئي نتيجو هو جو هن ”اي چنڊ ڀٽائيءَ کي چئجان“ جهڙو شاهڪار گيت لکيو.
انور پيرزادو جيتوڻيڪ آرڪيالاجسٽ نه هو پر موهن جي دڙي جي محبت هن کي ڄڻ قديم آثارن جو ابو بڻائي ڇڏيو هو. 1965ع ۾ مشهور آرڪيالاجسٽ ڊاڪٽر جارج ايف ڊيلس سان هن جڏهن موهن جي دڙي جي مختلف علائقن جي مٽي کوٽڻ ۽ تورڻ شروع ڪئي ته ان پرڏيهي ماهر جي موٽي وڃڻ کان پوءِ به هن اها ڪرت جاري رکي ۽ هو جيستائين به جيئرو رهيو، تيستائين موهن جي مٽيءَ سان سندس موهه برقرار رهيو.
انور پيرزادي جي زندگيءَ جا سڀئي چاهه انوکا هئا پر هن جو سنڌو درياهه سان عشق سڀ کان اتامرو هو. هن سڄي زندگي انگريز سياحن جا سنڌوءَ جا سفر پڙهيا هئا تنهن ڪري هن کي جيءَ ۾ جاڳيو ته هو پنهنجي عظيم درياهه کي سرحد صوبي جي اٽڪ کان، ٺٽي جي جنگي سر واري پتڻ تائين گهمي ڏسي ۽ درياهه جي وڇاءَ ۽ وهڪري کي ويجهي کان ڏسي. ان سڪ ۽ سبب کي ساڻ ڪري انور پيروزادو، بدر ابڙي، انتخاب شاهه سميت 14 دوستن سان گڏجي سنڌوءَ جي سفر- اٽڪ کان جنگي سر- تائين نڪتو.
سنڌو درياهه جي 22 ڏينهن جي سفر کان پوءِ جڏهن انور پيرزادو عظيم درياهه جو شان بيان ڪندو هو تڏهن هو ويدڪ دور جو ڪو رشي لڳندو هو ۽ هو دادلي درياهه جي تعريف ڪندي نه کٽندو هو. پنهنجي ان تاريخي سفر کان پوءِ انور پيرزادو ان راءِ تي پهتو هو ته موجوده سنڌ، سرائڪي علائقو ۽ هزارا وارو علائقو جتان جتان سنڌو درياهه گذري ٿو، اهو سڄو هڪڙي ئي سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب جو ديس آهي ۽ هنن سڀني علائقن جون ٻوليون، سنڌي ٻوليءَ جا مختلف لهجا آهن. انور پيرزادي اهو پڻ ٻڌايو هو ته هندڪو دراصل سنڌڪو آهي. انور پيرازدو اسان کان ڀلي وڇڙي ويو هجي پر هن جا سپت سنڌو جي درياهن جيترا ست ڪتاب سنڌ، موهن جو دڙو، جديد سنڌي ادب، اي چنڊ ڀٽائي کي چئجان، متان وساريو ۽ بمبئي جو سفرنامو اسان وٽ سدائين هن جي ياد کي تازو ڪندا رهندا.

(7 جنوري 2010ع تي نشر ٿيل)