شهيد ڀُٽي جي ڪيس جو رڪارڊ درست ٿيڻ گهرجي
حالانڪ اها وري هڪ ٻي حقيقت آهي ته عدالتي حلقن ۾ به ڀٽي ڪيس کي آمر جي قلم سان لکرايل عدالتي فيصلو سمجهيو وڃي ٿو ۽ ڪنهن به عدالتي وهنوار ۾ شهيد ڀٽي جي سزا واري ڪيس کي حوالي طور نه ٿو ڄاڻايو وڃي. ان لحاط کان ڀٽو ڪيس ڄڻ ته عدالتي رڪارڊ مان اڻ اعلانيا طور خارج ۽ غائب ڪيو ويو آهي. پر جيئن عظيم سائنسدان گليلو کي عيسائي پاپائيت طرفان ڏنل موت جي سزا کي سال 1992ع ۾ 360 سالن کان پوءِ غلط قرار ڏئي، پادرين کي غلط ۽ گليلو جي دعوا کي حقيقت قرار ڏنو ويو يا جيئن ترڪي ۾ اڳوڻي وزيراعظم عدنان مندريس جي ڦاسي کان 29 سال پوءِ 1960ع ۾ کيس بيڏوهي قرار ڏئي، سندس پونئيرن ۽ پوئلڳن کان معافي ورتي وئي يا جيئن بنگلاديش ۾ بنگالين جي ابي شيخ مجيب جي قتل کي قومي ڏوهه قرار ڏئي، سندس قاتلن کي سزا ڏني وئي، بلڪل اهڙيءَ ريت شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي اڄ کان 32 سال اڳي عدالتي قتل تي ٻيهر غور ڪرڻ ۽ رڪارڊ ۾ ان کي مجرم بجاءِ معصوم لکڻ ۽ قرار ڏيڻ جي ضرورت آهي.
پاڪستان جي 64 سالن جي عمر ۾ ڀٽي جو موت پوري اڌ يعني 32 سالن تي بيٺل آهي ۽ وقت جي واٽ جي وچ تي بيهي تاريخ، عوام ۽ اعليٰ عدالتن کان انصاف طلب ڪري ٿو ۽ پڇي ٿو ته مون هن ملڪ لاءِ ڇا ڇا ڪيو ۽ وقت جي آمر، هن سان، هن جي خاندان سان، هن جي پارٽيءَ سان ۽ سڀ کان وڌيڪ سڄي ملڪ ۽ سموري عوام سان ڇا ڇا ڪيو؟!
هاڻي ان ڳالهه تي ڪي به ٻه رايا نه آهن ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽي سنڌو ماٿريءَ جي هن ملڪ کي هڪ جديد، روشن خيال، ترقي ڪندڙ ۽ مذهبي آزاديءَ وارو جمهوري ملڪ بنائڻ پئي چاهيو. بلڪل اهڙو ملڪ، جنهن جا نقش ۽ تصور قائداعظم محمد علي جناح جي ان مشهور تقرير ۾ جهلڪن ٿا، جنهن ۾ هن چيو هو ته ”اڄ کان پوءِ هن ملڪ ۾ سڀني کي مذهبي آزادي هوندي ۽ اڄ کان پوءِ رياست جو مذهب سان ڪو تعلق نه هوندو.“ مذهب، رياست ۽ سياست بابت شهيد ڀٽي جا اهي خيال ان وقت جي ڪيترن ئي جنونين کي پسند نه هئا. هارين کي خوشحال بنائڻ ۽ ترقيءَ جي فائدن کي عام ماڻهو تائين لاهڻ جا خواب، ان وقت جي ڪيترن سرمائيدارن ۽ جاگيردارن کي ننڊ ۾ ڇرڪن جو سبب بڻجندا هئا. پاڪستان کي هڪ مضبوط، ايٽمي ۽ علائقائي طاقت بنائڻ جون ڪوششون ڪيترن پاڙيسري ملڪن ۽ پرڏيهي پرمارن کي پسند نه هيون ۽ نتيجي طور سڀني گڏجي هڪ اهڙي ماڻهو کي هميشه لاءِ ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جيڪو هن ڏکايل واديءَ جي درد ورتل عوام جي مشڪلن جي ڪشائي جو نسخو کڻي آيو هو ۽ پوءِ ڏکن جي ڊگهي وٽ ۾ ويڙهيل ۽ جنم جنم کان جلندڙ عوام سان پتنگ جيان عشق ڪندڙ شهيد ڀٽي کي هٽائڻ ۽ مارائڻ لاءِ ”ڪي تخت گهڙن، ڪي نوڙ وٽن، مجرم کي سزائي عشق ڏيو.“ جي چواڻي سڀني پنهنجي پنهنجي حصي جو سازشي ڪردار ادا ڪيو ۽ آخرڪار 4 اپريل 1979ع تي ڄامڙن ۽ ٻچاپڙن، سياستدانن، اخباري مالڪن ۽ ڪجهه جنرلن پرڏيهي پٺڀرائي سان شهيد ڀٽي کي ڦاسيءَ تي چاڙهائي ڇڏيو. اڄ جڏهن ڀٽي جي شهادت کي 32 سال مڪمل ٿيا آهن ۽ هن جي مارجي وڃڻ کان پوءِ پيدا ٿيل نسل به شعور جي سمڪ سنڀالڻ لڳو آهي تڏهن ڀٽي جي مخالفن به اهو مڃڻ شروع ڪيو آهي ته واقعي ڀٽي جي سخنن جهڙا خيال ئي هن ملڪ جي دردن جي دوا ۽ دائمي اڪسير آهن.
راولپنڊيءَ جي اونداهي جيل ڪوٺڙي ۾ دورانديشيءَ جي سوجهري سان لکيل پنهنجي آخري تحرير، ”جيڪڏهن مون کي قتل ڪيو ويو“ ۾ شهيد ڀٽي افغانستان جي آئيندي ۽ خيبرپختونخواهه ۾ امڪاني طور اڀرندڙ جنونيت پسنديءَ بابت جيڪي ويچار 32 سال اڳ لکيا هئا. اڄ اهي هوبهو ان اسڪرپٽ وانگي لڳن ٿا، جنهن تي تيار ڪيل واقعاتي فلم اڄ ملڪ جي اترين ۽ اولهائين علائقن ۾ هلي رهي آهي. اڄ اندروني طرح جڏهن ملڪ غربت جي گهيري ۾ آهي ۽ هر گذرندڙ ڏينهن ۾ معاشي ۽ سماجي اڻ برابري وڌي رهي آهي. مذهبي جنون جو جن وڏي شدت سان ڪنڌ هڻي، سماج کي ڪنبائي رهيو آهي ۽ اڄ جڏهن اسين بيروني طرح ويجهين توڙي وکاندرن طاقتن جي ڌمڪين ۽ دهمانن ۾ ورتل آهيون، تڏهن 32 سال اڳ، قتل جي هڪ ڪيس ۾ ماريل ۽ مجرم قرار ڏنل موهن جي دڙي جو هي منش مسيحا جو مجسمو نظر اچي ٿو ۽ سچ پچ ۾ محسوس ٿئي ٿو ته اڄ اسين جيڪو ڪجهه ڀوڳي رهيا آهيون، اها ڄڻ محسن ڪشيءَ جي سزا ڪاٽي رهيا آهيون.
شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي سياست ۽ ان جي عوام تي آيل اثرن، شهيد ذوالفقار ڀٽي جي ڪارنامن سبب ملڪ ۾ آيل تبديلين تي الڳ تحقيق جي ضرورت آهي. پر هن جي 32هين ورسيءَ جي موقعي تي جڏهن اسين هن جي وسايل عضون جو تصور ڪريون ٿا ته هن جون ٻوٽيل اکيون، اسان کي ڇرڪ ڀرائي جاڳائن ٿيون ۽ اسان کان اهوئي سوال ڪن ٿيون ته مون کي ڪنهن ڪنهن ماريو ۽ ڇو ماريو؟ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي حقيقي پوئلڳي، رڳو ان جي نالي تي عمارتن جا نالا لکرائڻ، ٽورنامنٽون ڪرائڻ ۽ اڄڪلهه جي رواج وانگي اشتهار ڇپرائڻ ۽ ثواب واريون محفلون ڪرائڻ ناهي. پر ڀٽي کي حقيقي طرح خراج عقيدت پيش ڪرڻ جو اهو طريقو آهي ته ان جي فڪر ۽ فلسفي کي سمجهيو وڃي. ان جي محبوب ڪردارن ۽ مسڪينن توڙي نادارن سان محبت ڪئي وڃي ۽ ڀٽي جي محبوبن يعني هن ملڪ جي غريب ماڻهن جي قسمت بدلائڻ لاءِ سچي معنيٰ ۾ ولوڙ ۽ جاکوڙ ڪئي وڃي.
اڄ 32 هين ورسيءَ جي موقعي تي پيپلزپارٽي جي قيادت جڏهن شهيد ڀٽي جو ڪيس اٿلائڻ لاءِ ملڪ جي اعليٰ ترين عدالت سان رجوع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ ڀٽي ڪيس جون حقيقتون پڌريون ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، تڏهن ان ڳالهه جي پڻ ضرورت آهي ته رڳو ان ڊرامائي حقيقت جا نظر ايندڙ ڪردار ئي وائکا نه ڪيا وڃن پر انهن سمورن ڪردارن ۽ مددگارن کي به وائکو ڪيو وڃي جيڪي ڀٽي جي حڪومت خلاف ڊالر تحريڪ هلائڻ جا مهندار هئا. اهي پارٽيون ۽ ڪردار به نروار ٿيڻ گهرجن، جن ضياءُالحق کي اها صلاح ڏني هئي ته ڀٽي کي بار بار ڦاسي ڏيڻ گهرجي. نئين نسل جي سامهون اهي مهانڊا به وائکا ٿيڻ گهرجن، جن جنرل ضياءَ کي ائين چيو ته ڀٽي جي موت جي اپيل رد ڪري کيس ڦاسيءَ جو حقدار قرار ڏيڻ واري فيصلي لکڻ لاءِ استعمال ٿيل پين کين تحفي ۾ ڏني وڃي.
يوناني فاتح سڪندراعظم هٿان سنڌ جي ماڇڪي واري علائقي جي بادشاهه جي ڦاسي، ايراني نمروز جي بادشاهه هٿان راءِ سهيرس جي قتل کان پوءِ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي شهادت سنڌوماٿريءَ جي هن ملڪ جو ٽيون وڏو قتل آهي. شهيد ڀٽي جي شخصيت کي اها به فضيلت آهي ته هو هن ملڪ جي ماڻهن جو چونڊيل نمائندو هو ۽ هو راءِ سهيرس وانگي ڌارين هٿان نه پر ديس جي دروهين ۽ آئين کي ٽوڙيندڙ هٿان قتل ڪيو ويو.
شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي قتل ڪيس جون حقيقتون اڳيان آڻڻ وقت انهن هٿن کي به وائکو ڪرڻ جي گهرج آهي، جيڪي شهيد ذوالفقار علي ڀٽي سان بظاهر گڏ هئا پر اهي اندروني طرح آئين ٽوڙيندڙ آمرن جا ساٿاري بنجي چڪا هئا ۽ ڀٽي کي ڦاسي ڏيڻ وقت اهي ماٺ جا مُڱ چٻاڙي اشارن سان عوام کي صبر جون تلقينون ڪري رهيا هئا.
ڀٽو جيڪو هن ملڪ جي محروم ماڻهن جي صدين جي صدا ۽ درد جي دوا هو، ڀٽو جيڪو هن ملڪ جي نئين سياسي رواج جو رهبر هو، ڀٽو جيڪو
ہزاروں سال نرگس اپنی بے نوری پے روتی ہے
بڑی مشکل سے ہوتا ہے، چمن میں دیدور پیدا
جهڙين سٽن جي سچي پچي صورت هو، ان ڀٽي کي ڪهڙين حالتن، ڪهڙين طاقتن، ڪهڙن ادارن ۽ ڪهڙن ڪردارن، مات ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي اهي سڀ رڪارڊ تي اچڻ گهرجن.
ڳڙهي خد ابخش جي شهيدن جي آستان ۾ شهيدن جي چوياري قائم ڪيو ويٺل اهو مٿير اڄ به ڄڻ قبر مان ڳالهائي ٿو ۽ پڇي ٿو ته:
منهنجي قتل جي جاچ ڪير ڪندو؟
مون سان انصاف ڪڏهن ٿيندو؟
(4 اپريل 2011 تي نشر ٿيل)