تاريخ، فلسفو ۽ سياست

سنڌ ھڪ درد ڪھاڻي آھي

ڪتاب ۾ شامل ڪيل  هي ڊاڪيومينٽريز سنڌ جي هڪ جيئري جاڳندي ۽ ڳالهائيندڙ ٻولهائيندڙ تاريخ آهن. ايندڙ دور ۾ جڏهن تاريخ ڪتابن جي قرطاس مان نڪري واريءَ جي ذرڙن واري چپس تي هميشه لاءِ منتقل ٿيندي ته ان وقت هي ڊاڪيومينٽريز سنڌ جي تاريخ جو هڪ املهه ۽ محقق ماخذ بڻبيون. منظور سولنگي پنهنجي دور جو هڪ ليجنڊ ليکڪ ۽ ڏاهو ڏات ڌڻي آهي، هُن جي کرائي ۽ بي غرضي ڪنهن کي پسند نه به هجي پر هُن جي سنڌ سان غيرمشروط محبت، فدائيت ۽ جاکوڙ تي ڪي به ٻه رايا ناهن رهيا. هن سڄي زندگي هڪ کاهوڙي Activist جي حيثيت ۾ گذاري آهي. سنڌ جي اديبن، دانشورن ۽ ليکڪن پاران سنڌ جي وحدت ۽ ان جي اشوز تي آواز ۽ جاڳرتا اٿارڻ واري ويڙهه ۾ هو سدائين پهرين جوڙ جو ملهه رهيو آهي.

Title Cover of book سنڌ ھڪ درد ڪھاڻي آھي

سنڌ يونيورسٽيءَ جي بحران جو ڪير ڪير ذميوار آهي؟

پروفيسر بشير احمد چنڙ جي قتل کان پوءِ سنڌ يونيورسٽي هڪ ڀيرو ٻيهر بند آهي. ان کان اڳ بابر سنديلي، رميز سهاڳ ۽ اسد عباسي جي قتل تي به سنڌ جي ڪيترن علمي درسگاهن جي ماءُ سڏي ويندڙ هيءَ مادر علمي مهينن جا پاند بندش جو شڪار رهي آهي. سنڌ جي ٻهراڙين جي ويران ۽ بنجر مزاجن ۽ دماغن کي سرسبز ۽ آباد ڪندڙ هن پوتر ڌارا جهڙي درسگاهه ۾ سالن بلڪ ڏهاڪن کان هلندڙ اهو رواج ڄڻ هتان جو قانون بنجي ويو آهي ته پهريائين هڪ شخص جو قتل ٿيندو آهي ۽ پوءِ ان جي سوڳ جي نالي ۾ ٿيندڙ بائيڪاٽ جي نتيجي ۾ هزارين شاگردن جي تعليم جو قتل ٿيندو آهي. نظر ايندڙ قتل جي سوڳ جي نالي ۾ اسين جيڪو اڻ ڏٺن نسلن ۽ ايامن جو قتل ڪيون ٿا انهن جو ڪٿي به ڪو ليکو چوکو، ڪو حساب ڪتاب نه آهي.
سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ڪنهن شاگرد، استاد يا ملازم جو قتل ٿئي تڏهن به اها بند ٿيندي ئي ٿيندي آهي پر جيڪڏهن ڪنهن ڌر سان ڪو جهيڙو ٿيندو آهي، يا ڪا ٻي بدنظمي ٿيندي آهي ته به اسان جي يونيورسٽي بند رهي ٿي. انتظاميا، استادن، شاگردن يا ملازمن مان مسئلو ڪنهن سان به ٿئي پر نتيجو سنڌ يونيورسٽيءَ جي بند ٿيڻ جي صورت ۾ نڪري ٿو. چاليهه سالن کان وڌيڪ عرصو گذري وڃڻ باوجود سنڌ يونيورسٽيءَ جا مسئلا ذري گهٽ ساڳيا آهن. آخرڪار سنڌ يونيورسٽيءَ جي انهيءَ بحران جو ذميوار ڪير آهي؟ ان جو پيرو کڻڻ جي ضرورت آهي.
سنڌ جي فڪري امام شاهه عبداللطيف ڀٽائي جيئن سسئي جي سر ۾ سسئي جا ويري ڳڻائيندي چيو آهي ته،
اٺ ويري، اوٺار ويري، ٽيا ويري ڏير
چوٿون ويري واءُ ٿيو، جنهن لٽيا پنهونءَ پير
پنجون ويري سج ٿيو، جنهن الهي ڪئي اوير
ڇهون ويري چنڊ ٿيو، جو کڙيو نه وڏيءَ وير
ستون ويري ڇپر ٿيو، جنهن سنوان ڪيا نه سير
واهيري جي وير، ٿي ڇلون ڪريان ڇپرين
بلڪل ائين انتظاميا، شاگرد، استاد، ملازم، والدين، سول سوسائٽي ۽ سياسي پارٽيون توڙي ميڊيا سڀئي ان بحران جون ذميوار آهن. هڪڙيون ڌريون سڌيءَ ريت ان گهوٽالي جون ذميوار آهن ته ٻيون ڌريون وري اڻ سڌي طرح ان بحران جون جوابدار آهن.
سنڌ جي سڀني يونيورسٽين جي بحران جي سڀ کان وڏي ذميواري ان جي انتظاميا تي پوي ٿي جنهن انتظاميا جي پهرين ڪڙي اسٽوڊنٽس ويلفيئر آفيسر ۽ آخري ڪڙي چانسلر، يعني سنڌ جو گورنر آهي.
سنڌ جي 12 سرڪاري يونيورسٽين مان 4 يونيورسٽين جا وائيس چانسلر اهي رٽائر ۽ ڪراڙا ڪامورا آهن جيڪي پنهنجي طبعي ۽ دماغي صحت وڃائڻ کان پوءِ هاڻي اسپتالي زندگي گذاري رهيا آهن. انهن وائيس چانسلرن جي گهڻائيءَ جي کيسن ۾ لکڻ واري پين بجاءِ پين ڪلر ۽ ايمر جنسيءَ ۾ کائڻ واريون گوريون هجن ٿيون. اهي وائيس چانسلر پنهنجا پراڻا تعلقات ۽ نوان تحفا استعمال ڪري بار بار پوسٽنگون وٺي اچن ٿا. نتيجي طور وائيس چانسلر ٿيڻ بعد، سندن پهرين ترجيح تعليم جي بهتري نه پر کين مقرر ڪرائڻ وارن جي ٽانڊو ٽوپي ڪري کين خوش رکڻ هجي ٿو. سنڌ جي گورنر جي انهن يونيورسٽين ۾ دلچسپي ان ڳالهه مان ئي ظاهر آهي ته گورنر، جيڪو صوبي جي يونيورسٽين جو چانسلر به آهي، اهو سال ۾ هڪ ڀيرو ان ڪنووڪيشن ۾ به نه ٿو وڃي، جنهن ۾ وڃڻ هن جي اولين فرضن ۾ شامل آهي.
”رينٽ اي ڪار“ جهڙا اهي مسواڙي وائيس چانسلر وري پنهنجون بدعنوانيون ۽ بدفضيلتائيون لڪائڻ لاءِ يونيورسٽي انتظاميا جو ڍانچو اهڙو ٺاهين ٿا، جيڪو پڻ کين وانگي اهليت بجاءِ سفارشي، جڳاڙي ۽ ڪاٻاڙي هجي ٿو. نتيجي طور سنڌ جي ذري گهٽ سمورين سرڪاري يونيورسٽين ۾ انتظاميا نالي ڪا شيءِ نظر نه ٿي اچي ۽ ڪڏهن ڪڏهن يونيورسٽيون ٿاڻن يا جوا خانن جهڙا ڏيک ڏين ٿيون، جتي هر ڪو ڏاڍو پنهنجي زور تي هلي ٿو ۽ هرڪو مٿيون پنهنجي پنهنجي ڪميشن وصول ڪري ٿو.
پيپلزپارٽي جي موجودهه سرڪار جو سنڌ جي يونيورسٽين ڏانهن لاتعلقي جو اهو روئيو سنڌ جي مستقبل ۽ ايندڙ نسلن لاءِ نهايت خطرناڪ آهي. سنڌ جي يونيورسٽين جي بحران جي ٻي وڏي ذميواري شاگردن جي سياسي تنظيمن تي عائد ٿئي ٿي، ڌاڙيلن وانگي عجيب غريب پوشاڪون پهري، شڪليون ٺاهي، هٿيار کڻي، مقدس درسگاهن ۾ شهري دادن يا ٻهراڙيءَ جي ڌاڙيلن وانگي هلندڙ ۽ پنهنجي دهشت جو ديرو ڄمائيندڙ شاگرد تنظيمن جا اڳواڻ پنهنجو اثر وڌائڻ ۽ وڌيل اثر ڏيکارڻ لاءِ ٽرڙائپ ۽ هلڪڙائپ جو مظاهرو ڪندي اهڙا ڪم ڪن ٿا جن جو آخري نتيجو جهيڙن ۽ قتلن جي صورت ۾ نڪري ٿو.
گذريل چئن ڏهاڪن کان سنڌ جي يونيورسٽين ۾ انهن شاگرد رهنما سڏجندڙ ماڻهن جو حڪم هلي ٿو، جن جي انهن يونيورسٽين ۾ داخلا ئي نه آهي. ماضيءَ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين مختلف شاگرد تنظيمون، جهيڙي ڪار ۽ بد شڪل دهشت گردن کي بهادر اڳواڻ جي نالي ۾ يونيورسٽي اندر وٺي اينديون آهن. انهن کان جهيڙي ۽ دهشت جا ڪم وٺي انهن کي اڳواڻ طور مشهور ڪنديون آهن. وقت بوقت يونيورسٽيءَ جي انتظاميا به سدائين اهڙن غير شاگردن کي اڳواڻ قبول ڪري کين رعايتون ۽ چندا ڏيندي رهي آهي. جنهن ڪري يونيورسٽي جي معصوم، سهڻن ۽ پڙهندڙ شاگردن مٿان سدائين وحشي، بدڪردار، تعليم دشمن نانءَ ڪٺين اڳواڻن جي دهشت رهي آهي. ماضيءَ ۾ اهو ڪم گهڻي ڀاڱي قوم پرست ڪندا هئا ۽ هاڻي وري اها جاءِ به سرڪاري شاگرد تنظيم سنڀالي آهي.
سنڌ يونيورسٽيءَ جي اڄ جي حالت اها آهي ته پيپلزپارٽي جي شاگرد ونگ جا ڪجهه دهشت پسند اڳواڻ کلي عام هٿيار کڻي هلن ٿا ۽ شاگردن ته ٺهيو پر استادن تي به تشدد ڪن ٿا، پر انهن دهشت گردن تي ڪوبه سرڪاري کاتو ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. غيرقانوني هٿيار کڻڻ جي ڏوهه ۾ کين ڪيترائي ڀيرا گرفتار به ڪيو ويو آهي پر حيدرآباد جو هڪ ايماندار طور مشهور ڊي آءِ جي (ثناءُالله عباسي) سدائين انهن کي آزاد ڪرائي، پنهنجي ميڊيائي ايمانداريءَ جو مظاهرو ڪندو آهي.
سنڌ جي يونيورسٽين جي بحران جا ڪجهه ذميوار اتان جا استاد به آهن. ڪنن پتن جهڙا آڱرين تي ڳڻڻ جيترا اهي گوسڙو، ڪم چور ۽ منافعي خوري توڙي مفاد پرستيءَ ۾ ريسرچ جون اعليٰ ڊگريون رکندڙ اهي استاد، استادن جي سڄي کاريءَ کي ڪنو ڪن ٿا ۽ گندو ڪوٺرائين ٿا. يقينن سمورا استاد اهڙا نه آهن پر ڪلاس وٺڻ کان ڪيٻائيندڙ ۽ بحران ۾ بلي بلي ٿيندڙ اهي استاد پاڻ ته سدائين ڪلاس کان پري يعني بائيڪاٽ تي هجن ٿا پر ڪنهن مامري کي بنياد بنائي، هو ڪڏهن ڪڏهن مهينن جا پاند پڙهائي کي پٺي ڏئي، ادارا بند رکن ٿا. استاد تنظيمن کي يونيورسٽيءَ جي ڀلائيءَ لاءِ جاکوڙ ۽ جدوجهد ضرور ڪرڻ گهرجي پر استاد کي ادارن جي تالابندي ۽ ڪتابن کي ٺپي رکڻ جي ڪڏهن به حمايت نه ڪرڻ گهرجي.
يونيورسٽيءَ جي بحران وڌڻ جو هڪڙو حصو اتان جي ملازمن جي سياست به آهي. شل نه ڪنهن ملازم کي ڪنهن جو پاسو لڳي يا ڪنهن کي اهو سمجهه ۾ اچي ته هن جي بيعزتي ٿي آهي ان کي بنياد بنائي به هيٺين ملازمن جون تنظيمون هڙتالون ڪرائين ٿيون. ڪڏهن ڪڏهن استاد ۽ ڪڏهن ملازم اهو سمجهندا آهن ته يونيورسٽيون يا اعليٰ تعليمي ادارا کوليا ئي کين روزگار ڏيڻ لاءِ ويا آهن. هو اهو وساري ٿا ويهن ته جيئن اسپتال مريضن جي علاج لاءِ ٺاهي ويندي آهي بلڪل ائين تعليمي ادارا به شاگردن کي پڙهائڻ لاءِ قائم ڪيا ويندا آهن، تنهن ڪري انهن ادارن تي سڀ کان پهريون ۽ وڏو حق شاگرد جو آهي.
انتظاميا استاد، شاگرد ۽ ملازم ته سنڌ جي يونيورسٽين جي اندرئين ڍانچي جو حصو آهن پر سنڌ جي يونيورسٽين جي بحران جي هڪڙي ذميواري ادارن کان ٻاهر ويٺل والدين، سول سوسائٽي ۽ سياسي پارٽين توڙي ميڊيا تي به عائد ٿئي ٿي. جيڪي ان بحران جي حل لاءِ گهربل ڪوشش ۽ ڪردار ادا نه ٿا ڪن. ائين ڪڏهن به نه ٿيو آهي ته سنڌ جي اعليٰ علمي درسگاهن ۾ پڙهندڙ شاگردن جي والدين، يونيورسٽيءَ جي بندش سبب، پنهنجي ٻارن جي پڙهائي جي حق متاثر ٿيڻ خلاف ڪو آواز اٿاريو هجي يا ڪو احتجاج بلند ڪيو هجي. جيڪڏهن جبري پورهئي يا گم ٿيل ماڻهن لاءِ احتجاج ڪري سگهجن ٿا ته پڙهائي جي گمشدگيءَ بابت والدين جا احتجاج به ٿي سگهن ٿا. سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندڙ شاگردن جي والدين، پنهنجي ٻارن جي پڙهائي جي حق تلفيءَ خلاف پنهنجي زبان بند رکي، ”خاموشي- نيم رضا“ واري چوڻيءَ جي تصديق ڪندي، ڄڻ علم دشمنن کي اهو موقعو ڏنو آهي ته هو جيئن وڻين تيئن ڪندا رهن.
سنڌ جي يونيورسٽين ۽ اعليٰ تعليمي ادارن جي بحران جو هڪ حصو سول سوسائٽي ۽ سياسي پارٽين جي حصي ۾ به اچي ٿو. جيڪڏهن سنڌ جي سول سوسائٽي ۽ سنڌ جون سياسي پارٽيون اعليٰ تعليمي ادارن جي بندش خلاف ائين هلچل هلائين، جيئن اهي پنهنجي ڪارڪنن جي آزادي ۽ مطالبن جي مڃتا لاءِ هلائينديون آهن ته شايد سنڌ جي يونيورسٽين جي اها ايتري خراب حالت نه هجي جيتري اڄ آهي. سنڌ جي يونيورسٽين جي خراب حالت جي ذميواري جو هڪ وڏو حصو ان ميڊيا تي به اچي ٿو، جيڪا ميڊيا خاص ڪري سنڌي سماج جي ترجماني ڪري ٿي.
جيڪڏهن اسان جون اخبارون، رسالا ۽ ريڊيو توڙي ٽي وي سنڌ جي تعليم جي مسئلن کي اوليت ڏئي ان جي نشاندهي ڪن، شاگردن جو استاد لاءِ احترام، استادن ۾ فرض جي ادائگيءَ جو جذبو، ملازمن جي اختيارن جي حدن ۽ انتظاميا جي فرضن جي سرحدن جي نشاندهي ڪندا رهن ته به شايد اسان جي تعليم جو ٻيڙو ائين نه ٻڏي ها جيئن اڄ ٻڏي رهيو آهي. اسان جي ميڊيا صحت مند، علم دوست ۽ انسان دوست موضوعن کي ڇڏي، جيڪڏهن ڌاڙيلن، خوني ماڻهن، نانءَ ڪٺين ۽ بدبودار موضوعن کي شايع ڪندي ۽ نشر ڪندي ته پوءِ تعليم جي موضوعن لاءِ يقينن وقت ۽ جاءِ نه ملندي. جيڪڏهن اسان جي ميڊيا معاشري کي فوڪس ڪرڻ بجاءِ رڳو مالڪن جي پاڻ پڏائي ۽ خوشامد ۾ مصروف رهندي ته به ميرٽ تي آيل مسئلن جي نشاندهي نه ٿيندي ۽ ميڊيا سماج بجاءِ سيٺين جي ترجمان ٿي ويندي.
سنڌ يونيورسٽيءَ جو بحران اڄ اسان سڀني کان پنهنجي پنهنجي فرض جي ادائگي جي طلب ڪري ٿو. انتظاميا کان، استادن کان، شاگردن کان، ملازمن کان، والدين کان، سول سوسائٽي ۽ سياسي تنظيمن کان ۽ آخر ۾ ميڊيا کان. ڇو ته جيڪڏهن اسين سڀئي هٿ هٿ ڪري وجهون ته ڪنن جي ور چڙهيل سنڌ يونيورسٽي ۽ سنڌ جي اعليٰ تعليم صحيح سلامت نڪري ۽ ٻيهر ساهه کڻي سگهي ٿي. اچو ته پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪريون.

(جنوري 2012 ۾ نشر ٿيل)