تاريخ، فلسفو ۽ سياست

سنڌ ھڪ درد ڪھاڻي آھي

ڪتاب ۾ شامل ڪيل  هي ڊاڪيومينٽريز سنڌ جي هڪ جيئري جاڳندي ۽ ڳالهائيندڙ ٻولهائيندڙ تاريخ آهن. ايندڙ دور ۾ جڏهن تاريخ ڪتابن جي قرطاس مان نڪري واريءَ جي ذرڙن واري چپس تي هميشه لاءِ منتقل ٿيندي ته ان وقت هي ڊاڪيومينٽريز سنڌ جي تاريخ جو هڪ املهه ۽ محقق ماخذ بڻبيون. منظور سولنگي پنهنجي دور جو هڪ ليجنڊ ليکڪ ۽ ڏاهو ڏات ڌڻي آهي، هُن جي کرائي ۽ بي غرضي ڪنهن کي پسند نه به هجي پر هُن جي سنڌ سان غيرمشروط محبت، فدائيت ۽ جاکوڙ تي ڪي به ٻه رايا ناهن رهيا. هن سڄي زندگي هڪ کاهوڙي Activist جي حيثيت ۾ گذاري آهي. سنڌ جي اديبن، دانشورن ۽ ليکڪن پاران سنڌ جي وحدت ۽ ان جي اشوز تي آواز ۽ جاڳرتا اٿارڻ واري ويڙهه ۾ هو سدائين پهرين جوڙ جو ملهه رهيو آهي.

Title Cover of book سنڌ ھڪ درد ڪھاڻي آھي

ڪنور ڀڳت: سنڌ جي رواداريءَ جي مالها مان ٽٽل مڻيو

ڪنور ڀڳت سنڌ جو اهو راڳي هو، جيڪو راڳ کي عبادت سمجهي ادا ڪندو هو ۽ هو جڏهن ڇيرون پائي ۽ اکيون ٻوٽي ڳائڻ شروع ڪندو هو ته نه رڳو پاڻ سرن جي ساغر ۾ ٻڏي ويندو هو پر سندس آفاقي آواز جتي جتي به پهچندو هو اتي هر شي جامد ۽ ساڪن ٿي خاموشيءَ ۾ هن جي ڪلام کي ٻڌڻ شروع ڪندي هئي. ڳائڻ جي ڳَهر جون اهي ڪهاڻيون ڀٽائي بابت به مشهور آهن ته جڏهن هو هالا کان ٻه ڪوهه پري هڪ ويران ڀٽ تي ويهي سانجهيءَ جو سرن کي سوجهيندو هو ته جهنگ جا سڀئي خوفائتا جانور اچي هن جي راڳ کي ٻڌندا هئا.
ڪنور ڀڳت هونئن ته گهوٽڪي ضلعي جي هيڊڪواٽر واري شهر ميرپورماٿيلو کان اوڀر طرف جروارن جي ڳوٺ ۾ تارا چند نالي هڪ دڪاندار جي گهر ۾ پيدا ٿيو پر جيئن ئي هو وڏو ٿيو ۽ کيس پتو پيو ته هو پنهنجي مرشد سچي سترام داس جي دعا کان پوءِ هن دنيا ۾ آيو ته هن پنهنجو ڳوٺ ڇڏي اچي ڏهرڪيءَ کان پنج ڪلوميٽر اتر طرف رهڙڪيءَ ۾ مرشد جي درٻار جي در- ٻاڻي ڪئي.
رهڙڪيءَ جي هندو درٻار جو باني سچو سترام داس پاڻ به وڏو سنت ۽ ڀڳت هو ۽ هو جڏهن ڳائيندو هو تڏهن سندس چيلو ڀڳت ڪنور رام هن جي پٺيان لاڳ ڏئي ڳائيندو هو. 1917ع ۾ جڏهن سنت سترام داس هن دنيا مان چولو مٽايو، ته ڀڳت ڪنور رام رهڙڪيءَ جي درٻار جو گاديسر ٿيو.
ڀڳت ڪنور رام ۽ سندس گرو سترام داس سنڌ ۾ انهيءَ ريت جا رهگذر هئا، جنهن ريت موجب ڳائڻ عبادت آهي. هند ۽ سنڌ ۾ هزارين سالن کان هلندڙ مختلف روين ۽ اندازن واري ڀڳتي تحريڪ به اهائي هئي، جنهن موجب خلقڻهار جي ساراهه ۾ ڪيل شاعريءَ کي ڳايو ۽ رچايو ويندو آهي. هونئن به ڀڳت جي لفظي يا لغوي معنيٰ پالڻهار جي شان ۾ ڳائيندڙ گائڪ آهي، ڀڳت ڪبير جهڙا ڪيترائي ڀڳت راڳ ذريعي عبادت ڪرڻ واري سلسلي کي اڳتي سوريندڙ سمجهيا وڃن ٿا، سنڌ جو فڪري امام شاهه عبداللطيف ڀٽائي به ان واٽ جو واٽهڙو هو ۽ هو به راڳ کي عبادت وانگي ڪندو ۽ ڳائيندو هو،
جي تو بيت ڀانئيا، سي آيتون آهين
نيو من لائين، پريان سندي پار ڏي.
يا
تان نه آهي تند جو، رُون رُون ڪري راز
هڻندڙ سندا هٿڙا، سڀڪو چئي ساز
سٽ ڏئي شهباز، ٿيءُ ته ٿوڪ پرائيين
ڀڳت ڪنور رام ويدانتي صوفي سلسلي جي مالها جو ڄڻ سنڌ ۾ پوئيل اهو مڻيو هو، جيڪو ويهين صديءَ جي سنڌ جي اوائلي سالن ۾ ظاهر ٿيو. هن پنهنجي روحاني رهبر کان اهو سکيو هو ته رکيو رک ٿي ويندو آهي، تنهن ڪري دنياوي ڌن ۽ ملڪيت ميڙي رکڻ جو ڪوبه فائدو نه ٿيندو. ڇو ته سانڍي رکيل هر شيءَ کي آخر ۾ خاڪ ٿيڻو آهي. هن کي پنهنجي مرشد اها ڳالهه به سمجهائي هئي ته ڪفن کي کيسا نه ٿيندا آهن يعني انسان جي دنيا ڇڏڻ وارو لباس ڪفن هوندو آهي ۽ ڪفن ۾ کيسو نه هئڻ ڪري، دنيا مان ڪا به شيءَ کڻي نه وڃبي آهي.
اهوئي سبب هو جو ڀڳت ڪنور رام بنا کيسن وارو ڪڙتو پائيندو ۽ مرشد جي ڳاڙهي چولي جي رنگت واري ڀڳتي پڳ پائيندو هو. هو پنهنجي هر محفل کي ڀڳت يعني ڌڻيءَ جي ساراهه واري عبادت ڪوٺيندو هو. ڀڳت ڪنور رام، ڀڳتي واري جاءِ کي عبادت گاهه سمجهندو هو تنهن ڪري پير اگهاڙا ڪري ڳائيندو هو. پيرن ۾ ڇيريون ٻڌي، هو جڏهن ”الا“ چوڻ شروع ڪندو هو، تڏهن سندس آواز اهڙو ته پڙلاءُ ڪندو هو ڄڻ اهو آسمانن سان لڳي واپس ٿيو هجي. ڪنور ڀڳت کي روبرو ٻڌڻ وارا ٻڌائين ٿا ته ڪنور ڀڳت جي ڇيرن جي ڇم ڇم ۾ ننڊ آڻيندڙ ردم هوندي هئي ۽ هن جي آلاپن مان خمار جا احساس ڦولارجي نڪرندا هئا. جيڪي ماڻهو جي ٻاهر جي چرپر کي خاموش ڪرائي، اندرين احساسن ۾ طلاتم پيدا ڪندا هئا. هو پاڻ اکيون ٻوٽي ”آ“ ڪري ڳائڻ شروع ڪندو هو ۽ جيستائين هڪ وائي يا ٻاڻي ختم نه ڪندو هو تيستائين اکيون پٽي ڪنهن ٻئي لقاءَ ڏانهن نه ڏسندو هو. ڳائڻ دوران سندس سڄو ڌيان ان ڌوڻي ۾ هوندو هو، جيڪا سندس مرشد کيس ڳارائي ۽ سيکاري هئي، ڳائڻ دوران هو هڪ پل لاءِ به ٻئي پاسي نهار نه ڪندو هو، ڇاڪاڻ ته هو حق باهو جي ان قول کي سچو سمجهندو هو ته،
”جو دم غافل، سو دم ڪافر“
ڀڳت ڪنور رام پنهنجي ئي سرن جي ساگر ۾ ايڏو ٻڏي ويندو هو، جو کيس پنهنجي هئڻ جو احساس به نه رهندو هو. هو هندستان جي سورهين صديءَ جي عظيم گائڪ سورداس وانگي اکين کان وڏو ته نه هو پر ڳائڻ مهل هن جون اکيون سدائين ٻوٽيل هونديون هيون. پنهنجي سرن ۾ سمائجي ۽ وڃائجي ويل هي ڪلاڪار، ٻيجل جو ٻيهار بنجي، پنهنجي سرن اڳيان پنهنجو سِر اچي رکندو هو ۽ سندس اها ڪيفيت ”آپ هي ناگن آپ هي جوگي“ جي محاوري وانگي لڳندي هئي. ڪنور ڀڳت لاءِ اهڙا ڪيترائي مثال موجود آهن ته سندس ڀڳت دوران، سندس محفل جي ٻاهران رات جو جهنگ جا ڪيترائي جانور به اچي ديرو ڪندا ۽ هن جون لوليون ٻڌندا هئا.
ڪنور ڀڳت لاءِ مشهور آهي ته هو امڙين جون لوليون اهڙي ته درديلي آواز ۾ ڳائيندو هو جو بيمار ٻار به سمهي پوندا هئا ۽ جيستائين سندس لوليءَ جو هندورو هلندو رهندو هو، تيستائين روڳ ۾ ورتل بيمار ٻار سک جي ننڊ سمهندا هئا. چيٽ جون چانڊوڪيون هجن يا ڪتيءَ جون اماس راتيون، ڪنور ڀڳت جيئن ئي ڳائڻ شروع ڪندو هو ته تيستائين خاموش نه ٿيندو هو، جيستائين پرڀات پنهنجا پَلوَ نه ڏيکاريندي هئي. هو گهڻي ڀاڱي رات جو يارهين وڳي کانپوءِ راڳ شروع ڪندو هو ۽ سندس آخري ڪلام پرڀاتي راڳ مان هوندو هو. تنهن ڪري هو جڏهن آخري ڪلام ۾، سڄي رات جي دردن جا ڳايل ڳوڙها نپوڙيندو هو، تڏهن هن جي ڳايل سٽ سٽ مان سوز ٽمڻ لڳندو هو ۽ پوءِ راڳ جا ماهر چوندا هئا ته ڀڳت ڪنور جهڙي پرڀاتي ٻيو ڪو به ڳائي نه ٿو سگهي.
ڀڳت دوران ڪنور تي جيڪا به گهور پوندي هئي، اها هو نه وٺندو هو ۽ نه رکندو هو. ڇو ته مرشد کيس ڪجهه به رکڻ ۽ کيسي وجهرائڻ کان منع ڪئي هئي. تنهن ڪري هو جيڪو رات جو گهور مان ڪمائيندو هو اهو صبح جو سوير اتي ئي غريبن ۾ ورهائي ڇڏيندو هو.
ڪڇي ڪاڇو ٽي، نانگن ٻڌي نينهن جي
جهڙا آيا جڳ ۾، تهڙا ويا موٽي
انهن جي چوٽي، پورب ٿيندي پڌري
ڪنور ڀڳت سنڌ ۾ مذهبي رواداريءَ جو سڀ کان وڏو ۽ زندهه مثال هو. سندس ڳاتل شاعري گهڻي ڀاڱي مسلمان صوفي شاعرن جي آهي. هن ڀٽائي کي تمام گهڻو ڳاتو آهي، سندس هڪ مشهور ڪلام ”ڪيئن ريجهايان توکي ڪيئن پرچايان؟ ڏس ڪو ڏان- ڏس ڪو ڏانءُ.“ سليمان شاهه بودلي واري جو آهي، جنهن جو تعلق پيرڳوٺ واري راشدي درگاهه سان هو. سندس هڪ ٻيو مشهور ڪلام ”آءُ ڪانگا ڪر ڳالهه- مون کي تن ماروئڙن جي“ دريا خان فقير ڪنڊڙي واري جو آهي جنهن جو تعلق جهوڪ واري صوفي سلسلي سان آهي. ان کان سواءِ سنڌ جا ٻيا صوفي شاعر به ڪنور ڀڳت جي ڀڳتي مالهائن ۾ پوئيل ۽ پروئيل آهن.
سنڌ جي صوفي مزاج جو اهو ڪيڏو نه ڪمال ۽ عجب ۾ وجهڻ جهڙو سنگم آهي ته سنڌ ۾ ڀٽائي تي سڀ کان گهڻو ڪم هندو عالمن ۽ اڪابرن ڪيو آهي جڏهن ته ڀڳت ڪنور رام جي زندگي ۽ ڪردار تي وري مسلمان عالمن، اديبن، شاعرن ۽ فنڪارن لکيو، ڳايو ۽ ڳالهايو آهي.
ڪنور ڀڳت رهڙڪي جي درٻار جو ٻيو گادي نشين هو. ڪنور ڀڳت جو روحاني رهبر سائين سترام داس هو. جيتوڻيڪ ڪنور رام، پنهنجي مرشد جو ڪو مٽ يا عزيز به نه هو ۽ ڪنور ڀڳت جي مرشد، سائين سترام داس کي پنهنجي پٽن جو اولاد به هو، پر هن پنهنجي گاديءَ جو ڌڻي پنهنجي هڪ شش، شاگرد يا چيلي کي ڪيو. رهڙڪي جي دربار جو موجودهه يعني ڇهون گادي نشين سائين ساڌرام صاحب به گاديءَ جي باني سچي سترام داس جو ڪو عزيز نه آهي. هي گادي سنڌ جي هندن جي شايد واحد گادي آهي جتي جي جانشيني لاءِ اولاد کي اوليت نه ٿي ڏني وڃي.
ان کان اڳ سنڌ جي فڪري امام شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي راڳ واري گاديءَ ۾ به ڀٽائي پنهنجي ڪلام جو ڌڻي، ڪنهن سيد کي ڪرڻ بجاءِ پنهنجي تمراڻي فقيرن کي ڪيو. اهي تمراڻي فقير اڄ به شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي عرس جي موقعي تي شاهه جي راڳ جي پاڻ ئي اڳواڻي ڪندا آهن.
ڪنور ڀڳت جيڪو سنڌ ۾ مذهبي رواداريءَ جي مالها جو مڻيو هو ان جي ڇير کي رڪ جي ريلوي اسٽيشن تي گولي لڳي ۽ ان کانپوءِ سنڌ ۾ مذهبي رواداري واري مالها اڃا تائين به ٽٽل آهي. جيڪڏهن اسين سنڌ ۾ ڪٽرپڻي جي پاڙ ڪڍي ان ۾ رواداريءَ جو رواج ٻيهر قائم ڪرڻ گهرون ٿا ته اسان کي اهو ڏيئو ٻيهر ٻارڻو پوندو، جنهن ۾ ڪنور ڀڳت رڪ جي ريلوي اسٽيشن تي پنهنجي رت جو آخري تيل به وجهي سنڌ جي صوفي مت جي لاٽ کي سدائين روشن رکڻ لاءِ جان ڏئي ويو.
جوگيئڙا جهان ۾، نوري ۽ ناري
ٻري جن ٻاري، آءُ نه جيئندي ان ري.
( شاهه )

(10 اپريل 2011ع تي نشر ٿيل)