لبيا جي آمر، باغي ۽ انقلابيءَ ڪرنل قذافيءَ جي پڄاڻي
لبيا، جنهن جي نوي سيڪڙو سرزمين وارياسن پٽن تي پکڙيل آهي ان جي هڪ وارياسي علائقي سرت ۾ پيدا ٿيل ڪرنل قذافي جو نسلي تعلق بربر قبيلي سان هو، (لفظ بربريت جنهن جي معنيٰ ظلم يا وحشت آهي، اهو به بربر قبيلي جي نالي مان نڪتل آهي) بربر قبيلو هاڻي لبيا ۾ عربن سان گڏجي، بربر ۽ عرب جو ميلاپ بنجي ويو آهي. لبيا ۽ مصر جيتوڻيڪ آفريڪا جي اتر ۾ واقع آهن پر عرب دنيا سان ڳنڍيل هئڻ ڪري، هي ٻئي ملڪ عربي ۽ آفريڪي نسلن جو ميلاپ لڳندا آهن. اهوئي سبب آهي جو هتان جي حاڪمن جي جيڪڏهن رنگت عربن جهڙي گوري ٿيندي آهي ته جسامت ۽ وارن جي بناوٽ وري آفريڪي شيدين جهڙي لڳندي آهي، ان ڪري ڪرنل قذافي به پنهنجي شڪل ۽ قدڪاٺ مان عرب ۽ آفريڪي ٻئي لڳندو هو. ڪرنل قذافي سيپٽمبر 1969ع ۾ هڪ فوجي بغاوت ذريعي اقتدار ۾ آيو ۽ 42 سال فوجي انداز ۾ حڪومت ڪرڻ کان پوءِ بغاوت ذريعي ئي ماريو ويو. سندس 42 سالا آمريت جهڙي فوجي حڪومت ڪيترن ئي لاهن چاڙهن ۽ علائقائي توڙي عالمي تبديلين جو سبب ۽ ٻارڻ فراهم ڪندي رهي، جنهن جو تفصيل ڪجهه هن ريت آهي.
ڪرنل قذافي جي حڪومت کي مهذب دنيا بهرحال هڪ آمر يا ڊڪٽيٽر طور ياد ڪري ٿي، ڇاڪاڻ ته سندس طويل ترين حڪومتي دور جمهوريت کان وانجهيل ۽ سياست توڙي صحافت تي سخت پابندين وارو دور هو. هو پنهنجي مخالفن کي نه رڳو پنهنجي وطن ۾ ڪچلڻ جي ڪوشش ڪندو هو پر دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ تي هنن کي ناس ڪرڻ ۾ به ڪا ڪسر نه ڇڏيندو هو. لبيا جي عزيزيا وارو علائقو دنيا جي گرم ترين خطن ۾ شامل آهي جتي 1922ع۾ 57 ڊگري سينٽي گريڊ گرمي رڪارڊ ٿي هئي. دنيا ۾ ايتري گرمي ڪٿي به نه ٿيندي آهي تنهن ڪري ان علائقي کي جهنم يا موت جي وادي به چيو وڃي ٿو.
شايد عزيزيا جي تتل واريءَ جو اثر قذافيءَ جي دماغ ۽ مزاج تي به هو، تنهن ڪري عمر جي آخري حصي ۾ 69 سالن جو ٿيڻ باوجود هو سدائين تتل ديڳ جيان، ٽهڪندڙ محسوس ٿيندو هو. جيتوڻيڪ هو انگلينڊ مان فوجي ٽريننگ به وٺي آيو هو ۽ ملڪ جو سربراهه ٿيڻ کان پوءِ هن کي ڪيتريون ئي آسائشون ۽ آرام جا سامان به ميسر ٿي ويا هئا پر هو مزاج، سڀاءُ، سياست توڙي حڪومت ۾ سدائين هڪ صحرائي، جنگجو، بدو ۽ باغي ٿي رهيو. هن کي خيمن ۾ رهڻ پسند ايندو هو، هن کي سدائين جنگ لاءِ ڪونه ڪو محاذ کپندو هو، هو دشمن کي عبرتناڪ انجام تائين پهچائڻ جو تمنائي هوندو هو ۽ سدائين دنيا جي ڪنهن نه ڪنهن ڪنڊ ۾ ڪي باغي ڳولڻ ۽ سندن مدد ڪرڻ ۾ مصروف هوندو هو. مزاج ۾ باغي هئڻ ڪري ڪرنل قذافي سڄي دنيا جي باغين کي ڀڙڪائيندو ۽ امداد ڏيندو هو، هو فلسطينن جي تحريڪ جو وڏو ساٿاري هو، ۽ سڄي دنيا ۾ لبيا جي سفارتخانن کي هدايت ڪئي هئائين ته جتي به ڪو ماڻهو فلسطينن جي حمايت لاءِ فوجي سکيا وٺڻ چاهي، ان کي لبيا ڏانهن موڪليو وڃي.
رڳو ايترو ئي نه پر هو فلپائين جي مسلمان باغين ۽ آئرش ريپلڪن آرمي جي ويڙهاڪن کي به امداد ۽ سکيا جون سهولتون فراهم ڪندو هو. هن تي يورپ جي ڪيترن ئي هنڌن تي بم ڌماڪا ۽ جهازن ڪيرائڻ جا الزام پڻ هئا.
1969ع ۾ لبيا جي اقتدار تي قبضي ڪرڻ وقت هو فوج ۾ ڪيپٽن هو، جنهن بعد کيس ترقي ڏئي ڪرنل بنائي لبيا جي فوج جو سربراهه بنايو ويو. ان وقت سڄي دنيا جي باغين ۽ انقلابين تي سوويت يونين جو هٿ هوندو هو، تنهن ڪري ڪرنل قذافي به روس جي ويجهو آيو ۽ ٿورڙي عرصي ۾ روس جو ايترو دوست بنجي ويو جو روس پنهنجا مگ جهاز پنهنجي ملڪ کان ٻاهر سڀ کان پهريائين لبيا کي ڏنا. پر ٿوري عرصي کان پوءِ هن جا سوويت يونين سان گرم تعلقات به سرد مهريءَ جو شڪار ٿي ويا. ان کان پوءِ هن تي وري مسلمان سياست جو اثر چڙهڻ لڳو ۽ هي اسلامي سربراهي ڪانفرنس سميت دنيا ۾ مسلمانن جي سياست ۽ اتحاد کي همٿائڻ لڳو. ڪجهه عرصي کان پوءِ وري هن تي عرب قوم پرستيءَ جو رنگ چڙهڻ لڳو ۽ هو عرب ليگ ذريعي عرب رياستن جي اتحاد لاءِ ڪوشان رهيو ۽ آخر ۾ وري هن تي آفريڪا جي جاگرافيائي اتحاد جو اثر غالب ٿيو ۽ هن يونائيٽيڊ اسٽيٽس آف آفريڪا جوڙڻ جو فارمولو پيش ڪيو. تتل اڏندڙ واريءَ جيان هن جا خواب ۽ ترجيحون به سدائين هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ ڊوڙنديون رهيون ۽ هو گهڻو ڪجهه ڪرڻ جي شوق ۾ ڪجهه به نه ڪري سگهيو.
ڪرنل قذافي پنهنجي ملڪ کي ائٽمي طاقت بنائڻ لاءِ به ڪيتريون ئي ڪوششون ڪيون پر هو ان ۾ به ڪامياب نه ٿي سگهيو. 1972ع ۾ هن چين کان نيوڪليئر بم خريد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ۽ 1978ع ۾ هن هندستان سان لاڳاپا وڌائي، هندستان کان نيوڪليئر ٽيڪنالاجي وٺڻ جي ڪوشش ڪئي. 1991ع ۾ ان وقت جي پاڪستان جي وزيراعظم ميان نواز شريف واپاري تعلقات وڌائڻ لاءِ جڏهن لبيا جو دورو ڪيو هو تڏهن ڪرنل قذافي نواز شريف تي زور ڏنو هو ته پاڪستان لبيا کي ائٽمي هٿيار وڪرو ڪري ڏئي. جڏهن نواز شريف ان سودي کان معذرت ڪئي ته ڪرنل قذافيءَ ميان نواز شريف کي گهٽ وڌ ڳالهايو. بعد ۾ ان جي ردعمل ۾ پاڪستان، لبيا جي سفير کي ملڪ بدر ڪيو هو. قذافي کي باغي يا انقلابي سمجهڻ وارن جو دليل آهي ته لبيا جي اسي سيڪڙو تعليم ۽ ٻي ترقي هن جي اعتراضن ڀرئي اقتدار جو بهرحال هڪ بهتر ورثو آهي.
لبيا جي پاڙيسري ملڪ تيونس ۽ مصر کان شروع ٿيل هاڻوڪين تحريڪن پٺيان جيتوڻيڪ آمريڪا ۽ اولهه جو هٿ ۽ حمايت پڻ آهي پر عرب ملڪن جو عوام بادشاهتن جي ڊهندڙ آمريتي نظام جون دل ۽ اکيون کولي استقبال ڪري رهيو آهي، هڪ دانشور طرفان حڪومت تي تنقيد ڪرڻ کان پوءِ کيس گرفتار ڪرڻ بعد عوامي باهه ڀڙڪي اٿي، جيڪا بعد ۾ سڄي ملڪ ۾ پکڙجي وئي ۽ نون مهينن جي لڳاتار بغاوت ۽ نيٽوجي سهڪار سان هن کي ماري لبيا جو سياسي مهانڊو تبديل ڪيو ويو.
لبيا جيتوڻيڪ هڪ وارياسن پٽن وارو ملڪ آهي ۽ تيل نڪرڻ کان اڳ هو هڪ غريب ملڪ هو، جتي اڄ تائين 75 سيڪڙو کاڌي جون شيون ٻاهران اچن ٿيون، پر هاڻي تيل جي ملڪيت سبب اهو هڪ خوشحال ملڪ آهن ۽ ان جي تيل جا ذخيرا دنيا ۾ ڏهين نمبر تي آهن، جنهن ڪري مٿس سدائين پابنديون به لڳيون. 2003ع ۾ صدام جي تختي اونڌي ٿيڻ کانپوءِ هن کي به خطرو محسوس ٿيو ۽ هن پويان پير ڪيا. لاڪربي جهاز واري حادثي بابت ٽربيونل جو فيصلو قبول ڪندي هن متاثرن جي پونئيرن لاءِ اربين ڊالرن جو معاوضو به ڀريو. آمريڪا ۽ اولهه سان تعلقات بهتر بنائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر اولهه هن کي چاليهه سالن جون دشمنيون معاف ڪرڻ لاءِ تيار نه هو. هڪ طرف اولهه جا ملڪ هن سان هٿ ملائيندا رهيا ته ٻئي طرف باغين کي اڳتي اچڻ جا گس ڏيندا رهيا، آخرڪار هن سال جي فيبروري مهيني ۾ قذافيءَ خلاف هڪ تحريڪ جنم ورتو جنهن جي نتيجي ۾ هن جي حڪومت ڪمزور ٿيڻ لڳي. قذافيءَ خلاف سندس ملڪ جا ماڻهو ته اڳ ۾ ئي ٻريل هئا پر هن ڀيري عالمي سياست جي صوبيدارن هن خلاف هلندڙ بغاوت جي مدد ۽ رهنمائي ڪئي. 21 مارچ 2011ع تي نيٽو ميدان تي آيو. 27 جون 2011 ع تي انٽرنيشنل ڪرمنل ڪورٽ هن خلاف وارنٽ جاري ڪيا ۽ 20 آگسٽ تي ٽريپولي ۾ عالمي قُوَتن جي فتح کان پوءِ ڪرنل قذافيءَ جي اقتدار جو خاتمو آيو.
ڪرنل قذافيءَ جو موت بهرحال هڪ دور، هڪ سوچ ۽ هڪ روئيي جو موت آهي ۽ ايندڙ وقت ۾ هن کي دنيا جا مختلف ماڻهو مختلف لقبن سان ياد ڪندا رهندا جن ۾ آمر، باغي توڙي انقلابي جا لقب شامل هوندا.
(22 آگسٽ 2011 ع تي نشر ٿيل )