مهراڻ جي واديءَ جي شهيد راڻي
راجا راءِ سهيرس کان پوءِ ذوالفقار علي ڀٽو، واديءَ مهراڻ جو اهو اڳواڻ هو، جيڪو سنڌ جي سامونڊي ڪنارن کان وٺي ڪمشير جي ڪوهسارن تائين، سنڌو ماٿر جي سمورن ماڻهن جو ساهه ۾ سانڍڻ جهڙو سورمو هو. راجا راءِ سهيريس کان ڏيڍ هزار سال پوءِ، لاڙڪاڻي جي مٽيءَ اهڙو ماڻهو پيدا ڪيو، جيڪو سنڌين، بلوچن، سرائڪين، پنجابين، پٺاڻن توڙي ڪشميرين ۾ هڪ جهڙو مقبول هو ۽ ڀٽو جڏهن پاڻ شهيد ٿي ويو، ته سندس نياڻي محترما بينظير ڀٽو شيخ اياز جي هن بيت،
”جي راهه اجل ڪنهن ورتي آ
هن ڀونءِ ڪئي ٻي ڀرتي آ“
جي مصداق، پنهنجي پيءَ جو ورثو سنڀاليو.شهيد راڻي بينظير ڀٽو ۾ پنهنجي شهيد پيءَ وانگي، ڪرشماتي شخصيت جون اهي سموريون وصفون موجود هيون، جيڪي ماڻهن کي پتنگن وانگي پاڻ مان ڪڍي نچڻ ۽ پچڻ تي مجبور ڪنديون هيون. سندس قداور شخصيت، غيرمعمولي ذهانت ۽ جذبي سان ٽمٽار عوامي محبت جڏهن ڪنهن تقرير ۾ ظاهر ٿيندي هئي ته اها تقرير ڪنهن وڄ جو وراڪو لڳندي هئي. لطيف ڄڻ ان لاءِ چيو هجي ته:
”پکي ۾ ائين پد مڻي، جيئن ڏئي وراڪا وڄ
جيڪا صورت سج، سائي مورت مارئي“
محترما بينظير ڀٽو رڳو هن ديس جي ڄائي ۽ هتان جي راڄن جي راڻي نه هئي ۽ نه ئي هوءَ رڳو موجودهه دور جي اڳواڻ هئي پر هو موهن جي دڙي جي مادرانا نظام جي علامت ۽ ايشيا جي ان ماياڻي تهذيب جو تسلسل پڻ هئي، جنهن تهذيب جون حدون ماٺاري پيسفڪ سمنڊ جي ڪنارن وارن ملڪن تي سنڌ کان سوماترا جي ٻيٽن تائين پکڙيل آهن، هوءَ سنڌ جي سسئي، سهڻي، مومل، مارئي لاڏي، ٻاگهي سڀ هئي.
محترما بينظير ڀٽو 21 جون 1953ع تي جنم ورتو. سندس ماءُ بيگم نصرت ڀٽو جو تعلق ايران جي اصفهان واري علائقي سان هو ۽ سندس پيءَ ذوالفقار علي جو ناتو لاڙڪاڻي سان هو. اصفهان برفن ۽ سردين جو علائقو آهي ۽ لاڙڪاڻو هاڙهن ۽ ڪاڙهن جو ملڪ آهي. تنهن ڪري بينظير ڀٽو جي شخصيت ۾ ابي ۽ امڙ واريون ٻئي خوبيون اوتجي آيون هيون. هو ڪڏهن ڪڏهن ٿڌي طبيعت واري معتدل مزاج سياستدان به لڳندي هئي ته ڪڏهن وري ٽهڪندڙ طبيعت جي مالڪ به محسوس ٿيندي هئي. پر ڇاڪاڻ ته هن جو جنم 21 جون جي گرم موسم ۾ ٿيو هو، تنهن ڪري سندس مهتابي چهري مان سدائين سورج واري تپش ٻهڪندي هئي.
شهيد راڻي بينظير ڀٽو پنهنجي شروعاتي تعليم ڪراچي ۾ ورتي. جنهن کان پوءِ هو آمريڪا جي ريڊ ڪلف ڪاليج ۽ هار ورڊ يونيورسٽي ۾ پڙهي. آمريڪا کان پوءِ هن لنڊن جي جڳ مشهور آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ ۾ تعليم حاصل ڪئي، جتي کيس آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ جي شاگرد سنگت (يونين) جو صدر چونڊيو ويو. محترما بينظير ڀٽو پهرئين ايشيائي ڇوڪري هئي جنهن کي آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ جو اهو اعزاز مليو هو. اپريل 1979ع ۾ پنهنجي والد ذوالفقار علي ڀٽي جي شهادت کان پوءِ، محترما بينظير ڀٽو پنهنجي والدهه سان گڏ سياست ۾ آئي. جنرل ضياءَ جي مارشل لا جي شروعاتي سالن ۾ هوءَ جيل ۾ ۽ پوءِ جلاوطن رهي. پر 10 اپريل 1986ع تي جڏهن لاهور جي هوائي اڏي تي لٿي ته ملڪ جي لکين ماڻهن سندس استقبال ڪيو. ان کان اڳ لاهور جي شهر جي تاريخ ۾ ايترا ماڻهو ڪڏهن به گڏ نه ٿيا هئا، جيترا ماڻهو بينظير ڀٽو کي ڀليڪار چوڻ لاءِ آيا هئا. 10 اپريل 1986ع تي لاهور جي موچي گيٽ تي جلسي کان پوءِ شهيد راڻي بينظير ڀٽو، ملڪ جي جن جن شهرن ۾ به جلسا ڪيا، اهي ان شهر جي تاريخ جا سڀ کان وڏا عوامي ميڙ هئا. محترما بينظير ڀٽو جا اهي جلسا ان ڪري به تاريخ جا وڏي ۾ وڏي جلسا هئا جو پاڪستان جو عوام بينظير ڀٽو کي بخت جي اها ديوي سمجهڻ لڳو هو جنهن جي اچڻ سان سندن ڀاڳ ڀڙڪو کائي اٿيو هو. ان وچ ۾ شهيد ڀٽي جي نياڻي جڳ جهڙي به ٿي ۽ 18 ڊسمبر 1987ع تي هن آصف زرداريءَ نالي شخص سان شادي به ڪئي، جنهن مان کيس ٻن ڌيئرن ۽ هڪ پٽ جو اولاد ٿيو.
شهيد راڻي بينظير ڀٽو جي زندگيءَ ۾ ڊسمبر مهيني کي اهم حيثيت رهي. ڊسمبر 1976ع ۾ هوءَ آڪسفورڊ يونيورسٽي جي شاگرد يونين جي صدر ٿي. 18 ڊسمبر 87ع تي هن جي شادي ٿي، 2 ڊسمبر 88ع تي هو پهريون ڀيرو وزيراعظم ٿي ۽ 27 ڊسمبر 2007 تي هن پنهنجي حياتي جو آخري ڏينهن گذاريو.
هن ملڪ جي بي رحم سياست، راڻن جي ملڪ لاڙڪاڻي جي هن خاندان کان جيڪي قربانيون ورتيون آهن، ايتريون قربانيون ملڪ جي ٻئي ڪنهن به خاندان نه ڏنيون آهن. اوڻٽيهه سالن جي مختصر عرصي ۾ ڀٽي خاندان جي ٽن راجائن ۽ هڪ راڻيءَ کي شهيد ڪيو ويو. 79 ۾ ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاسي ڏني وئي، ڇهن سالن کان پوءِ سندس فرزند شاهنواز ڀٽو کي زهر ڏئي مارايو ويو، 11 سالن کانپوءِ مير مرتضيٰ کي قتل ڪيو ويو ۽ ٻين 11 سالن کان پوءِ بينظير ڀٽو کي به ساڳئي رستي جو راهي بنايو ويو. پاڪستان جي تاريخ جي هنن پراسرار قتلن مان سواءِ ذوالفقار علي ڀٽي جي ڦاسيءَ جي، ٻئي ڪنهن به قتل جو اسرار معلوم نه ٿي سگهيو آهي.
قائداعظم کان پوءِ قائدعوام ذوالفقار علي ڀٽو اهو پهريون ليڊر هو، جنهن هن ملڪ کي پنهنجي پيرن تي بيهڻ جا بنياد فراهم ڪيا. اسٽيل ملز کان وٺي ائٽمي طاقت تائين، ذوالفقار علي ڀٽي هن ملڪ کي انمول تحفا ڏنا، پر هن ملڪ جي بي رحم سياستڪارن ذوالفقار علي ڀٽي جي گهرن ڏانهن سندن لالن جا لاش موڪليا. اصفهان، جنهن لاءِ اتان جا شاعر ”اصفهان- نصف جهان“ جو محاورو استعمال ڪندا آهن، ان اصفهاني پسمنظر رکندڙ بيگم نصرت ڀٽو جو ته سڄو جهان ئي اجڙي ويو.
محترما بينظير ڀٽو ٻه ڀيرا اقتدار ۾ آئي ۽ ٻئي ڀيرا کيس صدارتي آمريت جو ڌڪ سهڻو پيو. اسٽبلشمينٽ هن کي ڪڏهن به مڪمل طرح حڪومت ڪرڻ نه ڏني. لڪل هٿ سدائين هن جي شخصيت توڙي سياست تي ڪارا ڇنڊا هڻڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا پر پوءِ به هو عوام جي سدابهار سورميءَ طور مقبول رهي. بينظير ڀٽو کي هر جلسي ۽ جلوس ۾ سندس پرستار ڪجهه اهڙن لفظن سان پڪاريندا هئا جنهن جومطلب اهو هوندو هو ته هوءَ هتان جي عوام جي هزارها سالن جي سڪايل خوابن جي تعبير آهي.
سنڌو درياهه وانگي شهيد راڻي بينظير ڀٽو، پاڪستان جي قومن کي ڳنڍيندڙ اهو واحد سڳو هو، جيڪو هن ملڪ جي سالميت جي اڪيلي علامت هو. سندس دردناڪ قتل هن ملڪ جي سياست ۽ وحدت ۾ اهي خال پيدا ڪيا آهن، جيڪي شايد ئي ڪڏهن ڀرجي سگهن.محترما بينظير ڀٽو جي المناڪ قتل تي نه ڄاڻ ڪيترين صدين تائين سومرن جي سوءَ وانگي سنڌوماٿريءَ جا لوڪ ماتم جا ڪارا ڪپڙا پهري سوڳ ڪندا رهندا.
ہزاروں سال نرگس اپنی بے نوری پہ روتی ہے
بڑی مشکل سے ہوتا ہے، چمن میں دیدور پیدا
(هي رپورٽ 27 ڊسمبر 2007 تي بينظير ڀٽو جي شهادت تي لکي وئي ۽ هن ئي رپورٽ ۾ کيس شهيد راڻي جو خطاب ڏنو ويو. ليکڪ)