سنڌ ۾ ٻوڏ جي سببن جي گهڻ طرفي تحقيقات ٿيڻ گهرجي
ٽوڙي وارو اهو بند، جيڪو پنهنجي ذري گهٽ سؤ سالن جي تاريخ ۾ ويهن کان وڌيڪ ڀيرا ٽٽي چڪو آهي. اهو هن ڀيري ڪيئن ٽٽو؟ ان جي تازي تحقيقات لاءِ ڪميشن ويهارڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي ۽ ساڳيءَ ريت سجاول ۽ سورجاڻي جي پاسي وارو بند به ان کان اڳ 1988ع ۾ ٽٽو هو، ان جي به تازي تحقيق ٿيندي ته اهو بند هن ڀيري ڪيئن ٽٽو؟
ٽوڙي واري ٽٽل بند، سنڌ جا ست ضلعا ۽ بلوچستان جا ڪجهه علائقا تباهه ڪري، جيڪو کربين رپين جو نقصان ڪيو آهي، ان جو اندازو لڳائڻ ان ڪري ممڪن نه آهي جو هن ٻوڏ ۾ ٿيل ڪجهه نقصان ته هاڻي ظاهر ٿيا آهن، جيڪي فصلن ٻڏڻ، گهرن، بازارن، ڪاروبارن ۽ رستن جي تباهه ٿيڻ جي صورت ۾ نظر اچن ٿا پر ان ٻوڏ جا ڪيترائي نقصان ۽ هاڃا ايندڙ وقت ۾، سالن ۽ ڏهاڪن کان پوءِ نظر ايندا. مثال طور ڪيتريون زمينون کاريون ٿي وينديون يا کري وينديون. ڪيترا ڳوٺ ۽ شهر وري آباد نه ٿي سگهندا. ڪيترن شهرن جي ترقي ۽ خوشحالي رڪجي ويندي يا پوئتي ٿي ويندي. ڪيترن خاندانن جي ترقيءَ ۽ خوشحاليءَ جا امڪان غربت ۽ بدحاليءَ ۾ بدلجي ويندا. ڪيترا ماڻهو ٿيل نقصان سبب ذهني ۽ نفسياتي مرضن ۽ مونجهارن ۾ وٺجي ويندا ۽ ذهني طرح معذور ٿيل ماڻهن جي نقصان جي ڪٿ ڪيتري آهي اهو حساب ڪرڻ ممڪن نه آهي.
ٽوڙي وارو بند ڪيئن ٽٽو؟ ٺٽي ۾ ڪوٽ عالم وٽ گهارو ڪيئن لڳو؟ ان جي سببن جي تحقيقات ته ضرور ٿيڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته اتر سنڌ ۽ ڏکڻ بلوچستان جي ماڻهن ۽ سياسي اڳواڻن جو اهو مطالبو آهي پر ان سوال تي وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي ته اهو ٽوڙي جو بند جيڪو ويهه ڀيرا اڳ ۾ به ٽٽي چڪو آهي. اهو هن ڀيري به ڇو ٽٽو؟ ڇا سنڌ جي آبپاشي کاتي وارن لاءِ ٽوڙي جي ٽٽل بند جي ويهه ڀيرا اڳ ۾ ڏنل وارننگ ڪافي نه هئي جو آبپاشي کاتي وارا ان بند کي اڳواٽ مضبوط ڪن ها؟ آبپاشي کاتي سان گڏوگڏ هاڻي ته ميڊيا به ان راڳ جي هم نوا بنجي وئي آهي جو جڏهن به پاڻي چڙهندو آهي ته صحافي پاڻي ڏسڻ کان سواءِ ئي اها ڳالهه ڪرڻ شروع ڪندا آهن ته ٽوڙيءَ وٽان بند کي خطرو آهي؟
ماضيءَ جي ايتري گهڻن تجربن کان پوءِ به ۽ ميڊيا جي ايڏي وڏي واويلا بعد به جيڪڏهن ٽوڙي وٽان بند کي مضبوط نه ڪيو ويو ته آخرڪار ان جو ذميوار ڪير آهي؟ تجويز ڪيل ڪميشن کي ان جي تحقيقات ضرور ڪرڻ گهرجي. جيڪا ڪميشن ٽوڙيءَ ۽ ڪوٽ عالم واري گهاري جي جانچ ڪندي، ان کي اها جاچ به ضرورڪرڻ گهرجي ته سنڌ جي بندن جي اڄ جيڪا بري ۽ ڪمزور حالت آهي ان جا سبب ڪهڙا آهن ۽ ان جو ذميوار ڪير آهي؟ آخر ڪيترن سالن کان سنڌ جي بندن جي مرمت نه ٿي آهي ۽ ان جا ڪهڙا سبب آهن؟ ان ڪميشن کي اها جاچ به ڪرڻ گهرجي ته سنڌ ۾ گذريل سالن کان بندن جي مرمت جي نالي ۾ جيڪي اربين رپيا کاڌا ۽ سرڪاري رڪارڊ موجب خرچ ڪيا ويا، اهي ڪنهن کاڌا ۽ ڪيئن خرچ ٿيا؟ اهي ٺيڪا ڪهڙين ڪمپنين کي مليا؟ ڪهڙن انجنيئرن يا اختيارين ان جا ٽينڊر جاري ڪيا ۽ انهن ڪمن لاءِ جاري ٿيل رقمون ڪنهن جي صحيحن سان ڪڍيون ويون؟
سنڌ حڪومت طرفان جوڙيل ان ڪميشن کي اها جاچ به ڪرڻ گهرجي ته ٻوڏ جي رستي ۾ يعني ڪچي واري علائقي ۾ جتان ٻوڏ جو پاڻي گذرندو آهي، ان ڪچي ۾ جيڪي زمينداري يا خانگي بند ٺاهيا ويا آهن، انهن هن ٻوڏ جي پاڻيءَ جي وهڪري کي روڪي، ٻوڏ جي نقصان کي ڪيترو وڌايو؟ ڇاڪاڻ ته اها ڳالهه به هاڻي پڌري ٿي چڪي آهي ته سکر ۽ ڪوٽري بئراج جي وچ ۾ ٺهيل ٻن پلين ۽ ڪيترن بندن سبب ٻوڏ جو پاڻي سکر ۽ ڪوٽڙي وچ ۾ ڪيترن ڏينهن تائين رڪيل رهيو. نتيجي طور گڊو کان ايندڙ پاڻي وڌندو رهيو ۽ جڏهن پاڻيءَ کي درياهي پيٽ مان رستو نه مليو ته ان جي ڪاهه ٽوڙيءَ جي ڪمزور بند ڏانهن ٿي. ماهر توڙي عام ماڻهو هاڻي ائين به چون ٿا ته جيڪڏهن ڪچي جا زمينداري بند نه هجن ها ته ٻوڏ جو پاڻي تيزيءَ سان وهندو رهي ها ۽ پوءِ ٽوڙيءَ جي گهاري مان گهڻو پاڻي خارج نه ٿئي ها ۽ ڪشمور جيڪب آباد، شڪارپور، شهدادڪوٽ، دادو ۽ سيوهڻ ۾ ايترو نقصان نه ٿئي ها.
سنڌ حڪومت جي جوڙيل ان ڪميشن کي اها جاچ به ڪرڻ گهرجي ته ڪچي ۾ ٺاهيل ۽ ٺهرايل اهي خانگي بند ڪيئن ۽ ڪڏهن ٺهيا ۽ انهن خانگي بندن جي تعمير جي اجازت ڪنهن ڏني؟ ڪچي ۾ بند تعمير ڪرڻ جي اجازت ڪڏهن ورتي وئي هئي يا ڪچي جي قبضي خورن اها ڏاڍ مڙسي ۽ ارهه زورائي پنهنجي پاڻ ڪئي؟ سنڌ حڪومت جي جوڙيل ان ڪميشن کي ان ڳالهه جي به جاچ ڪرڻ گهرجي ته سنڌ ۾ آيل ان مهاٻوڏ جي وڏن نقصانن جو سنڌ آبپاشي کاتو ڪيترو ذميوار آهي ؟ واپڊا، فيڊرل فلڊ ڪميشن يا ٻيا کاتا ان نقصان ۾ حصي دار طور ڪيترا ذميوار آهن ؟
سنڌ حڪومت جي جوڙيل ان ڪميشن کي جيڪا جاچ ڪرڻ گهرجي اها نهايت تفصيلي ۽ فني حقيقتن تي ٻڌل هئڻ گهرجي ۽ ان ۾ جيڪو به فرد، کاتو يا ادارو جيترو به ذميوار آهي، ان لاءِ گناهه ۽ غفلتي گناهه جي حصي جو تعين ٿيڻ گهرجي.
ڇا هن مهاٻوڏ جي ايڏن وڏن نقصانن ۾ انهن ناتجربيڪار ۽ نقل ڪري پاس ٿيندڙ ۽ سفارشن تي مٿئين گريڊ ۾ مقرريون ڪرائڻ وارن انجنيئرن جو به هٿ آهي، جيڪي ٻوڏ دوران مختلف هنڌن ۽ بندن تي مقرر هئا ۽ هنن ڪو به ڪم يا اهليت نه ڏيکاري ؟
مهاٻوڏ جي هنن نقصانن کي ڏسي لڳي ٿو ته سنڌ صديون پوئتي هلي وئي آهي، هن ڀيري ٻوڏ دوران سرڪاري کاتن کان وڌيڪ، خانگي ماڻهو سرگرم نظر آيا. جتان جتان ٻوڏ جو پاڻي گذريو پئي، اتان جا وڏيرا ۽ چڱا مڙس ٻوڏ کان بچاءَ جا انتظام سنڀاليندا رهيا، ٻوڏ اڪارڻ جو اهو انتظام به صديون ۽ تڏهوڪو پراڻو آهي، جڏهن سنڌ ۾ ميرن ۽ ڪلهوڙن جون راڄوڻي انداز واريون حڪومتون هونديون هيون. تازي ٻوڏ ۾ آبپاشي کاتي جي گمشدگي ۽ ناقص ڪارڪردگي ۽ وڏيرن ۽ زميندارن جي سرگرمين مان به ائين محسوس ٿيو ته ڄڻ اسين ٽي سؤ سال پوئتي هليا ويا هجون.
سنڌ حڪومت طرفان تجويز ڪيل ان ڪميشن کي گهڻ طرفي جاچ ڪري تازي ٻوڏ ۽ ان جي نقصانن جا سبب پڌرا ڪرڻ گهرجن ۽ ٻوڏ جي ذميوارن جو تفصيلي پڌرنامو جاري ٿيڻ گهرجي ته جيئن ايندڙ وقت ۾ تاريخ جي ههڙي وڏي سانحي کان بچي سگهي.
( آڪٽوبر 2010ع ۾ نشر ٿيل )