تاريخ، فلسفو ۽ سياست

سنڌ ھڪ درد ڪھاڻي آھي

ڪتاب ۾ شامل ڪيل  هي ڊاڪيومينٽريز سنڌ جي هڪ جيئري جاڳندي ۽ ڳالهائيندڙ ٻولهائيندڙ تاريخ آهن. ايندڙ دور ۾ جڏهن تاريخ ڪتابن جي قرطاس مان نڪري واريءَ جي ذرڙن واري چپس تي هميشه لاءِ منتقل ٿيندي ته ان وقت هي ڊاڪيومينٽريز سنڌ جي تاريخ جو هڪ املهه ۽ محقق ماخذ بڻبيون. منظور سولنگي پنهنجي دور جو هڪ ليجنڊ ليکڪ ۽ ڏاهو ڏات ڌڻي آهي، هُن جي کرائي ۽ بي غرضي ڪنهن کي پسند نه به هجي پر هُن جي سنڌ سان غيرمشروط محبت، فدائيت ۽ جاکوڙ تي ڪي به ٻه رايا ناهن رهيا. هن سڄي زندگي هڪ کاهوڙي Activist جي حيثيت ۾ گذاري آهي. سنڌ جي اديبن، دانشورن ۽ ليکڪن پاران سنڌ جي وحدت ۽ ان جي اشوز تي آواز ۽ جاڳرتا اٿارڻ واري ويڙهه ۾ هو سدائين پهرين جوڙ جو ملهه رهيو آهي.

Title Cover of book سنڌ ھڪ درد ڪھاڻي آھي

وزيرستان آپريشن ۾ سنڌ جو حصو

ڏکڻ وزيرستان ۽ اتر وزيرستان، وفاق جي انتظام هيٺ هلندڙ اهي قبائلي علائقا آهن جن کي عام ٻوليءَ ۾ قبائلي ايجنسي چيو وڃي ٿو. فاٽا جي انتظام هيٺ هلندڙ هي ايجنسيون افغانستان جي سرحد سان لڳندڙ آهن ۽ هنن ايجنسين ۾ گهڻو ڪري پشتون قبيلا آباد آهن. ستن ايجنسين ۾ باجوڙ ايجنسي، مهمند ايجنسي، خيبر ايجنسي، اورڪزئي ايجنسي، ڪرم ايجنسي، اتر وزيرستان ايجنسي ۽ ڏکڻ وزيرستان ايجنسي شامل آهن.
قبائلي ايجنسيون جاگرافيائي طرح به ملڪ جي ٻين حصن کان ٻاهر آهن تنهن ڪري انهن تي جيئن جو تيئن ملڪي قانون لاڳو نه ٿو ٿئي ۽ انهن علائقن ۾ قانون توڙي انتظاميا مختلف قسم جي هوندي آهي. وزيرستان جو علائقو، وزير قبيلي ۽ ان مان نڪرندڙ مختلف نکن جي قبيلن جو علائقو آهي، وزيرستان جي ٻنهي ايجنسين جي آبادي اٽڪل اٺن لکن جي قريب آهي. اتروزيرستان جو ضلعي هيڊڪوارٽر ميران شاهه ۾ آهي جڏهن ته ڏکڻ وزيرستان جو ضلعي هيڊڪوارٽر وانا ۾ آهي.
وزيرستان جو علائقو، خشڪ پهاڙن، بنجر زمينن ۽ ويران وادين تي ٻڌل آهي، تنهن ڪري هتان جا ماڻهو به هتان جي پهاڙين وانگي مضبوط ته ضرور آهن پر سندن دلين ۽ دماغ ۾ ويراني واڪا ڪندي نظر ايندي آهي. وزيرستان سان افغانستان جون سرحدون لڳن ٿيون ۽ افغانستان جو خوست صوبو، اتر وزيرستان سان پنهنجي سرحد ڳنڍي ٿو. 1893ع تائين وزيرستان به هڪ آزاد علائقو هو، جنهن کان پوءِ انگريزن وزيرستان کي پنهنجي قبضي ۾ آندو. اهڙي طرح هي علائقو اڳتي هلي پاڪستان ۾ شامل ٿي ويو. وزيرستان ۾ وزير، داوڙ ۽ محسود قبيلا گهڻي تعداد ۾ رهن ٿا، هي قبيلا وزيرستان کان سواءِ ڀروارن افغان صوبن خوست، پڪتيا، وردڪ، غزني، قندوز ۽ ٻين صوبن ۾ پڻ رهن ٿا، صدين کان افغانستان جو پاڙيسري هئڻ ڪري ۽ هتان جي قبيلن جو سرحد جي ٻنهي پار وسڻ ڪري وزيرستان جي ماڻهن ۾ افغان معاشري جا اثر نمايان آهن، جن ۾ عورتن لاءِ برقعو پائڻ ۽ مرد لاءِ ڏاڙهيءَ جو رکرائڻ ضروري سمجهيو وڃي ٿو. ڏکين ڏنگين پهاڙين ۽ ويران وادين سبب هتي پاڻي، زراعت ۽ ساوڪ ڪا گهڻي نه آهي، تنهن ڪري جن علائقن ۾ کيت نه کڙندا هجن، گل نه ٽڙندا هجن ۽ سنگ نه سٽبا هجن، انهن علائقن ۾ عاشقي، شاعري، موسيقي ۽ مصوري به پيدا نه ٿيندي آهي.
وزيرستان جي ڪجهه پهاڙين مان ڪجهه ڌاتو ملن ٿا، جنهن مان هٿيار ۽ اوزار ٺهي سگهن ٿا شايد اهوئي سبب آهي جو وزيرستان جو نالو ٻڌندي ئي ذهن ۾ لڙائي ۽ خونخواريءَ جا تصور اڀرن ٿا.
اڄڪلهه ڏکڻ وزيرستان ۾ فوجي آپريشن هلندڙ آهي، هي آپريشن پاڪستان جي تاريخ جو سڀ کان وڏو آپريشن آهي، پر ڏکڻ وزيرستان جي آپريشن جو جائزو وٺڻ کان اڳ ڏکڻ وزيرستان جي تاريخ، جنگين، قبيلن ۽ ويڙهاڪن جي اصليت جو جائزو وٺڻ ضروري آهي. ڏکڻ وزيرستان ۾ وزير قبيلي جي احمدزئي شاخ ۽ محسود وڏي تعداد ۾ رهن ٿا، محسود قبيلو افغانستان جي ڪجهه صوبن ۾ پڻ ججهي تعداد ۾ آباد آهي جنهن ۾ لوگر، وردڪ، غزني، ۽ قندوز صوبا شامل آهن، پر لوگر صوبي ۾ محسود وڏي تعداد ۾ رهن ٿا، محسود قبيلو وري ٽن شاخن مان زئي، بهلول زئي ۽ شمان خيل ۾ ورهايل آهي.
اڻويهين ۽ ويهين صدي عيسويءَ ۾ جڏهن انگريز جو هندستان تي قبضو هو، تڏهن برطانيا ۽ روس جي وڌندڙ طاقتن افغانستان کي فرنٽ لائين طور استعمال ڪرڻ پئي چاهيو. 1838ع واري پهرين انگريز- افغان جنگ به انگريزن ان ڪري شروع ڪئي هئي ته جيئن انگريزن جي آنڪي ڀريندڙ شاهه شجاع کي افغانستان جو ٻيهر حاڪم مقرر ڪيو وڃي. 1878ع واري ٻي انگريز- افغان جنگ جو به اهوئي مقصد هو ته ڪابل ۾ روس کي اهميت نه ڏني وڃي. پهرين جنگ عظيم ۾ انگريز سرڪار جيئن ئي عالمگير جنگ وڙهي ٿڪجي پئي ته 1919ع ۾ افغانستان جي بادشاهه، انگريز کي ٿڪل ۽ کيرو سمجهي ڊيورنڊ لائين پار ڪري پنهنجون فوجون خيبرلڪ تائين پهچايون جنهن کان پوءِ انگريزن ٽين افغان جنگ جو اعلان ڪيو. افغانستان سان انگريزن جيڪي به جنگيون وڙهيون ان ۾ پشتون قبيلا سدائين افغان حڪومت سان گڏجي، انگريزن سان وڙهندا هئا. انهن قبيلن ۾ محسود قبيلو سدائين اڳرو هوندو هو. محسود ويڙهاڪن 1850، 1860ع ۽ 1897ع ۾ برطانوي فوجن تي وڏا حملا ڪري کين زبردست نقصان پهچايو هو. جيستائين انگريزن جي فوج ۾ هوائي جهاز شامل نه ٿيو هو تيستائين انگريز فوج وزيرستان کي فتح نه ڪري سگهي هئي. پر 1922ع ۾ انگريز سرڪار رزمڪ ۾ هوائي اڏو ٺاهي، رائل ايئرفورس جي جهازن ذريعي محسودن جي علائقن کي بمباري ذريعي ختم ڪري محسودن جي شورش کي ڪافور ڪيو هو.
وزيرستان گذريل ٻن سؤ سالن کان شورش جو مرڪز رهيو آهي، پاڪستان کان اڳ انگريزن، افغانستان تي قبضي کان پوءِ سوويت روسين ۽ هاڻي آمريڪين سان جنگ جي نالي ۾ وزيرستان جي انتها پسند ترارن کي سدائين تِک نصيب ٿيندي رهي آهي ۽ هاڻي اها حالت اچي پهتي آهي ته هو پنهنجي ئي ملڪ جي فوج خلاف هٿيار تاڻي بيهي رهيا آهن. 1897ع ۾ وزيرستان ۾ مُلا پووندا محسود چترال کان ڪوئيٽا تائين انگريزن خلاف هٿياربند جدوجهد ڪئي ۽ هڪ سؤ سالن کان پوءِ ان ئي علائقي مان بيت الله محسود تحريڪ طالبان ٺاهي جيڪا اڄ ڪلهه پنهنجي ملڪ ۽ ان جي فوجن ۽ شهرين کي نشانو بنائي رهي آهي.
شهيد ذوالفقار علي ڀٽي، پنهنجي ڪال ڪوٺڙيءَ ۾ لکيل تحرير، ”جيڪڏهن مون کي قتل ڪيو ويو“ ۾ خبردار ڪيو هو ته جيڪڏهن ضياءَ جي مارشل لا کان پوءِ شروع ڪيل سياست جو سفر اڳتي وڌايو ويو ته ملڪ انتهاپسنديءَ جو شڪار ٿيندو ۽ اها انتهاپسندي ملڪي سالميت جا پلوَ پاند ساڙي ڇڏيندي. ها اڄ هن ملڪ سان ائين ئي ٿي رهيو آهي، جيڪو سنڌوماٿريءَ جي شهيد بادشاهه پنهنجي شهادت کان اڳ چيو هو.
هونئن ته مولوي جلال الدين حقاني، پاڪستاني طالبان جو ابو سمجهيو وڃي ٿو. جلال الدين حقاني، سوويت روس سان جنگ واري زماني ۾ آمريڪي سي آءِ اي جي اکين جو تارو هو، بعد ۾ هو افغانستان ۾ طالبان حڪومت جو وزير ٿيو ۽ پوءِ وزيرستان جي طالبان جو استاد بنيو. جلال الدين حقاني خودڪش تحريڪ جو به باني سمجهيو وڃي ٿو پر پاڪستان جي طالبان تحريڪ کي اسٽيبلشمينٽ جو هڪڙو حصو داڻو پاڻي، تيل تماڪ سڀ ڪجهه فراهم ڪندو رهيو آهي ۽ اڄ اسٽيبلشمينٽ جي ان غلطيءَ جو ڪِيتو سڄو ملڪ لوڙي رهيو آهي.
شهيد ڀٽي ٽيهه سال اڳ ان بنياد پرستيءَ جي باهه کان آگاهه ڪيو هو، ان کان اڳ ۽ پوءِ پاڪستان جا ترقي پسند ۽ روشن خيال، قوم پرست، مذهبي انتهاپسنديءَ خلاف واويلا ڪندا رهيا پر اسٽيبلشمينٽ سدائين ان آواز کي دٻائيندي رهي ۽ مذهبي انتهاپسندي جي پٺي ٺپيندي رهي. نتيجو اهو نڪتو آهي ته انتهاپسند ٻي هر جاءِ ساڙڻ، ٻارڻ ۽ مارڻ کانپوءِ خود فوجي ادارن تي ڪاهي آيا آهن ۽ پوڙهن ٻارن ۽ عورتن مارڻ کان به نه ٿا مڙن.
طالبان ۽ انهن جي سرپرستي ڪندڙ مذهبي انتهاپسندن هن پوئتي پيل ملڪ جي نالي ماتر ترقي کي جهڙي طرح تهس نهس ڪيو آهي، ان جي قيمت اسان جي ايندڙ نسلن کي نه ڄاڻ ڪيتري عرصي تائين ادا ڪرڻي پوندي.
مارشل لائن جي ڪارين راتين ۾ ڄڻايل، مذهبي انتهاپسنديءَ جي دائپي ۾ آئڍيل ۽ غيرملڪي امداد جي دُڪي تي تاتيل اها جنون پسندي ڪڏهن به مهراڻ جي واديءَ جي ماڻهن يعني انڊس ويليءَ جي لوڪن جو شيوو نه رهي آهي. اهو ئي سبب آهي جو مهراڻ جي واديءَ جي موجودهه ملڪ جي باني قائداعظم محمد علي جناح پنهنجي جڳ مشهور 11 آگسٽ 1947ع واري تقرير ۾ نئين ٺهندڙ پاڪستان لاءِ چيو هو ته ”هاڻي هن ملڪ اندر هر مذهب جي ماڻهوءَ کي پنهنجي ڌرمي عبادتگاهه ڏانهن وڃڻ جي آزادي هوندي.“ قائداعظم کان پوءِ هن ملڪ جو سڀ کان مقبول عوامي اڳواڻ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو به سيڪيولر روش جو پرچارڪ هو، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، محترم جي ايم سيد، قاضي فيض محمد، سوڀوگيانچنداڻي، رسول بخش پليجو ۽ حفيظ قريشيءَ سميت سنڌ جا سوين سياستدان گذريل سٺ سالن کان سيڪيولرازم عرف غيرفرقيواريت جي ڳالهه ڪرڻ جي ڏوهه ۾ ڏهاڪن جا پاند جيلن ۾ ۽ نظربندين ۾ گهاريندا رهيا آهن، رڳو سنڌ جا ئي نه پر بلوچستان جا مري، مينگل ۽ بگٽي سردار، پنجاب ۽ سرحد جا ترقي پسند ۽ روشن خيال دانشور به ان انتهاپسنديءَ خلاف وڙهندا ۽ مرندا آيا آهن. سنڌ کي ته اهو اعزاز حاصل آهي ته ان جا صوفي، سنت، سالڪ، سگهڙ، شاعر، اديب، راڳي سازي، بلڪ سڀئي ساڃاهه وند ماڻهو جنونيت خلاف لڙندا، وڙهندا ۽ مرندا رهيا آهن پر هنن ڪڏهن به هن ملڪ ۽ ان جي معاشرت ۾ جنونيت کي هٿي نه ڏني آهي. صوفي شاهه عنايت، لطيف ۽ سچل جي سنگ ۽ سلسلي ۾ ته هندو ۽ مسلم جو فرق ئي نه رهيو آهي. ٽنهي صوفين جي سنگت ۾ هندو فقير به هوندا هئا ۽ شاهه عنايت شهيد جي آخري آرام گاهه ۾ ته ڪيترا هندو فقير، ساڻس گڏ آرامي آهن. سنڌ جي شاعريءَ ۾ سامي چين راءِ لُنڊ کان سواءِ دلپت ۽ نانڪ جو به پنهنجو مقام آهي.
مطلب ته انڊس ويلي جو هي لڙيل پاسو، جنهن ۾ خاص طرح موجودهه جاگرافيائي حدن واري سنڌ اچي ٿي، اهو غيرفرقيوار ۽ جنونيت خلاف رهيو آهي. اهوئي سبب آهي جو سنڌي ڳالهائيندڙ آبادين مان ڪڏهن به ڪنهن مذهبي جماعت جو اميدوار چونڊن ۾ ڪامياب نه ٿيو آهي. حالانڪ ضياءَ جي دور ۾ سرڪاري ريڊئي، ٽي ويءَ ۽ فنڊن ذريعي ماڻهن تي انتهاپسنديءَ جو روغن چاڙهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر پوءِ به سنڌ جا ماڻهو سيڪيولر ئي رهيا. پاڪستان جي ٻاهٺ سالن جي سفر کان پوءِ حالتن، وقت ۽ تاريخ ثابت ڪيو آهي ته قائداعظم محمد علي جناح جي 11 آگسٽ واري تقرير درست هئي، مذهبي انتهاپسندي غلط هئي ۽ ان انتهاپسنديءَ خلاف ڳالهائيندڙ، لکندڙ ۽ وڙهندڙ قائداعظم کان جي ايم سيد ۽ ذوالفقار علي ڀٽي تائين، سوڀي گيانچنداڻيءَ کان رسول بخش پليجي ۽ ڄام ساقي تائين، شاهه عنايت کان، لطيف، سچل، سامي ۽ شيخ اياز تائين سنڌي درست هئا ۽ هن ملڪ جا موجد ئي ان جا حقيقي محافظ آهن.
سنڌ صدين کان مهراڻ جي وادي عرف انڊس ويليءَ جي ملڪ جي قيادت ڪندي ۽ ان جو تحفظ ڪندي رهي آهي. سڪندراعظم يونانيءَ سان به ماڇڪي جي بادشاهه مهاڏو اٽڪائي، وطن خاطر جان ڏني هئي. راءِ سهيرس به ايراني سلطنت جي نمروز جي بادشاهه سان وڙهندي جان قربان ڪئي، عربن جي دور ۾ به ائين ٿيو ۽ ويهين ۽ ايڪيهين صديءَ ۾ به لاڙڪاڻي جي ڀٽن سامري مخالفن سان مهاڏو اٽڪائيندي شهادت ماڻي.
جيتوڻيڪ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي ۽ شهيد راڻي محترما بينظير ڀٽو جي شهادت عالمي سازشون هيون پر پوءِ به ٻنهي شهادتن جا مقامي ساٿاري مذهبي انتهاپسند ئي هئا. مذهبي جنونين اسفندريار وليءَ تي به حملو ڪيو ۽ بشير بلور کي به مارڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي (نوٽ: بشير بلو اڳتي هلي انتهاپسندن هٿان مارجي ويو. ليکڪ) پر قرباني پوءِ به سنڌ جي حصي ۾ آئي. شهيد راڻي جي خون سان انڊس ويلي سرخ ٿي. اها قرباني جيڪا شهيد ڀٽي ڏني ۽ جنهنجو تسلسل شهيد راڻي قائم رکيو، قربانين ۽ شهادتن جي ان سلسلي کي سنڌ جا سپاهي به قائم رکيو ٿا اچن، مذهبي جنونيت خلاف مالاڪنڊ ۽ سوات واري آپريشن ۾ جن فوجي جوانن شهادت ماڻي ان ۾ وڏو تعداد ٺل، ڪنري، مٽياري، پڊعيدن، نوشهروفيروز ۽ نوابشاهه جي سپاهين جو هو. هينئر وزيرستان واري آپريشن ۾ به سنڌ جي فوجي جوانن جو وڏو تعداد انتهاپسنديءَ خلاف وڙهي جان ڏئي، قربانيون ڏئي رهيو آهي.
سياست جي ايوانن کان جنگ جي ميدانن تائين سنڌ هن ملڪ کي قائم ڪرڻ ۽ بچائڻ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪيو آهي. سنڌ هن ملڪ کي قائداعظم ڏنو، قائد عوام ڏنو، شهيد بادشاهه ۽ شهيد راڻيون ڏنيون ۽ هن ملڪ جي تحفظ ۽ جنوينت مان آجپي ماڻڻ لاءِ فوج ۾ قرباني ڏيندڙ سوين جانثار سپاهي ڏنا.

(مارچ 2009ع ۾ نشر ٿيل)