تاريخ، فلسفو ۽ سياست

سنڌ ھڪ درد ڪھاڻي آھي

ڪتاب ۾ شامل ڪيل  هي ڊاڪيومينٽريز سنڌ جي هڪ جيئري جاڳندي ۽ ڳالهائيندڙ ٻولهائيندڙ تاريخ آهن. ايندڙ دور ۾ جڏهن تاريخ ڪتابن جي قرطاس مان نڪري واريءَ جي ذرڙن واري چپس تي هميشه لاءِ منتقل ٿيندي ته ان وقت هي ڊاڪيومينٽريز سنڌ جي تاريخ جو هڪ املهه ۽ محقق ماخذ بڻبيون. منظور سولنگي پنهنجي دور جو هڪ ليجنڊ ليکڪ ۽ ڏاهو ڏات ڌڻي آهي، هُن جي کرائي ۽ بي غرضي ڪنهن کي پسند نه به هجي پر هُن جي سنڌ سان غيرمشروط محبت، فدائيت ۽ جاکوڙ تي ڪي به ٻه رايا ناهن رهيا. هن سڄي زندگي هڪ کاهوڙي Activist جي حيثيت ۾ گذاري آهي. سنڌ جي اديبن، دانشورن ۽ ليکڪن پاران سنڌ جي وحدت ۽ ان جي اشوز تي آواز ۽ جاڳرتا اٿارڻ واري ويڙهه ۾ هو سدائين پهرين جوڙ جو ملهه رهيو آهي.

Title Cover of book سنڌ ھڪ درد ڪھاڻي آھي

اقبال ترين جي ڪتاب جي مهورت

ڪالهه ڪراچيءَ ۾ سنڌ لاءِ سوچيندڙن جو هڪ اهڙو ميڙ ٿيو، جنهن کي سنڌ جي ويجهي تاريخ جو، مقدار جي نسبت سان هڪ ننڍڙو ئي سهي پر معيار ۽ مرتبي جي حساب سان هڪ معتبر ميڙ سڏي سگهجي ٿو. هي ميڙ ان ڪري معتبر هو جو هن ۾ نئين سنڌ لاءِ سوچيندڙن ۽ سنڌ جي نئين جنم جي جاکوڙ وارن ٽنهي ڏهاڪن يعني سٺ،ستر ۽ اسي وارن ڏهاڪن ۾ شاگرد جدوجهد ذريعي سنڌ ۾ نئون ساهه ڦوڪڻ وارا ماضيءَ جا اهي سڀ نوجوان موجود هئا، جيڪي ڪي پوڙها ۽ ڪي اڌڙوٽ پئي ڏٺا پر پنهنجي جذبات ۾ هو اڄ به اڻمٽ پئي لڳا.
سنڌ جي سرت ۽ ساڃاهه رکندڙ محبتين جي ان ميڙ کي انڊس پيپلز فورم نالي نئين جڙيل فورم ڪراچي پريس ڪلب ۾ گڏ ڪيو هو. هونئن ته هي ميڙ، ماضيءَ جي ٽهڪندڙ ۽ هاڻي ٺرندڙ ۽ آٺرجندڙ دماغ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي پهرين صدر اقبال ترين جي انگريزي جي ڪتاب ”هارويسٽ ول ڪم“ يعني ”چيٽ ضرور ايندو“ جي رونمائي يا منهن ڏيکاريءَ لاءِ ڪوٺايو ويو هو، پر هن ميڙ جي خصوصيت اها هئي ته هن ۾ نئين سنڌ جي جدوجهد جي ٽنهي ڏهاڪن جا مشهور شاگرد اڳواڻ ۽ نمائندا موجود هئا ۽ هنن پنهنجي پنهنجي تقريرن ذريعي پنهنجي ماضيءَ تي روشني پئي وڌي ۽ پنهنجي تجربن جو نچوڙ ٻڌائي، پنهنجي خوبين ۽ خامين کي ڳڻائي سوچ ۽ سياست جو هڪ نئون رستو تلاش ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪئي. اڳوڻن شاگردن ۽ هاڻوڪن دانشورن جي خطابن جون اکيون هڪ ٻي راهه جي تلاش ۾ هيون ۽ سڀني جي اظهار ڪيل خيالن ۾ هڪ نئون خواب سرجندي پئي نظر آيو ته ڪجهه ڪجي پر ڪيئن ڪجي؟
“خواب ڪجهه تون اڌار ڏي مون کي
ننڊ خالي آ کوڙ سالن کان”
انڊس پيپلزفورم طرفان ڪوٺايل هن انوکي تقريب جي صدارت اروڙ جي مست ۽ سنڌ جي صوفياڻي مزاج جي مجسمي امرجليل ڪئي ۽ خاص مهمان سنڌ اسيمبليءَ جو اسپيڪر نثار کهڙو هو. مهمانن جي مرحبائي ۽ انڊس پيپلز فورم جي آشنائي ڪرائيندي ڊاڪٽر ڪريم راڄپر چيو ته انڊس پيپلز فورم سنڌو ماٿريءَ جي ملڪ جي ماڻهن کي ايڪيهين صديءَ جي اها سوچ ڏيڻ چاهي ٿو، جيڪا سرچاءَ، سچائي ۽ دروانديشيءَ جي پيرن تي بيٺل هجي ۽ جنهن ۾ ماڻهن کي حقيقي خوشحالي، امن ۽ آسودگي حاصل ٿئي. هن چيو ته انڊس پيپلز فورم سنڌو ماٿريءَ جي ملڪ جي سمورن صوبن جي ماڻهن وچ ۾ قائم فطري رشتن کي وڌيڪ اجاگر ۽ روشناس ڪرائيندو. نانءَ ڪٺين ۽ نالي ۾ نهال ٿيندڙ دانشور سڏرائيندڙن ۽ شهرت جي جنت جي گلمانن تي تنقيد ڪندي ڊاڪٽر ڪريم راڄپر چيو ته هي دور سنڌو درياهه جي مٽي مٿي ۾ وجهي ڦوٽو ڪڍرائڻ ۽ نمائشي يا فرمائشي سرگرمين ۾ رڌل رهڻ جو نه پر عوام کي اهڙي سوچ ڏيڻ جو آهي جيڪو خيالن جي هوا ۾ اڏڻ بجاءِ سائنسي سچائين جي پيرن تي بيٺل هجي ۽ عوام جي زندگيءَ ۾ ڪنهن بهتر تبديلي جو سبب بنجي، هن چيو ته عوام جي دردن جي صرف علامتن جو ئي علاج نه ٿيڻ گهرجي، پر ان کي هڪ مستقل مسيحائي ۽ دائمي دوا جي ضرورت آهي. ڊاڪٽر ڪريم راڄپر اعلان ڪيو ته انڊس پيپلزفورم جو باقاعده افتتاح 30 جنوري (2009ع) تي ڪيو ويندو.
قوم پرست سياست جي ساکاري نالي ۽ اقبال ترين جي پراڻي دانشور دوست امان الله شيخ چيو ته محترم جي ايم سيد، شهيد ڀٽي ۽ مرحوم غوث بخش بزنجي جو هن جي شخصيت تي نهايت گهرو اثر رهيو آهي. ساڳيءَ طرح اقبال ترين به سيد، ڀٽي ۽ محترما شهيد کان متاثر آهي. ان ڪري اقبال ترين ۽ هن جو ماضي ۽ حال ڪيترين ڳالهين ۾ مشترڪ آهي. اقبال ترين کي ڌنڌ پيل ماضي ياد ڏياريندي امان شيخ چيو ته تون اسان کي ڇڏي هليو وئين پر لاڙڪاڻي جو اهو لاڪپ ۽ مان جتي اسين ٽئي گڏجي ملندا هئاسين- اهي اڄ تائين قائم آهن. امان شيخ نهايت ماٺاري، محبت ڀرئي ۽ جذباتي انداز ۾ اقبال ترين کي اپيل ڪندي چيو ته تون اسان ڏانهن موٽي آ. اسين تنهنجو اکيون وڇائي وطن ۾ آڌرڀاءُ ڪنداسين
”موٽي آ- موٽي آ- ٻانهون آءٌ ٻڌانءِ
اکڙين جي ڳوڙهن سان ڌوڙيل پير ڌئانءِ“
اروڙ جي ڪالڪا جي ڪنڪرين جي ڪک مان جنم وٺندڙ، جوڳين جهڙو جيءُ ۽ جسم رکندڙ سنڌ جو صوفي منش امر جليل جڏهن ٻانهون ٻڌي اسٽيج تي آيو تڏهن سڀني آيلن هٿ وڄائي هن جو استقبال ڪيو. پنهنجي صدارتي تقرير ۾ امر جليل چيو ته اقبال ترين کي هو تڏهن کان سڃاڻي ٿو، جڏهن سٺ واري ڏهاڪي ۾ هو ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي ڪم ڪندو هو ۽ اقبال ترين هڪ خوبصورت ۽ پرجوش شاگرد اڳواڻ هو. امر جليل چيو ته اڳوڻي شاگرد سياست ۽ هاڻوڪي شاگرد سياست ۾ تمام گهڻو فرق اچي ويو آهي، اڳي شاگرد اڳواڻ پڙهڻ ۾ هوشيار ۽ قابل هوندا هئا ۽ هاڻي جيڪو به شاگرد اڳواڻ ٿئي ٿو، اهو پڙهڻ کان انڪار ڪري ٿو، ڪلاسن ۾ ويهڻ کان نابري واري ٿو. انساني مجبورين جي جبر جو اعتراف ڪندي امرجليل چيو ته انسان کي قدرت جيڪو پيٽ جو دوزخ ڏنو آهي، اهو هن کان الائي ڪهڙا ڪهڙا ڪم ڪرائي ٿو. امرجليل چيو ته هو سٺ واري ڏهاڪي ۾ ڏينهن جو جنرل ايوب خلاف رستن تي نعرا هڻندا هئا ۽ شام جو ريڊيئي تي وري ايوب خان جي تعريف ۾ لکڻ تي مجبور هوندا هئا. هن اقبال ترين کي بهترين جو خطاب ڏيندي چيو ته آءُ اقبال ترين جي ڪتاب تي ڪو تبصرو نه ڪندس ڇاڪاڻ ته هر ليکڪ جا پنهنجا پنهنجا ويچار آهن.
نوجوان دانشور انعام شيخ پنهنجا ويچار ونڊيندي پنهنجي ماضيءَ جو اهو باب کوليو، جڏهن هن سنڌ يونيورسٽيءَ جي انٽرنيشنل هاسٽل جي ڪمري نمبر 13 تي، اقبال ترين کي پهريون ڀيرو ڏٺو هو. انعام شيخ جو چوڻ هو ته سنڌ جي سياست جي سفر جي ٿورين ٿورين رڪاوٽن ۽ هلڪن هلڪن مونجهارن سنڌ جي نجات جي منزل کي دور ڪيو آهي. هن چيو ته جيڪڏهن اسين هڪ ٻئي کي ٿورو برداشت ڪيون ها، ٿوري تنظيم ٺاهيون ها، ٿوري وڌيڪ محنت ڪيون ها ته ڪيئي شهري تنظيمن کان وڌيڪ منظم ۽ مضبوط ۽ نتيجا ڏيندڙ هجون ها. هن چيو ته سنڌ جو الميو اهو آهي ته سنڌ کي گانڌي ته ڪيئي مليا پر سنڌ کي ڪوبه نهرو نصيب نه ٿيو.
نثار کهڙو جي خاص مهمان واري تقرير کان اڳ ثقافت ۽ اطلاعات کاتن جي ٻن وزيرياڻين، سسئي پليجو ۽ شازيه مريءَ پڻ خطاب ڪيو. سسئي پليجو امر جليل جي ”پليجي خاندان“ سان ويجهڙائي ڳڻائيندي موجودهه سياسي صورتحال تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو ۽ جرئت جو مظاهرو ڪندي لياري آپريشن جي مخالفت ڪئي. سسئي پليجو چيو ته هر پختون طالبان ناهي، هر بلوچ منشيات فروش ناهي، هر سنڌي علحدگي پسند ۽ قبضي خور ناهي ۽ اسان جي نظر ۾ هر اردو ڳالهائيندڙ لسانيت پسند به نه آهي. تنهن ڪري اهو تاثر مذمت جي لائق آهي. ان موقعي تي سڌسماءَ کاتي جي صوبائي وزير شازيا عطا مري دٻيل ۽ اڻسڌن لفظن ۾ اقبال ترين جي تصور سان اختلاف ڪندي چيو ته اڄ هر سياسي ماڻهو نئين سياسي پارٽي ٺاهڻ جي ڳالهه ڪري ٿو پر سچي جذبي وارا ماڻهو وڏين جمهوري پارٽين ۾ ڇو نه ٿا وڃن، هن چيو ته هن جو پيءُ ۽ ڏاڏو ٻئي سنڌي ڳالهائيندڙ هئا پر هو ملڪ گير سياست جو حصو هئا. شازيا عطا مري انگريزي ۽ اردو جي گاڏڙ پر متاثر ڪندڙ تقرير ۾ چيو ته عورت هن ملڪ جي سڀ کان وڏي ۽ وڌيڪ مجبور مخلوق آهي. ان کان اڳ ليکڪ نصير ميمڻ، قاضي فضل الحق، امتياز فاران ۽ جامي چانڊئي پڻ خطاب ڪيو.
جامي چانڊئي پنهنجي خطاب ۾ آمريڪا ۾ رهڻ دوران اقبال ترين سان ٿيل تفصيلي بحثن ۽ علمي معرڪن جو ذڪر ڪيو.تقريب کي سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جي باني ڊاڪٽر سليمان شيخ پڻ خطاب ڪيو، سليمان شيخ کي پنهنجي شاگرديءَ جي زماني وارا مهر حسين شاهه، قاضي فضل حق، امان شيخ ۽ اقبال ترين جهڙا دوست ڏسي پنهنجا اهي رومانوي جملا ضرور ياد آيا هوندا جڏهن جنرل ايوب جي آمريت ۾ سنڌ لفظ لکڻ به ڏوهه هو ۽ آمريت جا ڇاڙتا سڄو ڏينهن ملت ۽ مذهب جا نالا وٺي پنهنجي آمريت پسند حاڪمن جون پگهارون حلال ڪندا هئا. ڊاڪٽر سليمان شيخ تڏهن هي تاريخي جملو چيو هو ته ”مان پنج هزار سالن کان سنڌي، 13 سؤ سالن کان مسلمان ۽ ويهن سالن کان پاڪستاني آهيان.“ ڊاڪٽر سليمان شيخ سنڌ ۾ ڪنهن به طبقي، ننڍي يا وڏي طبقي جي وجود کان انڪار ڪندي چيو ته سنڌ ۾ ڪوبه طبقو نه آهي سنڌ ڪلاس ليس سوسائٽي آهي.
آخري مهمان کان اڳ سنڌ اسيمبليءَ جي اسپيڪر نثار کهڙي اقبال ترين سان پنهنجي ساروڻين کي ساريندي ٻڌايو ته هو ننڍي هوندي لاڙڪاڻي ۾ اقبال ترين ۽ سندس دوستن کي سرگرم ڏسندو هو. آخري مقرر طور ۽ ڪتاب جي محرر طور تقريب جي ميزبان فياض نائچ اقبال ترين کي سڏ ڪيو ۽ ترين جڏهن ڳالهائڻ شروع ڪيو ته ائين پئي محسوس ٿيو ته هن جي لفظن، لهجن ۽ جذبن ۾ ماضيءَ جي ڪا مڌ اوتجي آئي هئي. پر ائين ضرور هو ته پنهنجي ان پرڪيف تقرير ۾ هو هوش ۽ جوش جي ٻنهي پٽڙين تي نهايت ڪڙڪيدار آواز ۾ ڳالهائي رهيو هو. شازيه مري ۽ سسئي پليجو جي تقريب کان اڳ اٿي وڃڻ جي نشاندهي ڪندي ماضيءَ جي بهترين اداڪار اقبال ترين اهو لطيفو به ٻڌايو ته هڪڙو ماڻهو ٻئي جي پٺيان ڊوڙي رهيو هو، جڏهن کانئس سبب پڇيو ويو ته هن وراڻيو ”ته هي شاعر آهي. پنهنجو شعرٻڌائي ڀڄي رهيو آهي ۽ منهنجو شعر ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهي. مان تنهنڪري هن کي پڪڙي رهيو آهيان.“ سنڌ جي باري ۾ تاريخي تناظر ۾ ڳالهائيندي اقبال ترين چيو ته سنڌو ماٿريءَ جو هي ملڪ ڏاهر جي دور ۾ به اهوئي هو، جيڪو هاڻي آهي. هن چيو ته ملڪ کي مٿان کان لاٿل جمهوريت جي نه پر هيٺان کان مٿي اڀرندڙ جمهوريت جي ضرورت آهي. ساڳيءَ ريت ملڪ کي خاص نه پر عام ۽ مجموعي انصاف جي ضرورت آهي. هن چيو ته سنڌ پاڪستان جي ماءُ آهي ۽ ڪابه ماءُ پنهنجي اولاد جي خلاف نه ٿي ٿي سگهي پر کهرا ٻار پنهنجي ماءُ جي پريشاني جو سبب بنجندا آهن.
اقبال ترين پاڻ کان اڳ ڪيل تقرير ۾ ڪيترن ئي دوستن طرفان موٽي اچڻ جي درخواستن جو ڪو سڌو جواب ته نه ڏنو پر وطن ۽ ويڙهيچن سان وچن کي وري وري ورجائيو. پروگرام ۾ اجيت آهوجا، ڊاڪٽر ايوب شيخ، مشتاق راڄپر، ذوالفقار هاليپوٽي، شهاب اوستي جاويد قاضي، هدايت بلوچ، سنڌ ٽي وي جي نيوز ڊائريڪٽر عبدالرزاق سروهي، آواز ٽي ويءَ جي نيوز ڊائريڪٽر الطاف ميمڻ، سنڌ ٽي وي جي بيورو چيف گلشن شيخ، اڪبر جعفري، مشتاق سرڪي، ڪانتيش ڪمار، ڊاڪٽر عبدالواحد پنهور، ذوالفقار واهوچي ۽ ذوالفقار راڄپر سميت پرنٽ توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا جا سينئر صحافي ۽ رپورٽر به موجود هئا. پروگرام ۾ صنم راڄپر، زبيده برواڻي سميت عورتن جي وڏي انگ پڻ شرڪت ڪئي.
آخر ۾ آيل مهمانن کي ڪراچي پريس ڪلب جي سيڪريٽري اي ايڇ خانزادي، خورشيد تنوير، يوسف خان، ايوب خان سرهندي، ۽ ٻين اقبال ترين، نثار کهڙي، ڊاڪٽر ڪريم راڄپر ۽ ٻين کي اجرڪون پارائي مان ڏنو.

(جنوري 2009ع ۾ نشر ٿيل)