مُهراڻي ۾ مِينهن جون تباهڪاريون
سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه کي پنهنجي حڪومت جي آبپاشي کاتي جي نااهلي ته نظر نه آئي پر واپڊا جي شڪايت هن به ڪئي آهي. مصيبت جي هن گهڙيءَ ۾ سندس اها جزوي حقيقت پسندي به سٺي ڳالهه آهي. ٿر ۽ لاڙ جا اهي پٽ جيڪي مينهن ٻوڙي تباهه ڪري ڇڏيا آهن، اهي سنڌ جي سرزمين جا ڇورن ٻارن جهڙا يتيم ۽ غريب علائقا آهن. هنن علائقن کان ڄڻ روڊ به رٺل آهن جنهنڪري ترقي به هنن سان ڪاوڙيل آهي. نتيجي طور صحت، تعليم ۽ روزگار جو به هن پرڳڻي سان رسامو آهي. نتيجي طور لاڙ ۽ ٿر جي علائقن جي ميڊيا ۾ سدائين المياتي منظر نگاري ٿيندي آهي، ٿر جا ڏڪار هجن يا سامونڊي طوفان، سانوڻ جا سوڪهڙا هجن يا بڊي جون برساتون، ٿر ۽ لاڙ مان سدائين ڏک، ڏڪار ۽ تباهيءَ جون خبرون ۽ تصويرون اڳيان اچن ٿيون.
حاڪمن ۽ حڪومتن جي توجهه ۽ ترقي کان وانجهيل هي علائقو ڏکن جي هڪ دائمي تصوير آهي، جيڪا هر ٻن ٽن سالن کانپوءِ نون نقصانن جي تفصيل سان اسان اڳيان اچي ٿي، نتيجي طور حڪومتون، عالمي امدادي ادارا توڙي اين جي اوز سدائين هتي رليف لاءِ ايندا آهن، ۽ قدرتي توڙي انساني المين جو شڪار ٿيل انسانن کي دفنائي، سندن دردن جي منظرن کي فوٽن ۽ فوٽيجن ۾ محفوظ ڪري، پنهنجو رڪارڊ ٺاهي واپس هليا ويندا آهن ۽ پوءِ المئي جو امتحان پاس ڪندڙ هي علائقو وري ڍڳي جي رفتار سان رڙهڻ شروع ڪندو آهي ۽ زندگي توڙي وهنوار جو گاڏو ڇڪي اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪندو آهي.
تيل، گئس ۽ ڪوئلي جي ذخيرن سان ٽمٽار هن علائقي کي آخر ان مصيبت مان ڪير ڪڍندو؟!
مينهن ۽ طوفان، ٻوڏون ۽ زلزلا، باهيون ۽ ڏڪار ته سڄي دنيا ۾ اچن ٿا بلڪه اسان کان به وڌيڪ اچن ٿا پر نقصان اسان وٽ وڌيڪ ڇو ٿو ٿئي؟ شايد ان ڪري جو اسان جي حڪومتن ۽ حڪومتي ادارن قدرت جي امتحانن کي پاس ڪرڻ جي ڪا به تياري نه ڪئي آهي. اسان جي مرڪزي توڙي صوبائي حڪومتن وٽ رليف جو ڪو کاتو ئي نه آهي، اگر آهي ته اهو به نالي ماتر آهي. 2005ع واري ڪشمير جي زلزلي کانپوءِ نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ نالي هڪ اٿارٽي ٺاهي وئي آهي پر اها اٿارٽي به مرڪز تائين محدود آهي، ان جو صوبن ۾ ڪو به وجود نه آهي. تنهڪري گذريل سال واري مها ٻوڏ جڏهن هڪ ڪروڙ ماڻهو بي گهر ڪيا تڏهن اها اٿارٽي متاثر ماڻهن جا علائقا به نشا نبر نه ڪري سگهي. هينئر تازين برساتن ۾ جيڪي ست ضلعا متاثر ٿيا آهن، انهن ۾ اهي ئي شڪايتون آهن ته مينهن جي ماريل ماڻهن جي واهر ڪرڻ وارو ڪير ڪونهي، سفارشن تي مقرر ٿيل آفيسرن ۾ ايمانداري نه آهي، چونڊيل نمائندن کي وري متاثرن کان وڌيڪ ميڊيا ۾ تصويرون ڪڍرائڻ جو خيال آهي ۽ هو تيستائين ديڳ جو دم کولڻ لاءِ تيار نه آهن، جيستائين فوٽو ڪڍڻ وارا نه ٿا پهچن. ٻڏل علائقن جي انتظاميا متاثرن کان وڌيڪ چونڊيل نمائندن ۽ وزيرن ڪبيرن جي آڳر تي ٽانڊي ٽوپي ۾ مصروف آهي ۽ ان سڄي بدانتظامي جي ڀوڳنا وري به مصيبت جي ماريل ماڻهن کي برداشت ڪرڻي پوي ٿي.
سنڌ جي هنن ستن ضلعن ۾ ته پڪن اسڪولي عمارتن جي به کوٽ آهي، جتي متاثر وڃي مٿي ڇانوَ ڪن. هتي جا ته روڊ به سٺا نه آهن، جتي جي سُوڪهڙي تي ماڻهو وڃي ڪو ساهه کڻي سگهن. آخرڪار هتان جو عوام پنهنجي ان بدنصيبيءَ جو داستان ڪنهن کي ٻڌائي ۽ پنهنجي ان درد جو فرياد ڪٿي ڪرائي؟
لاڙ ۾ سم نالا سدائين ابتا وهي ڳوٺن جا ڳوٺ ٻوڙيندا آهن. ايل بي او ڊيءَ کي ڪڍڻ کان ڇوڙ تائين درجنين گهارا لڳل آهن. ڪيترائي ماڻهو ڪئي ڀيرا اها ڳالهه ڪري چڪا آهن ته ايل بي او ڊيءَ جي ڊزائين ئي درست نه رکي وئي آهي ۽ ان جو ڇوڙ واهونديءَ جي واءَ جي سامهون رکيو ويو آهي، تنهنڪري ايل بي او ڊي سمونڊ ۾ آساني سان ڇوڙ نه ڪري سگهندي. لاڙ ۽ ٿر جي هنن علائقن کي روز روز جي مصيبتن مان ڇڏائڻ لاءِ ۽ اتان جي آباديءَ کي انسانن جو صحيح درجو ڏيارڻ لاءِ هتي مستقل قسم جي رٿابندي ۽ ان تي عمل جي ضرورت آهي. ايل بي او ڊيءَ جي ٺهڻ ۽ نقصانن تي هڪ ڪميشن جوڙڻ جي ضرورت آهي. لاڙ ۽ ٿر سميت سنڌ جي پوئتي پيل علائقن ۾ ترقيءَ جو ڄار وڇائڻ جي ضرورت آهي. هتي سٺن روڊن، اسپتالن، اسڪولن، پڪن واٽر ڪورسن ۽ روزگار جي ذريعن کي وڌائڻ جي ضرورت آهي.لاڙ ۽ ٿر جي زمينن ۽ قدرتي وسيلن ۽ ماڻهن کي ترقي وٺرائڻ لاءِ خاص اپائن وٺڻ جي ۽ علائقن ۾ گهڻي سيڙپڪاريءَ جي ضرورت آهي. لاڙ ۽ ٿر جو اهو علائقو جيڪو اڄ برساتن ۾ ٻڏو آهي اهو ان کان اڳ ڏڪارن ۾ به سڪو آهي ۽ طوفانن ۾ سٽيو آهي ۽ هر ڀيري اهي حادثا سوين ماڻهن جي زندگي جو ٻليدان وٺي لکين ماڻهن کي بي گهر ۽ دربدر ڪري اسان جي حڪومتن، حڪومتي ادارن، وس وارن ۽ سمورن لاڳاپيل فردن توڙي ادارن کي تباهيءَ جي چڻگار ڏئي للڪاري هليا ويندا آهن.
لاڙ ۽ ٿر جا هي علائقا حڪومت، عالمي ادارن، اين جي اوز، ميڊيا ۽ اسان سڀني کان فوري امداد ۽ سهائتا ته طلب ڪن ٿا پر سنڌ جا هي پوئتي پيل يتيم ٻارڙن جهڙا ڇورا ڇنا علائقا، اسان کان پنهنجي مصيبت جي بيماري جو مستقل علاج به طلب ڪن ٿا. اچو ته هنن يتيم علائقن جي محرومين جو ڪو علاج ڳوليون.
(سيپٽمبر 2011ع ۾ نشر ٿيل)