ڀُٽي هن ملڪ کي ڇا ڇا ڏنو؟
82 سالن کان پوءِ، شهيد ڀٽي جي جنم ڏينهن کي ياد ڪندي، اڄ جڏهن اسين سنڌوماٿري جي سوين سالن جي تاريخ تي نظر وجهون ٿا ۽ وري جڏهن ڀٽي جي ايڪيهين سالن جي سياست ڏانهن ڏسون ٿا تڏهن اسان کي اندازو ٿئي ٿو ته ڀٽو هن ڏکوئيل وادي جي ماڻهن جي ڏهاڳ ڀري زندگيءَ ۾ پنهنجي خون سان، سهاڳ جو اهو سينڌ ور ڀري ويو، جنهن کان پوءِ هن ملڪ ۽ ان جي مسڪين ماڻهن ماڻهپي جو ڪو گيت ٻڌو آهي، ڪو سک جو ساهه کنيو آهي، ڪو خوشيءَ جو ترورو ڏٺو آهي ۽ منجهن اهو احساس اڀري پيو آهي ته هو جيڪي ستم گيريءَ ذريعي گداگر بنايا ويا هئا، اهي ڀٽي جي دستگيري کان پوءِ گداگر مان شاهه گر يعني بادشاهه بڻائيندڙ بنجي پيا آهن.
ڀٽي جي ايڪيهن سالن جي سياست ۽ 31 سالن جي وڇوڙي کان پوءِ اڄ جڏهن اسين ليکو ڪيون ٿا تڏهن اندازو ٿئي ٿو ته هن ملڪ جو عوام، سياست ۽ رياست ٽئي ان عظيم اڳواڻ جا احسان مند آهيون، جنهن هن ملڪ جي عوام کي سياست سيکاري، جنهن ملڪ جي سياست جا عوام دوست پيمانا مقرر ڪيا ۽ جنهن هن ملڪ جي رياست کي نوان بنياد فراهم ڪيا. اهوئي سبب آهي جو اڄ ڀٽي جا مخالف به اهو مڃڻ تي مجبور آهن ته سنڌوماٿريءَ جي هن ملڪ کي جهڙي ريت قائداعظم اڪيلي سر ٺاهيو، بلڪل اهڙيءَ ريت ذوالفقار علي ڀٽو اهو واحد ماڻهو هو، جنهن هن ملڪ جي سياست ۽ رياست جا حقيقي بنياد رکيا.
نوجوان دانشور انعام شيخ جو خيال آهي ته سنڌ جي سياست گذريل ڏيڍ هزار سالن ۾ ٻه عظيم شخصيتون پيدا ڪيون آهن جن مان هڪ ميان غلام شاهه ڪلهوڙو ۽ ٻيو ذوالفقار علي ڀٽو آهي. ها ائين ضرور آهي ته ميان غلام شاهه ڪلهوڙي سنڌ جي ان وقت جي رياست جون حدون وڌائي، سنڌ ۾ پوليس ۽ فوج کي باقاعدهه منظم ڪري، واهه کوٽائي ۽ کاٽيون کڻائي سنڌ جي زرعي معيشت کي نهايت مضبوط ڪيو پر غلام شاهه ڪلهوڙي جي سياست ۽ رياست کي سندس اولاد اڳتي وٺي وڃي نه سگهيو. جڏهن ته ذالفقار علي ڀٽي رياست، سياست توڙي معيشت جا هن ملڪ ۾ اهي بنياد وڌا، جنهن جي هر گذرندڙ ڏينهن کان پوءِ اهميت وڌندڙ ۽ افاديت اجاگر ٿيندڙ آهي.
ملڪي سياست تي شهيد ڀٽي جو سڀ کان وڏو احسان 73ع وارو آئين آهي. ڀانت ڀانت جي سياسي کوپڙين کي 73ع جي آئين جي چوڌاري گڏ ڪرڻ ذوالفقار علي ڀٽي جي وڏي ڪاميابي هئي. سياست جي ميدان جا اهي ٽٽون گهوڙا جيڪي هن جي تازيءَ واري تيز رفتار کان سدائين ڊڄندا ۽ ٽهندا هئا، اهي ڀٽي جا اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ ۾ به مخالف هئا ۽ پوءِ به دشمن ئي رهيا پر هو 73ع جي آئين ٺاهڻ واري ڀٽي جي آڇ کي پٺي نه ڏئي سگهيا ۽ چاهيندي نه چاهيندي به ان آئين تي صحيحون ڪرڻ تي مجبور ٿيا. پاڪستاني سياست جو اهو عجيب اتفاق ۽ انداز آهي ته پيپلزپارٽيءَ جا مخالف ۽ ڀٽي جا دشمن اڄ به 73ع جي دستور جي ڳالهه ڪندي نه ٿا ٿڪجن ۽ ان ئي آئين کي پارلياماني سياست جي رَٿ جي سڀ کان وڏي واڳ ٿا سمجهن.
بنگلاديش جي الڳ ٿيڻ، پاڪستاني علائقن تي هندستان جي قابض ٿيڻ ۽ بنگلاديش ۾ هٿيار ڦٽا ڪندڙ فوجين جي جنگي قيدي بڻجڻ کان پوءِ پاڪستان جي رياست توڙي حڪومت، ڪمتري جي احساس ۾ ڪريل هئي. ويتر راجستان جي پوکراڻ واري علائقي ۾ 1974ع ۾ هندستان جڏهن ائٽمي ڌماڪو ڪري، جوهري توانائي واري ملڪ بنجڻ جو اعلان ڪيو ته ڪمتري جو اهو احساس ڪمزوري ۾ بدلجڻ لڳو. ملڪ کي احساسن جي انهن سمورين ڪمترين ۽ ڪمزورين مان ڪڍڻ لاءِ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي پاڪستان جي ائٽمي پروگرام جو بنياد وڌو ۽ سنڌوماٿريءَ جي لوڪن کي گنگا جي ماڻهن سان گڏائي بيهاريو. هندستان ۽ پاڪستان وچ ۾ اڄ جيڪو جوهري طاقت وارو توازن آهي، اهي ڀٽي جي ائٽمي پروگرام جي صدقي سبب ئي ممڪن ٿيو آهي.
پاڪستان ٺهڻ بعد قائداعظم جي بيماري ۽ هڪ سال بعد وفات جي نتيجي ۾، پاڪستان جي سياست ۽ رياست تي نوڪر شاهي جو قبضو ٿي ويو، جنهن سبب رياست ۽ جمهوريت جا ادارا پنهنجا پير پختا نه ڪري سگهيا. مسلم ليگي سياستدانن، نوڪر شاهيءَ جي پولٽري فارم مان نڪتل نون سياستدانن جا رستا روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ نوڪر شاهيءَ مارشل لا نافذ ڪئي. نوان سياستدان متعارف ڪرايا، نيون پارٽيون ٺاهيون، نوان آئين ٺاهيا يا ائين کڻي چئجي ته ملڪ غلام محمد، اسڪندر مرزا ۽ ايوب خان هن ملڪ جي سياست ۾ نيون بدعتون متعارف ڪرايون جنهن جي ڪري ملڪي سياست ۽ رياست جي شڪل ئي بگڙي وئي. آمرن جي ان اڻ مندائتي سياست دوران ملڪ ۾ ڪيتريون ئي آڙهاڙي پارٽيون پيدا ٿي پيون ۽ مسلم ليگ ويچاري کي ”مڙيا مڇ هزار، ڀاڱا ٿيندي سهڻي“ جي مثال وانگي ڀاڱا ڀاڱا ڪيو ويو.
پنجاهه وارو سڄو ۽ سٺ وارو اڌ ڏهاڪو، پاڪستان اندروني سياسي ويڙهه جو آماجگاهه رهيو. نتيجي طور پاڪستان اندروني توڙي بيروني محاذن تي هڪ نئين آزاد ٿيل ملڪ جي ناتي ڪوبه ڪردار ادا نه ڪري سگهيو. ان وچ ۾ هندستان سياسي توڙي معاشي ميدانن ۾ نهايت مضبوط ٿيو ۽ جواهر لال نهرو، يوگو سلاويا جي مارشل ٽيٽو ۽ انڊونيشيا جي احمد سوئيڪارنو جهڙن عالمي پائي جي اڳواڻن سان گڏجي غيرجانبدار تحريرڪ جو بنياد وڌو. حاصل مطلب ته ستر جي ڏهاڪي شروع ٿيڻ تائين، 23 سالن جي مختصر عرصي ۾ هندستان عالمي سياست جي افق تي نهايت نمايان طور اُڀري چڪو هو ۽ پاڪستان مارشلائن، جنگين ۽ بنگلاديش جي علحدگي سبب عالمي ڪردار ته ٺهيو پر داخلي، انتشار جو زبردست شڪار رهيو.
شهيد ذوالفقار علي ڀٽي اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ عالمي سياست ۾ به مائوزي تنگ جي خيال A great leap Forward وانگي هڪ وڏو ڇال ڏنو ۽ اسلامي سربراهي ڪانفرنس ڪوٺائي. پاڪستان کي عالمي اتحادن جي اڳين صف ۾ آڻي بيهاريو. هڪ اهڙو ملڪ جنهن وٽ نه آئين هو نه پارليامينٽ هئي، ۽ نه ئي ان وقت رياست ۽ معيشت جا ڪي مضبوط ادارا هئا ۽ نه ئي وٽس دفاع جا ڪي هٿيار ۽ اوزار هئا ۽ اهو ملڪ جيڪو عالمي ۽ علائقائي سياست ۾ ڪنهن ڪردار ادا ڪرڻ کان ته عاجز هو پر پنهنجي وجود جي جنگ ۾ ڦاٿل هو. ان ملڪ کي ڀٽي 73ع جي آئين ذريعي اندروني استحڪام ڏيڻ کان پوءِ جڏهن عالمي سياست ۾ ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ اسلامي سربراهي ڪانفرنس ذريعي اڳتي آندو ته عالمي سياست جا جمعدار ڀٽي جا دشمن بنجي پيا ۽ هنن ڀٽي کي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.
عالمي سياست جي افق تي ڀٽو اهو اڏند پکي هو جيڪو وقت جي سمورن پرمارن جي نشاني تي هو. اولهه وارن هن کي سرخن ڪميونسٽن جو دوست پئي سمجهيو. ڪميونسٽن هن کي مسلمانن جو اڳواڻ پئي سمجهو ۽ پاڙيسري هندستان جي برهمڻن هن کي اڇوت باغين جو ترجمان پئي سمجهيو. عالمي توڙي پاڙيسري پرمارن جي ڀٽي بابت اها راءِ ڪا غلط به نه هئي ڇاڪاڻ ته سنڌوماٿريءَ جي انهيءَ ملڪ، جنهن تي ذري گهٽ اڄوڪو پاڪستان پکڙيل آهي، ان تي سدائين اولهه، اتر ۽ اوڀر کان حملا ٿيندا رهيا آهن. جيڪي ڪڏهن مغربين ۽ فرنگين جي نالي ۾، ڪڏهن قنڌارين ۽ افغانين جي نالي ۾ ۽ ڪڏهن ڀارتين ۽ برهمڻن جي نالي ۾ هئا. پر ڇاڪاڻ ته ڀٽو تاريخ جو شاگرد هو ۽ کيس خبر هئي ته تاريخ ۾ سنڌو ماٿريءَ جو ڏيهه انهن ڏسائن کان ڏنگبو رهيو آهي، تنهن ڪري، هن پنهنجي وطن جي خوشحاليءَ جو هڪ نئون ۽ اهو رستو اختيار ڪرڻ پئي چاهيو، جيڪو برهمڻن ۽ فرنگين جي تنگ نظر ۽ رنگ توڙي ڀنگ کان آزاد هجي ۽ جنهن ۾ مذهب يا نظرئي جي نالي ۾ ڪنهن به آمريت جي جاءِ نه هجي. شهيد ڀٽي، سنڌوماٿريءَ جي هن ملڪ ۾ غالبن زندگيءَ جو اهو دستور دهرائڻ ۽ متعارف ڪرائڻ پئي چاهيو، جنهن جو خاڪو سنڌوماٿريءَ جي موهن جي دڙي واري زماني جي تاريخ پڙهڻ کان پوءِ هن جي عالي دماغ ۾ اڀريو هو. سنڌوماٿريءَ جي ان سڀيتا ۾ جنگ ۽ غربت حرام هئي. خوشحالي عام هئي، محنت، صلاحيت ۽ هڪ ٻئي جي راءِ رکڻ يعني جمهوريت قابل احترام هئي، اتم کيتي ۽ وڌندڙ واپار جا اصول پروان چڙهيل هئا. سنڌوماٿريءَ جا اهي لوڪ ڏينهن جو اوڏن وانگي ڪمائيندا هئا ۽ سانجهيءَ جو بادشاهن وانگي سر ۽ سنگيت کي سرور ۾ اوتي ڳائيندا ۽ ملهائيندا هئا ۽ ان سڄي تهذيب ۾ ماءُ ديوتا جي حيثيت رکندي هئي.
شهيد ذوالفقار علي ڀٽو هن دکياري ديس جي عوام جي دردن کي سمجهندڙ اهو اڪيلو ماڻهو هو، جيڪو سنڌوماٿريءَ سوين سالن کان پوءِ پيدا ڪيو هو. هو سدائين ان سوچ ۽ جستجو ۾ رهندو هو ته هن ڏيهه مان ڏکن کي ڪيئن نيڪالي ڏجي ۽ مرجهايل ماڻهن جي منهن تي مرڪون ڪيئن موٽائجن؟
”ڪاٺيءَ جهڙي ٺوٺ سڪل جي منهن تي ماس وري،
ته منهنجو هيانءُ ٺري.“ (مير محمد پيرزادو)
شهيد ڀٽي جڏهن هن ملڪ جون واڳون سنڀاليون هيون، تڏهن پاڪستان نالي ماتر ملڪ هو. سياست، معيشت، انتظام ۽ اقتدار جو ڪوبه سڙهه سنئون نه هو. ذوالفقار علي ڀٽي ملڪي نظام جي هر شعبي کي جنگي بنياد تي بهتر ڪرڻ شروع ڪيو ۽ ان لاءِ رات ڏينهن هڪ ڪري محنت ڪئي. هو ارڙهن ارڙهن ڪلاڪ محنت ڪرڻ کان پوءِ، جڏهن سڄو لوڪ سمهي پوندو هو ته وري، پنهنجي سمهڻ واري ڪمري ۾ ڪتاب پڙهندو ۽ چار ڪلاڪ مَس سمهندو هو. ڪڏهن ڪڏهن هو سڄي رات نه سمهندو هو ۽ صبح جو جڏهن غريبن جي هجوم ۾ هلي ويندو هو ته ماڻهن جا مسئلا ٻڌي موقعي تي حڪم جاري ڪندو هو يعني ماڻهن جي دردن جي دوا ڪندو هو ته عوام هن جا هٿ چمڻ شروع ڪندو هو. عوام جي اها بي پناهه محبت، ڀٽي کي اوجاڳيل اکڙين جي جاڳيل جاڳيل خوابن جي تعبير وانگي لڳندي هئي. عوام جا هجوم هن تي موکيءَ جي مڌ جهڙو اثر ڇڏيندا هئا ۽ جڏهن هو ڇڇوري عوام جا ڇلڪندڙ نعرا ٻڌندو هو تڏهن هن جي عوامي نينهن جو نشو به چوٽيءَ چڙهندو هو ۽ پوءِ هو اهو ڪجهه ڳالهائيندو هو، جيڪو، هن وقت تائين هن ملڪ جو ٻيو ڪو به سياستدان نه ڳالهائي سگهيو آهي.
ڀٽي جي سياست جا اهي پڙلاءَ پاڙيسري برهمڻن ۽ پرڏيهي پرمارن کي پريشان ڪري وجهندا هئا ۽ ان سبب جي ڪري ئي، عالمي سياست جي حڪمرانن هن باغي بادشاهه کي هميشه لاءِ چپ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو. پنجن سالن جي مختصر عرصي ۾ شهيد ڀٽي رات ڏينهن ڪم ڪيو ۽ نه ڄاڻ ته ڇا ڇا ڪيو. هن ائٽمي پروگرام جو بنياد رکيو، بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ فرانس کان ائٽمي ري ايڪٽر ورتو، سوويت روس کان اسٽيل مل ورتي، بنيادي صنعتن جي 31 ادارن کي قومي ملڪيت ۾ ورتو. بئنڪن، انشورنس ڪمپنين، گيهه ۽ سامان ڍوئيندڙ جهازن کي قومي ملڪيت ۾ ورتو، غريبن جي تعليم لاءِ خانگي تعليمي ادارا سرڪاري تحويل ۾ آندا. پوليس ۽ مزدون جون پگهارون وڌايون، تعليم ۽ صحت جي پاليسين جا اعلان ٿيا، زرعي سڌارا متعارف ٿيا، رستن جا ڄار وڇايا، ميڊيڪل ڪاليجن جون سيٽون ۽ ادارا وڌايا ويا، مڊل تائين تعليم مفت ۽ لازمي قرار ڏني وئي، عدليا ۽ انتظاميا کي الڳ ڪيو ويو، قانوني سڌارا آندا ويا، تيل، گئس ۽ ٻين معدني ذخيرن کي ترقي ڏيارڻ لاءِ قدم کنيا ويا، نوان ٽي وي ۽ ريڊيو اسٽيشن قائم ڪيا ويا، شاگردن لاءِ ڀاڙي جي رعايت عام ڪئي وئي، يونيورسٽين جو تعداد وڌايو ويو، تعليم لاءِ بجيٽ وڌائي وئي، ٻاهرين ملڪن ۽ خاص ڪري عرب ملڪن ڏانهن روزگار لاءِ لکين ماڻهو موڪليا ويا ۽ سنڌ جي ماڻهن کي ڳوٺن مان ڪڍي وڏن شهرن ۽ ٻاهرين ملڪن ڏانهن موڪليو ويو، پر انهن سمورين خدمتن کان وڌيڪ شهيد ڀٽي جي اها خدمت آهي ته هن سياست تان چند خاندانن جي هڪ هٽي ختم ڪري، عام ماڻهوءَ لاءِ سياست ۽ حڪومت ۾ داخل ٿيڻ جا دروازا کوليا. هن ملڪ جي سياست تي برهمڻن جو درجو رکندڙ چند گهراڻن جو جيڪو قبضو هو، اهو شهيد ڀٽي جي دور ۾ ختم ٿيو ۽ هاڻي عام آدمي لاءِ سياست شجر ممنوعا نه رهي آهي.
نه رڳو ايترو پر شهيد ذوالفقار علي ڀٽي هن ملڪ اندر پارٽي جي بنياد تي سياست ڪرڻ جو رواج وڌو ۽ پيپلزپارٽي جي پليٽ فارم تان سياست جو اهڙو انداز متعارف ڪيو جو هاڻي ڀٽو هن ملڪ جي سياست جو معيار يا بينچ مارڪ آهي. ڀٽي کان پوءِ هر ايندڙ سياستدان جيڪو هن جو پوئلڳ هجي يا مخالف، اهو هن جو نقل ڪري ٿو. هن وانگي تقرير ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، هن وانگي عوام ۾ پيهي وڃڻ جي جستجو ڪري ٿو ۽ هن جهڙن سياسي داون پيچن کي کيڏڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. هن ملڪ ۾ اڄ جيڪا به سياست آهي اها ڀٽي جي چوڌاري ڦري ٿي ۽ ملڪ جي سياستدانن کي ٻن گروهن يعني ڀٽو دوست ۽ ڀٽو مخالف يا ”پرو ڀٽو ۽ اينٽي ڀٽو“ ۾ تقسيم ڪري ٿي. اهي مذهبي ۽ قوم پرست پارٽيون، جيڪي ڀٽي جي حڪومت ۽ سندس رت جون پياسيون بنجي ويون هيون ۽ جن ڀٽي جي حڪومت کي علائقائي ۽ عالمي پرمارن سان ڳٺ جوڙ ڪري ختم ڪرايو، اهي اڄ به ڀٽي جي قائم ڪيل سياسي معيارن تي سياست ڪن ٿيون، هو ڀٽي جي آئين، ڀٽي جي ائٽمي پروگرام، ڀٽي جي خارجا پاليسي، ڀٽي جي آمريڪا بابت پاليسيءَ کي ٽيهن سالن کان پوءِ مڃڻ ۽ ان جي پيروي ڪرڻ تي مجبور آهن.
شهيد ڀٽي نه رڳو سياست جا نوان انداز متعارف ڪرايا پر سياست جي مارڳ منجهه مرڻ جي به نئين ريت قائم ڪئي. گنگا جي ملڪ ۾ جمهوريت لاءِ نهرو خاندان به ڪافي قربانيون ڏنيون آهن پر سنڌوماٿريءَ جي ڀٽن جي ڀيٽ شايد ئي دنيا جي ڪنهن خاندان سان ڪري سگهجي. پاڪستان ته 14 آگسٽ 1947ع تي ٺهيو پر ڪجهه نالي ماتر شين کانسواءِ پاڪستان جون پاليسيون، ادارا، سياست، معيشت، صنعت، زراعت، تعليم، صحت گويا زندگيءَ جي هر شعبي جي نئين تشريح ۽ ترقي ڀٽي جي دور کان پوءِ شروع ٿي. تنهن ڪري جيڪڏهن ائين چئجي ته جيئن روم جي قديم سياست جولس سيزر کان اڳ ۽ پوءِ وارن دورن ۾ ورهايل آهي يا جيئن برطانيا جي جديد سياست وڪٽوريا دور کان اڳ ۽ پوءِ وارن زمانن ۾ تقسيم ٿيل آهي. بلڪل ائين پاڪستان جي سياست توڙي معيشت ڀٽي کان اڳ ۽ ڀٽي کان پوءِ وارن دورن ۾ ورهايل آهي.
ڀٽي هن ملڪ کي مجموعي طرح ۽ سنڌين کي خاص طرح جيڪو وڏي ترقيءَ جو ڇال ڏياريو، اڄ انهيءَ جي بدولت سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙ عوام ٻهراڙين مان نڪري شهرن ۽ پرڏيهن ۾ پهتو آهي، خوشحال ۽ آسودو ٿيو آهي ۽ ترقي جي نين منزلن تي رسيو آهي. نه رڳو سنڌ پر پاڪستان اڄ ترقي جي جنهن شاهراهه تي روان دوان آهي، ان جي پٺيان به شهيد ڀٽي جي اها اڻ ٿڪ فڪري، ذهني ۽ جسماني جستجو شامل آهي، جنهن هن حسين بادشاهه کي 49 سالن جي عمر ۾ ئي وقت کان اڳ ۽ عمر کان وڌيڪ پوڙهو ڪري ڇڏيو هو. ڀٽو دراصل هن پوئتي پيل ملڪ ۽ ان جي مسڪين ماڻهن جي هزارين سالا محرومين ۽ مجبورين جي انهن دردن جي دوا جو نالو آهي، جنهن جو رڳو نالو وٺڻ يعني ذوالفقار علي پڪارڻ سان سندن دردن جون دريون بند ٿي، بخت جا باب کلي پوندا آهن. ڀٽي جي سياست هن ملڪ جي مسڪين ماڻهن لاءِ ائين مبارڪ نانءُ آهي، جيئن قديم رومين لاءِ جينوس ديوتا ۽ هندن لاءِ گڻيش ڀڳوان جو وجود آهي. سنڌ جي عظيم دانشور ۽ محقق ڪاڪي ڀيرو مل پنهنجي آفاقي تحرير ”قديم سنڌ“ ۾ ڄاڻايو آهي ته هندن جو گڻيش ۽ رومن جي جينوس هڪ ئي ديوتا آهن. قديم رومي توڙي هندو ڪوبه ڪم شروع ڪرڻ کان اڳ جينوس ۽ گڻيش جو نالو ڳنهيندا آهن، قديم رومي لوڪن پوءِ جينوس ديوتا جو نالو پهرئين مهيني يعني جنوري تي رکيو. عجيب اتفاق آهي ته ڀٽي جو جنم به 5 جنوري تي ٿيو آهي.
(5 جنوري 2010ع تي نشر ٿيل)