سنڌ جي مورن جي مالڪي ڪير ڪندو؟
چون ٿا ته مور پکيءَ کي ٿرن ۽ ٿوهرن ۾ رهندي ڏهاڪو هزار سالن کان به مٿي جو عرصو گذري چڪو آهي. اڄ کان ڏهه هزار سال اڳي،جڏهن سرسوتي ندي، ٿر ۽ راجستان جي پٽن مان پالوٽ ڪندي پاري ننگر وٽان وڃي سمونڊ ۾ ساهه پٽيندي هئي، تڏهن ٿر ۽ راجستان جا ميدان، جنت نظير وادين جيان وڻندڙ هئا. ڏند ڪٿا ۾ته اهو به آيو آهي ته سنڌو ۽ سرسوتيءَ جي وچ واري ان زمين جي زرخيزي ڏسي ايران جي آس پاس کان ايندڙ آرين کي ڏندن ۾ آڱريون اچي ويون هيون ۽ انهن آرين، سنڌو ۽ سرسو تي جي وچ واري پرڳڻي کي ديوتائن جو ديس سمجهيو هو ۽ پوءِ اتي ئي هنن جي ذهنن ۾ اها زرخيزي پيدا ٿي، جنهن مان دنيا جي قديم ترين ويدن جي تخليق ٿي.
جاگرافيائي ماهر چون ٿا ته ڇهه هزار سال اڳ زلزلن سبب آيل زميني ڦيرين گيرين سبب سرسوتي جا وهڪرا تبديل ٿي ويا ۽ ان جو پيٽ خشڪ ٿي ويو جنهن کانپوءِ راجستان ۽ ٿر وارو علائقو رڃ ۽ سڃ ۾ تبديل ٿي ويو. هندو ڏند ڪٿا ۾ آهي ته سرسوتي ندي، زمين جي هيٺان هلي وئي آهي. ڳالهه ڪيئن به هجي پر اهي مور پکي، جيڪي سرسوتي جي سرسبز ڪنارن تي پنهنجا پر پکيڙي ٽهوڪن جو راڳ ڳائيندا هئا، اهي ڇهه هزار سال گذري وڃڻ باوجود انهن ئي پٽن ۾ رهن ٿا جيڪي پٽ اڄ سرسبز ميدانن بجاءِ ويران ريگستانن ۾ تبديل ٿي ويا آهن. ممڪن آهي ته ٿر جي مورن جي من ۾ اها آس پيڙهين جي سيڙهين ذريعي اڃان به سانڍيل هجي ته سرسوتي هڪ ڏينهن هنن ڀٽن ۾ پنهنجو پاڻ ظاهر ڪندي ۽ ڀٽن جو وڃايل حسن هڪ ڀيرو ٻيهر بحال ٿيندو.
مور پکي سرسوتي واري زماني جي سنڌو ماٿري ۾ سونهن ۽ سوڀيا جي سڃاڻپ رهيو آهي. سنڌي ٻوليءِ ۾ مور جو لفظ اهڙو ته مروج ٿي ويو آهي جو ماڻهو هن پکيءَ کي ملوڪائپ جي معيار طور ڪم آڻيندا آهن. ” مڙس به آهين مور“ ”صفا مور ٿو لڳين“ جهڙا ڪيئي اصطلاح ٻڌائين ٿا ته سنڌيءَ ۾ مور سونهن ۽ ملوڪائپ جي معنيٰ رکي ٿو. هندو مذهب ۾ مور جو تعلق سرسوتي ديويءَ سان ڏيکاريو ويو آهي، ۽ وڌيڪ اهو ته مور جو پرُ ڪرشن ڀڳوان جي تاج ۾ ڏيکاريل آهي. رڳو ايترو ئي نه پر مور ڪليسا ۾ شاهاڻي زندگيءَ جي علامت، تخت طائوس جي عقيدي ۽ ايمان جي علامت ۽ قديم بابل ۽ ايران جي حڪومتن ۾ بادشاهت جي حفاظت جي علامت طور پڻ ڄاڻايل آهي. چون ٿا ته 327 قبل مسيح ۾ جڏهن سڪندر اعظم سنڌو ماٿري تي ڪاهي آيو هو ته کيس سنڌ جي جن ٻن شين سڀ کان وڌيڪ متاثر ڪيو هو، انهن ۾ هڪڙا سنڌ جا صوفي ۽ ٻيا سنڌ جا مور هئا. انهن صوفين مان ڪالانس نالي صوفيءَ کي هو پاڻ سان وٺي ويو هو ۽ مورن کي وري سڪندر اعظم پنهنجي ماءُ ڏانهن ڏياري موڪليو هو. سڪندر اعظم جي ماءُ سنڌو ماٿري جا مور ڏسي امالڪ چيو هو ته”جنهن ديس جا پکي ايترا سهڻا آهن، ان ديس جا ماڻهو ڪيڏا نه سهڻا هوندا؟ “ سڪندر سان گڏ سندس ويجهو جرنيل (جنرل) ٽالمي به سنڌ مان ڪيترائي جانور ۽ پکي کڻائي مصر ويو هو، جتي هن مورن تي خاص ڌيان ڏنو هو.
سرسوتي جي زماني کان اڄ تائين مور نه رڳو سونهن ۽ سوڀيا جي نشاني رهيا آهن، پر ڄڻ ته عقيدي ۽ پاڪيزگيءَ جي علامت به رهيا آهن. اهوئي سبب آهي جو دنيا جي ذري گهٽ سمورن عقيدن جي مقدس جاين ۽ ڪتابن ۾ مور جا پر سونهن سرس ڪندي نظر ايندا آهن. مور پکي پالڻ وارو اهو شوق جيڪو سڪندر اعظم جي جرنيل ٽالمي مصر ۾ جاري رکيو، اهو ساڳيو ذوق سنڌ جا ڪيترائي باذوق ماڻهو هزارين سالن کان ڪندي نظر اچن ٿا ۽ سنڌ ۾ اڄ به سوين اوطاقون، فارم هائوس يا گهر اهڙا آهن جتي هن مور يا ملوڪ پکيءَ کي مهمان جيان تاتيو ۽ ترسايو وڃي ٿو. سنڌ جي فڪري امام شاهه عبدالطيف ڀٽائيءَ پڻ مور کي ملوڪ ۽ معتبر پکي طور ياد ڪيو آهي،
ويا مور مري- هنج نه رهيو هيڪڙو
انهن آکيرن تي- ويٺا چٻ چڙهي
وطن ٿيو وري- ڪوڙن ڪانگيرن جو
سرسوتي جي سڪي وڃڻ کي اڄ ڇهه هزار سالن کان جو وڌيڪ عرصو گذري چڪو آهي ۽ ان وچ ۾ ٿر ۽ راجستان جا رستا ويران بيابانن ۾ تبديل ٿي ويا آهن، پر پوءِ به هن سخن پرور پنڇيءَ ڏک ۽ ڏڪار ڏسي پنهنجو ديس تبديل نه ڪيو آهي ۽ پنهنجي ٽهوڪن جي موسيقي ترڪ نه ڪئي آهي. اهي مور جيڪي سرسوتي جي ساون پنن جي مٺن ميون تي پلبا هئا، اهي اڄ ڪلهه ڪارونجهر جي ڪنڪرين ۽ ٿر جي ٿوهرن سان پنهنجو پيٽ ڀري ته گذر ڪن ٿا پر پنهنجي لات کي جهڪو ٿيڻ نه ٿا ڏين.
”اسين گرورا مورلا. ڪنڪر پيٽ ڀرون
مند آئي نه ٻولون. هنيئڙي ڦاٽ مرون“
(ترجمو اسان گرڙا مور پنهنجو پيٽ پٿرين سان ڀريون ٿا، پر جي ڪڏهن مند اچڻ تي نه ٻوليون ته اسان جو پيٽ ڦاٽي پوي ۽ مري وڃون)
پٿر کائي پيٽ ڀرڻ وارا، پنهنجي اصلوڪي ديس کي نه ڇڏڻ وارا، پنهنجي ڏات ۽ لات کي سدائين اوچو رکڻ وارا اهي سونهن ورنا مور اڄ ڪلهه سنڌ ۾ موت جي منهن ۾ آهن، پر انهن کي بچائڻ وارو ڪو نه بچيو آهي. سنڌ سرڪار جي جهنگلي جيوت کاتي جي پت ته پهرئين ڏينهن وائکي ٿي پئي، پر ڪيڏانهن ويا آهن w w f وارا ؟ ڪٿي آهن ٿر ۾ ڪم ڪندڙ اهي اين جي اوز جن ٿر جي بک ۽ بدحالي تي پنهنجي پيٽن جي بک لاهي رڳو پنهنجي گهرن ۾ خوشحالي آندي آهي؟ ڪٿي آهن ٿر ۾ ديپ جلائڻ جون دعويٰ ڪندڙ اهي اين جي اوز جيڪي هن اونداهي ديس ۾ انڌوڪار پکيڙڻ ۾ ڄڻ پيشيور لڳن ٿيون؟ ڪٿي آهن ڳجهن، جهرڪين، ڪانون ۽ ڪُونهن (پاڏن) جي نسل بچائڻ جي نالي ۾ پنهنجي پيٽن جا نانگ پالڻ واريون اهي اين جي اوز جيڪي هن وقت تائين ڪروڙين رپين جا فنڊ ڪافور ڪري چڪيون آهن.
ڇا اسين مور پکين جي موت تي رڳو ماتم ڪري، انهن لاءِ تعزيتن جا تڏا وڇائي، مور جي ڳايل ٽهوڪن جي موسيقيءِ جو قرض يا مور جي عطا ڪيل سونهن جي رڳو مسواڙ به ادا ڪري سگهون ٿا؟ ڇا اها دعويٰ ڪجي ته جيئن چيو ويندو آهي ته ڍڳي جي سڱ تي دنيا بيٺل آهي بلڪل ائين مور جي پرن جي ڇانو ۾هن سنسار جي سونهن آرامي آهي؟ سرسوتي جي زماني کان اڄ جي ڊجيٽل دور تائين، مور جي سهڻن پرن جي ڇانو ۽ ان جا رنگ اڄ دنيا جي هر ڪنڊ ۽ هر کنڊ ۾ پکڙيل آهن. مور جو هڪڙو پَرُ سرسوتي جي دور سان ڳنڍيل آهي ۽ مور جو ٻيو پَرُ اڄ سيٽلائيٽ چينلن سان جڙيل آهي. آمريڪا جي N B C ٽي وي چينل جو لوگو 1956 ۾ مور جي پکڙيل پرن ۽ رنگن تي ٺاهيو ويو ۽ پوءِ پاڪستان جي سرڪاري ٽيلي ويزن P T V جو لوگو به مور جي پرن پويان ٺاهيو ويو. ڏسو مور ڪيڏو نه ملوڪ ۽ مقبول پکي آهي ۽ اسين سندن بچاءُ ۾ ڪيل غفلت جو ڪيڏو نه وڏو ڏوهه پيا ڪيون. اسان جي ادارن جي چوٽيءَ تي پهتل ڪرپشن ۽ نااهلي مور جي مستقل موت جو سبب بڻجي رهي آهي. ڇا اسان جي ملڪ ۽ سماج ۾ عروج تي پهتل ڪرپشن سنڌي ماڻهن وانگي، سنڌ جي پکين ۽ ٻي جيوت کي به ناس ڪندي رهندي ۽ اسين سڀ ان کي خاموشيءَ سان ڏسندا رهنداسين ؟؟؟ اهو سوچڻ جو سوال آهي.
(جولاءِ 2012 ۾ نشر ٿيل)