تاريخ، فلسفو ۽ سياست

سنڌ ھڪ درد ڪھاڻي آھي

ڪتاب ۾ شامل ڪيل  هي ڊاڪيومينٽريز سنڌ جي هڪ جيئري جاڳندي ۽ ڳالهائيندڙ ٻولهائيندڙ تاريخ آهن. ايندڙ دور ۾ جڏهن تاريخ ڪتابن جي قرطاس مان نڪري واريءَ جي ذرڙن واري چپس تي هميشه لاءِ منتقل ٿيندي ته ان وقت هي ڊاڪيومينٽريز سنڌ جي تاريخ جو هڪ املهه ۽ محقق ماخذ بڻبيون. منظور سولنگي پنهنجي دور جو هڪ ليجنڊ ليکڪ ۽ ڏاهو ڏات ڌڻي آهي، هُن جي کرائي ۽ بي غرضي ڪنهن کي پسند نه به هجي پر هُن جي سنڌ سان غيرمشروط محبت، فدائيت ۽ جاکوڙ تي ڪي به ٻه رايا ناهن رهيا. هن سڄي زندگي هڪ کاهوڙي Activist جي حيثيت ۾ گذاري آهي. سنڌ جي اديبن، دانشورن ۽ ليکڪن پاران سنڌ جي وحدت ۽ ان جي اشوز تي آواز ۽ جاڳرتا اٿارڻ واري ويڙهه ۾ هو سدائين پهرين جوڙ جو ملهه رهيو آهي.

Title Cover of book سنڌ ھڪ درد ڪھاڻي آھي

ڄام نظام الدين عرف ڄام نندي جو ڏهاڙو

سنڌ جي تاريخ جي عظيم ۽ عادل بادشاهه ڄام نظام الدين سمي کي سندس وفات کان 500 سال پوءِ، سماذات جي ماڻهن ياد ڪري، سنڌواسين ۽ سنڌ جي شعور وند قوم پرستن ۽ محب وطنن کي ميار ڏيڻ واري انداز ۾ ياد ڪرايو آهي ته توهان کان سنڌ جا هي سورما ڪيئن ٿا وسرن؟
ڄام نظام الدين عرف ڄام نندي جو عرس مڪليءَ جي انهيءَ ڪنڊ ۾ ٿيو، جتي سنڌ جو هي سلطان ابدي آرام ۾ آهي. مڪليءَ جو قبرستان، ان معنيٰ ۾ هڪ دنيا لڳندو آهي. جٿي سنڌ جي تاريخ جا هزارين حاڪم، وزير، ڪبير ۽ ايلچي مڪليءَ جي پٿر جي چادر چاڙهيو ستا پيا آهن. ڄام نظام الدين مڪليءَ جي ان قديم قبرستان جي اتر ۽ اوڀر واري ڪنڊ ۾ مائي مڪليءَ جي قبر جي ڀرسان پنهنجي مقبري ۾ آرامي آهي. ڄام نظام الدين سمي جو مقبرو جيتوڻيڪ عمارت سازيءَ جي اڏاوت ۽ مهارت جو هڪ اعليٰ نمونو آهي پر تمام گهٽ ماڻهن کي خبر آهي ته ڄام نظام الدين اولياءَ جي مزار جي چوڌاري رڳو ڀتيون تعمير ٿيل آهن ۽ ان مٿان ڪوبه مقبرو ڇو ٺهيل نه آهي؟ چون ٿا ته قدرت جي حسين نظارن کي ڏسڻ جي هن هيراڪ حاڪم، وصيعت ڪئي هئي ته مرڻ کان پوءِ سندس قبر مٿان ڪوبه مقبرو نه اڏايو وڃي ته جيئن آسمانن مان ڪرندڙ تازي ماڪ، سندس مزار تي سدائين وسندي رهي. ممڪن آهي ته دنيا ۾ ان ذوق جا ٻيا به ڪي اهڙا ماڻهو هجن، جيڪي مرڻ کانپوءِ به فطرت جي نظارن تان فدا ٿيڻ جا تمنائي هجن پر سنڌ ۾ ڄام نظام الدين سمي وانگي پنجاب جي مشهور عشقيا داستان واري جوڙي هير رانجهي به اهائي تمنا ڪئي هئي ته سندن مزار مٿان ڪوبه مقبرو نه اڏايو وڃي ته جيئن سندن قبرن مٿان سدائين ماڪ وسندي رهي. پنجاب جي جهنگ شهر سان لڳولڳ چناب نديءَ جي ڪناري تي اڄ به هير ۽ رانجهي جي اها مزار موجود آهي جنهن جي ٻاهران ”مائي هير- ميان رانجها“ جي تختي لڳل آهي. اتي جي ماڻهن جو چوڻ آهي ته هير ۽ رانجهي جي قبرن جي جوڙي مٿان ڪيترائي ڀيرا مقبرو اڏڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي پر سدائين اهو مقبرو ڪري پوي ٿو.
ڄام نظام الدين عرف ڄام نندو سنڌ جي تاريخ جو اهو سڀاڳو ۽ سٻاجهو حاڪم هو، جنهن کي ”سما ڄام سلطان“ چوندي ان وقت به ۽ اڄ به ماڻهوءَ جي دل ٺري ٿي.
ڄام نظام الدين سمي سنڌ تي 48 سال حڪومت ڪئي ۽ سندس وفات جو سال 1508 عيسوي سن آهي. سنڌ جي تاريخ ۾ ڄام نظام الدين جي دور کي امن ۽ خوشحالي جي عظيم دور طور ياد ڪيو وڃي ٿو، جيتوڻيڪ ڄام نظام جي حڪومت وقت سنڌ جي ڀرپاسي وارن ملڪن ۽ پرڳڻن تي به موچارا حاڪم حڪومتون ڪندا هئا پر ڄام نظام انهن سمورن جو سرتاج حڪمران سونهندو ۽ محسوس ٿيندو هو. سنڌ جي ڪيترن ئي شاعرن سنڌ ۾ ڄام نظام الدين سمي جي دور واري خوشحالي ٻيهر موٽي اچڻ جي تمنا ڪئي آهي. سندن ذهانت، ديانت ۽ شرافت جا ڪيترائي قصا مشهور آهن ۽ انهن مان ڪجهه ته ضرب المثل يعني بار بار مثال طور پيش ڪيا ويندا آهن.
ڄام نظام الدين سنڌ ۾ انوقت حاڪم ٿيو، جڏهن يورپ اندروني طرح نئين سجاڳيءَ جي دور ۾ داخل ٿي رهيو هو، ۽ دنيا جي ٻين کنڊن لاءِ يورپ هڪ قبضي مافيا طور اُڀري رهيو هو. سورهين صديءَ جي شروعاتي سالن ۾ جڏهن يورپ جا حاڪم سڄي دنيا ۾ گهوڙا ڊوڙائي ماڻهن کي قتل ڪري ۽ ملڪن تي قبضا ڪندا هئا تڏهن ڄام نظام الدين پنهنجي ڪڙهه ۾ بيٺل گهوڙن جي پٺين تي هٿ رکي گهوڙن کي هيئن مخاطب ٿيندو هو ته ”خدا نه ڪري ته مان ڪڏهن به ناحق جنگ وڙهڻ لاءِ توهان تي سواري ڪيان، شال ڪنهن بي گناهه جو منهنجي هٿان ڪو رت نه وهي.“ رڳو ايترو ئي نه پر ڄام نظام الدين سمون، اعليٰ حاڪماڻين خوبين جو مالڪ هو. هڪ لاوارث پر اڙٻنگ نينگر ۾ ڄام نظام جڏهن سٺا گڻ ڏٺا ته هن کيس پنهنجي فوجن جو سپهه سالار ۽ وزيراعظم مقرر ڪيو، ان سپهه سالار جو نالو دولهه دريا خان لاشاري آهي. دولهه دريا خان جي چونڊ ڄام نظام الدين جي انسان شناس اک جو ڪمال آهي.
ڄام نظام الدين جي دور ۾ سندس صلاحيتن ۽ سخاوتن جو چرچو عام جام هو تنهن ڪري ڪنهن به ڀرواري حاڪم کي اها جرئت نه هئي ته هو ڄام نظام جي ملڪ سنڌ تي حملو ڪري.
ذاتي شرافت ۽ پرهيزگاريءَ ۾ ڄام نظام جي شخصيت جو اهو ڪمال هو ته هو سدائين وضوءَ ۾ رهندو هو. سندس دور جي مشهور بزرگن قاضي عبدالله ۽ سيد مراد شاهه شيرازيءَ جون جنازي نمازون پڻ ڄام نظام الدين پڙهايون هيون، ڇاڪاڻ ته انهن بزرگن وصيعت ڪئي هئي ته سندن جنازي نماز اهو شخص پڙهائي جيڪو ڪڏهن به بنا وضوءَ جي نه رهيو هجي.
ڄام نظام الدين جهڙي مثالي حڪمران کي اڄ سنڌ ۾ ڪير به ياد نه ٿو ڪري. اسان جون سياسي پارٽيون رڳو پنهنجي پارٽي اڳواڻن جا ڏينهن، سالگرهه يا ورسيون ملهائن ٿيون. نتيجي طور دولهه دريا خان جي ورسي لاشاري تنظيم ملهائي ٿي، دودي سومري ۽ شهيد هوش محمد عرف هوشو شيديءَ جا ڏهاڙا وري سومرا تنظيم يا شيدين جي تنظيم ملهائي ٿي. يقينن آل سنڌ سما ويلفيئر ايسوسيئيشن پنهنجي ان ڪوشش تي جس لهڻي، جنهن جي اڳواڻن غلام رسول سمي، حاجي هاشم سمي، ايڊووڪيٽ محمد اشرف سمي، گل محمد سمي ۽ وڏيري احمد سمي، پنهنجي هڙان وڙان خرچ ڪري، ڄام نظام الدين سمي جو عرس ۽ ميلو لڳرايو.

(نومبر 2008ع ۾ نشر ٿيل)