ڀٽن ڇا ٿي چاهيو؟
ها ! ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽي ۽ سندس واديءَ مهراڻ جي شهيد راڻي ڌيءُ محترما بينظير ڀٽو هن ڏکويل واديءَ جي نپوڙيل ماڻهن جي منهن تي مرڪون موٽائڻ ۽ سندن ڳلن تان ڳڙندڙ ڳوڙهن کي گهٽائڻ لاءِ ساهه جي آخري پساهه تائين اڻٿڪ ڪوشش ڪئي ۽ سندن انهن ڪوششن جي ڪري هن ملڪ جي وساريل ماڻهن مٿان ڏکن ۽ بکن جا ڪجهه پاڇا به لٿا، پر اها وري هڪ ٻي درد ڪهاڻي آهي ته موهن جي دڙي جي واديءِ جي ماڻهن جَي جن ڏکن جي ڳالهه ڀٽي ڪئي هئي، انهن ڏکن جي ڳوڙهن ۾ هاڻي ڀٽي خاندان جي المين جا ڳوڙها به شامل ٿي ويا آهن ۽ هي ڏکويل ڏيهه هر گذرندڙ ڏينهن کان پوءِ ويتر ڏُکارو ٿي رهيو آهي.
اهو هن ملڪ جي مسڪين ماڻهن جو الميو آهي ته هنن کي ٻه طرفا ڏک مليا آهن. هڪڙا اُهي ڏک جن سان هو صدين کان سلهاڙيل آهن ۽ ٻيا وري اُهي ڏک جيڪي هنن کي سندن درد ڪشا رهبرن جي قتل جي صورت ۾ مليا.
”سرجيس ته سور - سامائيس ته سک ويا
اهي ٻئي پور - مون نماڻي نصيب ٿيا“
پر آخر اهي ڪهڙا سبب هئا جن جي ڪري ذوالفقار علي ڀٽي، سندس ٻن پٽن ۽ سندس راڄ ڌياڻي ڌيءَ کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو ؟! ۽ ائين ٿو لڳي ته هر دور جي رهزنن جي راهه ۾ ڀٽا رهبر ٿي اڳيان آيا آهن ۽ پوءِ هر ڀٽي کي چونڊي چونڊي ماريو ويو آهي.
شهيد ڀٽي پنهنجي آخري ڪتاب “ جيڪڏهن مونکي قتل ڪيو ويو ” ۾ عوام مٿان مڙهيل حاڪمن کي برهمڻن جو نالو ڏنو آهي ۽ اها به حقيقت آهي ته ڏکڻ ايشيا جي المياتي توڙي طبقاتي تاريخ جا اڏيندڙ اهي برهمڻ آهن، جيڪي پهريائين ڌرم ۽ پوءِ سياست جي نالي ۾ هزارها سالن کان گنگا ۽ مهراڻ جي وادي جي ماڻهن مٿان مسلط ٿيل آهن ۽ هنن برهمڻن پنهنجي جسماني طاقت ۽ ذهني چالاڪي ذريعي هن اونداهي کنڊ جي ڪروڙين ماڻهن جي وسيلن کي هڙپ ڪري، کين ڦري ۽ فقير بڻائي ڇڏيو آهي
”جهه سي لوڙائو ٿيا، جنين سندي ڌير
ته ماروئڙا فقير، ڪنهن در ڏيندا دانهڙي ؟“
انهن پنڊتن نه رڳو هتان جي ماڻهن کي غريب ۽ فقير بڻايو پر کين اهو احساس پڻ ڏياريو ته غربت هڪ سٺي شيءِ آهي جيڪا سندن مقدر آهي. ذوالفقار علي ڀٽو برِصغير جي اولاهين ڪنڊ جو اهو پهريون ماڻهو هو جنهن مڪاريءَ جي ان سياست کي سڃاتو ۽ رهبري جي پوشاڪ ويڙهيل انهن رهزنن جا چوغا چاڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. اياز ڪيڏو نه سچ چيو آهي
”ڪوئي آهي ؟ ڪوئي آهي ؟ جيڪو سچ چوي
ڏينهن ڏٺي جو هن ڏانئڻ تان، جيڪو پردو لاهي
سانگ سياست جا سمجهائي،ٺاهه ٺڳي جا ڊاهي
ڪوئي آهي جيڪو سچ چوي؟“
ڇا ائين نه چئجي ته ذوالفقار علي ڀٽي ۽ سندس شهزادي ڌيءَ پاڪستان مان غربت جي اونداهي کي ختم ڪرڻ پئي چاهيو ۽ ڪشمير کان ڪيٽي بندر تائين پکڙيل موهن جي دڙي واري مهراڻ جي وادي جي غريب بڻايل لوڪن جي هزارها سالن جي تاريخ تبديل ڪرڻ پئي چاهي؟ ها ائين ئي هو، بلڪل ائين ئي هو.
موهن جي دڙي جي تهذيب جي تباهي کي ساڍا ٽي هزار سال گذريا آهن ۽ جڏهن کان هي اربيلي تهذيب پوياري ٿي آهي تڏهن کان ئي هن جا باشندا ڏکارا ٿيا آهن. موهن جي دڙي جي ناچڻي جنهن جي ٻانهن ۾ ڪلهي کان ڪلائي تائين آج جو چوڙيون پاتل هيون، اڄ اها ٻانهياري عورت ڪم ذات سمجهي وڃي ٿي. ڀيلڻ ۽ ڪولهڻ سڏجي ٿي. ذوالفقار علي ڀٽي جيڪو خواب ڏٺو هو ۽ سندس بختاور ڌيءَ محترما بينظير ڀٽو ان ڇڏيل خواب جو جيڪو علم اوچو ڪيو هو اُهو اِهوئي هو ته هن ملڪ جي هزارين سالن جي رواج کي الٽ، پلٽ ڪرڻو آهي.شهيد ڀٽي هڪڙي هنڌ لکيو آهي ته برِ صغير ۾ عوامي تحريڪون اشوڪ اعظم جي دور کان ئي هلندڙ هيون. پر اُهي ڪهڙيون تحريڪون هيون ؟ جيڪي اڍائي هزار سال اڳ اشوڪِ اعظم جي دور ۾ به زندهه هيون. اچو ته ان تي ٿوري نظر وجهون.
عالمن ۽ اڪابرن جو خيال آهي ته گوتم ٻُد جو نظريو، برِ صغير جي برهمڻن جي بڻايل اوچ نيچ واري نظام جي خلاف پهريون آواز هو. پر ان وقت جي سياست مذهب ۾ لڪل هئي تنهن ڪري گوتم جي تحريڪ به مذهبي نظر اچي ٿي. گوتم کان پوءِ ڀڳتن ۽ ڀڪشن جون راڄ ڀڳتيون ۽ عوامي منڊليون به اوچ نيچ جي خلاف هڪ منتشر آواز هيون. سوامي ديا نند سرسوتي جي آريا سماج واري تحريڪ پڻ اوچ نيچ خلاف هڪ وڏو آواز ٿي اُڀري هئي. انهن ئي تحريڪن جي تسلسل طور، جواهر لال نهرو پاڻ کي هندستان جو سوشلسٽ اڳواڻ ڪوٺايو هو. ها اِها ئي اُها اوچ نيچ هئي جنهن ذوالفقار علي ڀٽي کي سڀ کان وڌيڪ متاثر ڪيو هو ۽ هِن اهو وچن ڪيو هو ته هن ملڪ جي غريب جي قسمت جي تبديلي سندس منزلِ مقصود آهي. پنهنجي مقصد يا مشن کي پورو ڪرڻ لاءِ شهيد ڀٽي کي صرف 10 سال مليا. 1967ع ۾ هن پارٽي ٺاهڻ جي شروعات ڪئي ۽ 1977 ع ۾ هن جو تختو اونڌو ڪري کيس گرفتار ڪيو ويو ۽ پوءِ ڦاهي تي چاڙهيو ويو. پر سندس اوچي ڪيل هن علم کي سندس شهزادي ڌيءَ محترما بينظير ڀٽو 30 سالن تائين ايستائين اوچو رکيو جيستائين کيس پنهنجي پيءُ جهڙو نه بڻايو ويو.
ڀٽي ڪڏهن به ڀٽي هجڻ ته فخر محسوس نه ڪيو هو. ڇاڪاڻ ته سڄي ملڪ جي محڪوم ماڻهن کي ڀٽي جي ذات تي فخر هو. ڀٽي ڪڏهن به پاڻ کي سردار نه سڏرايو ڇو ته هو هن ملڪ جي انهن ڪروڙين غريبن جي محروم خوابن ۽ سڪاڻل روحن جو به سردار هو جن جي ذاتين جي به هن کي خبر نه هئي. ماڻهو جڏهن هن کي ائين چوندا هئا ته ڀٽا صاحب، توتان اسان جا ٻچا به قربان آهن، يا جڏهن کيس ائين چوندا هئا ته اسان مرشد کي نه پر توکي ووٽ ڏينداسين، ڇو ته هاڻي تون اسان جو مرشد آهين ته هن جي اندر مان خوشيون اُٻري ٻاهر نڪرنديون هيون ۽ هن جون اکيون ۽ نِڙي آليون ٿي پونديون هيون ۽ پوءِ ڀٽو ڳالهائي نه سگهندو هو. ڀٽي جي تقريرن جي روانيءَ ۾ اهڙا عوامي احساس چلولن ٻارن وانگي لڙڪي پوندا هئا ۽ پوءِ هو ڪڏهن ڪڏهن هٻڪي پوندو هو. پنهنجي آخري ڪتاب ۾ هو لکي ٿو ته ”مان عطاءَ الله شاهه بخاري جهڙي تقريرجو فن نٿو ڄاڻان. هو تقرير جي فن جو بيشڪ ماهر آهي پر پوءِ به ماڻهو هن جهڙن تقرير بازن کي ووٽ نٿا ڏين. منھنجي اردو ڀڳل ٽٽل آھي پر پوءِ به ماڻھون مون کي ووٽ ٿا ڏين.ڇاڪاڻ ته ماڻھون به منھنجي اردو وانگي ڀڳل ٽٽل آھن. مون ھنن جون دليون کٽيون آھن مون ھنن جي اعتماد کي ڌڪ نه پٽيو آھي ۽ اڄ به جڏھن مان راولپنڊي جي جيل جي ھڪ ڪال ڪوٺڙي ۾ موت جو منتظر آھيان تڏھن مان انھن ڀڳل ٽٽل ماڻھن سا ن ويساھه گهاتي نه ڪندس. جيڪڏھن ڪنھن کي ايتري وقت گذرڻ کان پوءِ به ھنن جي ويساھه جو ڪو امتحان وٺڻو آھي ته ووٽ ڪرائي ڏسي ۽ پوءِ ڏسو ته مون ھنن سان ويساھه گهاتي ڪئي آھي يا ھنن کي اعتماد جي عظيم چوٽين تي پھچايو آھي.”
جيئن ھن ملڪ جي مسڪين ماڻھن جي قسمت بدلائڻ ڀٽي ۽ سندس شھيد ڌيءُ جو خواب ھو. بلڪل ائين ئي ڀٽو ۽ سندس شھزادي ڌيءُ پڻ ھن غريب ملڪ جي ماڻھن جو خواب ھئا.
“رُڪي نه جو، جھڪي نه جو، مٽي نه جو، دبي نه جو - ھم وه انقلاب ھين، ظلم ڪا جواب ھين، ھر غريب ھر شھيد ڪا ھمين تو خواب ھين.“
شھيد ڀٽو جو دور ھڪ مختصر دور ھو پر پوءِ پنھنجي پي ءُ جي ورثي کي سندس وڏور ڌيءُ اھڙي ته مانائتي ۽ مڻيادار نموني اڳتي وڌايو جو ھن ملڪ جا سڀ ماڻھون اھو ويساھه ڪرڻ لڳا ھئا ته بينظير ڀٽو ئي ھن ملڪ جي مسئلن جي راھهِ نجات آھي.
ھو ذھين پي جي فھيم ڌيءُ ھئي. ھوءِ بخت جي ميزبان ھئي ۽ ھوءَ سگهه جو سرچشمو پڻ ھئي. ھن جي سياست جا گُر ڪنھن عظيم رھنماءُ جو ڏيک ڏيندا ھئا ۽ ھن جو بختاور وجود آسمان مان نازل ٿيندڙ منوسلوا جھڙي روزي لڳندو ھو ۽ ھن جون تقريرون ماڻھن ۾ سگهه جي سور ڦوڪي ڇڏينديون ھيون. ھن کي مھراڻ جي وادي جا لوڪ پنھنجي حياتي جي اھڙي ٽمورتي سمجھندا ھئا جھڙا گنگا ۽ جمنا جا لوڪ سرسوتي، لڪشمي ۽ ڪالي ماتا کي سمجھندا آھن.
جيئن ڀٽائي جا فقير چوندا آھن ته اسين لطيف جي لب مبارڪ مان پيدا ٿيا آھيون، بلڪل ائين ڀٽو به چوندو ھو ته مان ماڻھن مان پيدا ٿيو آھيان. ڪال ڪوٺڙي مان لکيل پنهنجي آخري ڪتاب ۾هو ھڪ ھنڌ لکي ٿو ته “ مان عوام جي تخليق آھيان.” تخليق جو ھي تصور صرف ڀٽي جھڙو ماڻھو ئي ڏئي سگھي ٿو.
لاڙڪاڻي جي سردار ۽ زميندار گھراڻي مان صدين جو ڳوھيل، موهن جي دڙي جي مٽيءَ جو ھي ماڻھون موئن جي دڙي مان ڌڪاريل دراوڙن لوڪن تائين پڻ پھتو ھو. پنھنجي آخري تحرير ۾ ھو لکي ٿو ته ”مان ڀنگين جي جُڳھين تائين پھتو آھيان. مان نادار ماڻھن جي ڪکاون گھرن تائين رسيو آھيان. مان ھر گھر ۾ ڳالھايو ويندڙ لفظ آھيان ۽ مان ھر ٽمندڙ ڇت جي ھيٺان موجود آھيان .“ حيدرآباد جي ٻاھران ڄامشورو روڊ تي ڪولھين جو اھو پڪو ڳوٺ اڄ به موجود آھي جيڪو شھيد ڀٽي پکن ۾ رھندڙ ڪولھين کي ٺھرائي ڏنو ھو.
موهن جي دڙي جي تھذيب اُجڙڻ کان پوءِ جيئن ئي بر صغير برھمڻن جي قبضي ھيٺ آيو.
تڏھن کان نه رڳو برھمڻن جي طاقت پر انھن جو علم پڻ ھن ملڪ جي مظلوم ماڻھن خلاف استمعال ٿيو آھي.
”علم جنھن سان ھر دو جڳ روشن به ٿئي
ڏس ته سو رھبر به ٿئي، رھزن به ٿئي.“
پر ھزارين سالن جي ھن سفر کان پوءِ ڀٽي ۽ پوءِ سندس بختاور ڌيءُ ھن ملڪ جي عزت ۽ عظمت جا پيمانا تبديل ڪري ڇڏيا. ڀٽو جڏھن پنھنجي وزيرن کان ڪوٽ لھرائي سيءُ ۾ ڏڪندڙ غريب ماڻھن کي پارائيندو ھو ته سندس اھڙي انداز ۾ غريبن لاءِ بي پناھه محبت لڪل ھوندي ھئي. سندس اھڙو انداز تاريخ جي سرحد تي بيٺل ان ڦلاڻي لاکي جھڙو لڳندو ھو جنھن لاءِ لطيف چيو ھو.
”ريٻاڙي ريجهاءِ لاکو لولهيٽين سين
ساھو من سندياءِ ٺٽ مٽائي ٺاڪرو“
ھن ملڪ جي غريب ماڻھن ۾ اھو ويساھه ڪنھن اڻ لُڏندڙ ايمان وانگر ھو ته جيڪڏھن ڀٽا حڪومت ۾ ايندا ته سندن قسمت بدلبي ۽ سندن ويھڻ جي جاءِ تبديل ٿيندي. يعني برھمڻ مان باغي ٿيل ھي بادشاھه کين پٽ تان اٿاري پٽ راڻن سان گڏ ويھاريندو.
برھمڻن جي ھن ملڪ ۾ ڀٽو ۽ سندس شھزادي ڌيءُ ھڪ نئين ريت جا اڳواڻ آھن. ھن ملڪ جي روايت آھي ته ڪارڪن مرندا آھن ۽ انھن جا اڳواڻ ھنن جي سرد لاشن مٿان سندن سرخ رت سان پنھنجي سياست جي تاريخ رقم ڪندا آھن.پر ذوالفقار علي ڀٽي، سندس پٽن شاھنواز ۽ مرتضيٰ ۽ آخر ۾ سندس شھزادي ڌيءُ شھيد ٿي اھو ثابت ڪيو ته مقصد جي مشعل کي ٻاري رکڻ لاءِ جڏھن سڀ ڪجھه جلي ويو ته آگ کي زندهه ۽ ٻاري رکڻ لاءِ ھنن پنھنجي حياتي کي به آڙاھه جي حوالي ڪيو.
”جوڳيئڙا جھان ۾، نوري ۽ ناري
ٻري جن ٻاري، آءُ نه جيئندي ان ري.“
شھيد ڀٽي جڏھن اھو چيو هو ته مان ھر گھر م ڳالھايو ويندڙ لفظ آھيان ته نه ڄاڻ تڏھن کيس ڪيترو اندازو ھيو ته کانئس پوءِ سندس پٽ ۽ آخر ۾ سندس شھزادي ڌيءِ به قربانين جي انھن قافلي جي سرواڻي ۾ ايترو اڳتي وڌي ويندا. شھيد ڀٽي جڏھن ائين لکيو ھيو ته مان ھر گھر ۾ ڳالھايو ويندڙ لفظ آھيان تڏھن سندس اڳيان پنھنجي شھادت ھئي. پر اڄ جڏھن انھن چئوڏس شھادتن جو سلسلو شھيد راڻي بينظير ڀٽو تي پورو ٿيو آھي، تڏھن ڀٽو رڳو ھر گھر ۾ ڳالھايو ويندڙ لفظ ناھي، پر ڀٽو ھر گيت ۽ بيت، ھر نوحي ۽ قصيدي، ھر تحرير ۽ تقرير، ھر خوشي ۽ غم، ھر محفل ۽ انجمن ۾ روئڻ، ڳائڻ ۽ ڳالھائڻ جو موضوع آھي. ڀٽو لفظ ھڪ ذات مان نڪري ھڪ سوچ، ھڪ رويو، ھڪ ڪيفيت، ھڪ قرباني ۽ ھڪ وڏي تبديلي جو اهڃاڻ بڻجي ويو آھي. شھيد ڀٽي، ان جي پٽن ۽ ان جي شھزادي ڌيءُ ھن ملڪ کي ڇا ڇا ڏنو ۽ ھنن ھن ملڪ جي مسڪين ماڻھن جي قسمتن جو نقشو ڪيئن تبديل ڪرڻ پئي چاھيو ؟ - اھو انھن ھزارين ڪتابن ۽ مضمونن جو موضوع آھي، جيڪي نه ڄاڻ ڪيترن ايندڙ ايامن تائين لکيا ويندا .
شھيد ڀٽو 5 جنوري تي پيدا ٿيو ۽ سندس مھراڻ جي وادي جي شھيد راڻي ڌيءُ 27 ڊسمبر تي شھيد ٿي. شھيد ڀٽي جو قتل 4 -اپريل تي ٿيو ۽ شھيد راڻي جو جنم 21 جون تي ٿيو. شھيد شاھنواز 18 جولاءِ تي ماريو ويو ۽ شھيد مير مرتضيٰ ڀٽو 20 سيپٽمبر تي قتل ڪيو ويو. اڄ جڏھن سال جي ڪيلينڊر تي نظر وجھجي ٿي شايد ئي ڪو اھڙو مھينو ھجي جنھن ۾ ھن بادشاھي خاندان جي المئي جي تاريخ شامل نه ھجي.
ھن ملڪ ۾ اھو ڪھڙو گھر ۽ دفتر آھي جنھن ۾ ڀٽي جو ذڪر نٿو ٿئي ؟ ھن ملڪ ۾ ڪھڙي اخبار، ريڊيو ۽ ٽي وي آھي جتي ھي لفظ نه لکيو، نه پڙھيو ۽ نه اچاريو وڃي ؟ ھن ملڪ ۾ اھڙو ڪھڙو ماڻھو آھي جيڪو ڀٽي کي نٿو سڃاڻي ؟ ڀٽو لفظ ھن ملڪ جي اھا حقيقت ۽ اھو فسانو آھي، جيڪو حال جو حدون ٽپي ايندڙ زمانن ۾ پيھي ويو آھي. ڀٽو ملڪي سرحدن مان نڪري ستن سمنڊن جي پراھن ڪنارن تي پھتو آھي. ڀٽو زمينن ۽ زمانن مان نڪري، پاتالن ۽ پولارن ۾ گونجي ٿو. ڀٽو مسيح جي وقت مان نڪري قبل از مسيح جي دور تائين پڳو آھي ۽ اھو ڏينھن پري ناھي جڏھن ھن ملڪ ۾ ان شھيد راجا جو اھو عوامي راڄ قائم ٿيندو جنھن جو ھن ڪال ڪوٽڙي جي اونداهي ۾ هڪ ترورو ڏٺو هو ۽ موهن جي دڙي جي ماٿري جي ماڻهن جي اکين ۾ هزارين سالن جي درد جي لوڻاٺيل ڳوڙهن کان پوءِ خوشيءَ جا، مرڪن سان گڏ مٺا ڳوڙها نڪرندا.
اکين مان نڪرندڙ ڳوڙهن عرف لڙڪن جو ذائقو جيتوڻيڪ لوڻياٺو آهي پر هتي مٺا ڳوڙها ان ڪري ٿو چئجي جو ڀٽو لفظ نا ممڪن کي ممڪن بڻائڻ واري ڪيميا آهي.
”کيتي ۽ باغ بن ۾، سبزي ۽ ساوڪن ۾
گاهن، ڪکن پنن ۾، ميون وڻن ٽڻن ۾،
پوشاڪ پوپٽن ۾، سورج مُکي گلن ۾
رابيل ۽ رتن ۾، سئوسن سرو سمن ۾
برگ و ۽ گل چمن ۾، جانب جمال تنهنجو
هر جاءِ جلوه گر آ، حُسن و جمال تنهنجو.“
(5 جنوري 2009ع تي نشر ٿيل )