تاريخ، فلسفو ۽ سياست

سنڌ ھڪ درد ڪھاڻي آھي

ڪتاب ۾ شامل ڪيل  هي ڊاڪيومينٽريز سنڌ جي هڪ جيئري جاڳندي ۽ ڳالهائيندڙ ٻولهائيندڙ تاريخ آهن. ايندڙ دور ۾ جڏهن تاريخ ڪتابن جي قرطاس مان نڪري واريءَ جي ذرڙن واري چپس تي هميشه لاءِ منتقل ٿيندي ته ان وقت هي ڊاڪيومينٽريز سنڌ جي تاريخ جو هڪ املهه ۽ محقق ماخذ بڻبيون. منظور سولنگي پنهنجي دور جو هڪ ليجنڊ ليکڪ ۽ ڏاهو ڏات ڌڻي آهي، هُن جي کرائي ۽ بي غرضي ڪنهن کي پسند نه به هجي پر هُن جي سنڌ سان غيرمشروط محبت، فدائيت ۽ جاکوڙ تي ڪي به ٻه رايا ناهن رهيا. هن سڄي زندگي هڪ کاهوڙي Activist جي حيثيت ۾ گذاري آهي. سنڌ جي اديبن، دانشورن ۽ ليکڪن پاران سنڌ جي وحدت ۽ ان جي اشوز تي آواز ۽ جاڳرتا اٿارڻ واري ويڙهه ۾ هو سدائين پهرين جوڙ جو ملهه رهيو آهي.

Title Cover of book سنڌ ھڪ درد ڪھاڻي آھي

سنڌي ٻولي ۽ پ پ حڪومت جو رويو

21 فيبروري تي مادري ٻولين جو عالمي ڏينهن ملهايو وڃي ٿو. ان ڏينهن تي سنڌي ادبي سنگت طرفان سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي بنائڻ واري مهم جو ٽيون مرحلو به پڄاڻيءَ تي پهتو. ادبي سنگت هي ٽيون مرحلو هن سال 10 جنوريءَ کان شروع ڪيو هو ۽ ان کي 21 فيبروري تائين ملهايو ۽ سڄي سنڌ ۾ مظاهرا ڪري مطالبا ڪيا ته سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻولي جو درجو ڏنو وڃي.
مادري ٻولين جي عالمي ڏينهن کان چار ڏينهن اڳ سنڌ اسيمبليءَ هڪ ٺهراءُ منظور ڪيو آهي جنهن ۾ سنڌ جي سمورن تعليمي ادارن ۾ سنڌي ٻولي لازمي پڙهائڻ جي قرارداد منظور ڪئي وئي آهي. جيڪا هڪ اڳوڻي قومپرست اڳواڻ ۽ هاڻي پ پ جي ايم اين اي يوسف ٽالپر جي فرزند تيمور ٽالپر پيش ڪئي. جيتوڻيڪ تيمور ٽالپر جو تعلق به حڪمران پيپلزپارٽي سان آهي پر هن پنهنجو تاريخي ڪردار ادا ڪندي سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ سنڌي ٻولي لازمي طور پڙهائڻ واري 1972ع جي قانون تي عمل ڪرائڻ جو ٺهراءُ پيش ڪيو جنهن تي پيپلزپارٽيءَ جي سمورن ميمبرن چيو ته اهو ته اسان جو ٺهراءُ آهي، جنهن کانپوءِ سنڌ اسيمبليءَ جي اسيپڪر نثار احمد کهڙي چيو ته هي ٺهراءُ سڄي ايوان جو ٺهراءُ آهي. سنڌي ٻولي لازمي پڙهائڻ واري ٺهراءَ جي متحدا جي ميمبرن به تاڙيون وڄائي حمايت ڪئي. قانون واري وزير اياز سومري چيو ته اسان سڀ سنڌي آهيون ۽ سنڌي ٻوليءَ جو احترام ۽ عزت ڪريون ٿا. سينيئر ۽ تعليم واري وزير پيرمظهرالحق چيو ته سنڌي ٻولي پڙهائڻ جو باقاعدا قانون موجود آهي جنهن جي اسان ڀڃڪڙي ڪيئن ٿا ڪري سگهون ۽ ان قانون تي عمل ٿيڻ گهرجي.
اها ڳالهه ڪنهن حيرت کان گهٽ نه آهي ته سنڌ اسيمبلي پنهنجي ٺاهيل قانون تي عمل ڪرائڻ لاءِ وري ٺهراءُ پاس ڪري ٿي. ڄڻ ته ٺهراءُ جي حيثيت پاس ڪيل قانون کان به ڪا مٿڀري هجي ۽ اها ڳالهه وري ان کان به وڌيڪ اچرج ۾ وجهندڙ آهي ته پيپلزپارٽي پاڻ کان مطالبو ڪري ته سنڌي ٻولي پڙهائڻ واري قانون تي عمل ڪيو وڃي. وزيرقانون ۽ وزيرتعليم جي اڻ ڄاڻائي جي حد اها آهي ته هو ٻئي اها ڳالهه يڪ آواز چون ٿا ته سنڌ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي پڙهائڻ جو قانون موجود آهي تنهن ڪري هو ان جي مخالفت ڪيئن ٿا ڪري سگهن؟ ٻنهي وزيرن سڳورن کي شايد اها خبر ئي نه آهي ته سنڌي ٻولي واري 1972ع جي قانون تي خاص ڪري ڪراچيءَ ۾ عمل درآمد نه پيو ٿئي ۽ ان بي عمليءَ ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ پ پ سرڪار جي هڪ اتحادي ڌر آهي. اها ڳالهه به ڪنهن عجب کان گهٽ نه آهي ته متحدا جي اسيمبلي ميمبرن سنڌ اسيمبليءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ واري ٺهراءَ جي حمايت ڪئي آهي، جڏهن ته ڪراچيءَ ۾ سنڌي ٻولي پڙهائڻ واري قدم جي سڀ کان وڌيڪ مخالفت به ان تنظيم سان لاڳاپيل گورنر جي طرفان ڪئي پئي وڃي.
سنڌي ٻولي جي اڄ جيڪا مسڪينيءَ ۽ مظلوميءَ واري حيثيت آهي، ان کي اها مسڪيني ڪيئن ڪيئن ۽ ڪٿان ڪٿان پلئه پئي آهي، ان جي هڪ ڊگهي تاريخ آهي. اسان رڳو ان ظلم جي داستان جو اهو حصو بيان ڪنداسين جنهن هن عظيم ۽ شاهوڪار ٻوليءَ کي پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ 63 سالن جي مختصر عرصي ۾ تهس نهس ۽ تاراج ڪري ڇڏيو.
شهيد ذوالفقار علي ڀٽي 1972ع واري سنڌي ٻولي جي قانون پاس ٿيڻ کان پوءِ سنڌي ٻولي بابت هڪ خطاب ۾ چيو هو ته ”سنڌي هڪ قديم زبان آهي موهن جي دڙي جي زماني کان سنڌين جي الڳ زبان رهي آهي.“ جڏهن برطانيا سنڌ تي قبضو ڪيو تڏهن سنڌ جي پهرئين انگريز حڪمران سر چارلس نيپئر صاف طور چيو هو ته مقامي زبان سان هٿ چراند ڪرڻ جي ضرورت نه آهي. سنڌ جڏهن بمبئي جو حصو هئي تڏهن به سنڌي بمبئي يونيورسٽي ۾ پڙهائي ويندي هئي، تمام گهڻي وقت کان سنڌي ٻولي عدالتن ۽ روينيو کاتي ۾ استعمال ٿيندي رهي آهي ۽ اها سرڪاري زبان جي حيثيت سان صوبي ۾ رائج رهي آهي، لساني بل ذريعي ان جي اڳوڻي حيثيت بحال ڪئي وئي آهي جيڪا 1959ع ۾ مارشل لا لاڳو ٿيڻ کان پوءِ زباني حڪمن هيٺ ختم ڪئي وئي هئي.
شهيد ذوالفقار علي ڀٽي، جيڪو سنڌي ٻولي جي عظمت ۽ قدامت جو ذڪر ڪيو آهي ته اها ڳالهه سنڌي ٻوليءَ جي ڏاهن ۽ ماهرن، پنهنجي تحقيق مان ثابت به ڪئي آهي. ڪاڪي ڀيرومل مهر چند آڏواڻيءَ، مرزا قليچ بيگ، تيرٿ وسنت ۽ ٻين اهو ڄاڻايو آهي ته سنڌي ٻولي اڄ کان پنج هزار سال اڳ لکي ويندي هئي ۽ موهن جي دڙي وارو انڊس اسڪرپٽ ان جو چٽو مثال آهي. 712ع ۾ عربن جڏهن سنڌ تي حملو ڪيو هو تڏهن به سنڌ ۾ سنڌي لکي ۽ پڙهي ويندي هئي. سنڌ تي مغلن جي چڙهائي وقت 92-1591ع ۾ به سنڌي ٻولي لکي پڙهي ويندي هئي ۽ سنڌ تي انگريزن جي قبضي وقت 1843ع ۾ سنڌي لکڻ پڙهڻ جو طريقو موجود هو. 14 سالن کان پوءِ 1857ع ۾ انگريزن سنڌ ۾ لکڻ جي جدا جدا طريقن بجاءِ هڪ ئي طريقو متعارف ڪرايو جيڪو اڄ ڏينهن تائين قائم آهي، تنهن ڪري ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته سنڌي هڪ قديم، عظيم ۽ شاهوڪار ٻولي آهي، جنهن کي پنهنجي پنج هزار سالن جي پراڻي تاريخ آهي.
سنڌي ٻوليءَ کي اڄ جيڪو روڳ لڳل آهي، اهو گهڻي ڀاڱي پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ وارين حڪومتن ۽ حڪمرانن لڳايو آهي. اهو تاريخ جو ڪيڏو وڏو الميو آهي ته جنهن سنڌي ٻوليءَ جي ڳالهائيندڙن 1938ع ۾ ڪراچي ۾ ۽ 1940ع ۾ لاهور ۾ پاڪستان ٺاهڻ جو مطالبو ۽ اسيمبليءَ مان ٺهراءُ منظور ڪيو، پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ان نئين ملڪ جي حاڪمن، سڀ کان وڌيڪ نقصان ان ٻوليءَ کي ئي ڏنو.
پاڪستان کان اڳ سنڌ جي دفترن، عدالتن ۽ حاڪمن جي ٻولي سنڌي هئي. 29 آگسٽ 1857ع تي ان وقت جي انگريز ڪمشنر بارٽل فريئر سڄي سنڌ ۾ هڪ اعلان نامو جاري ڪيو هو ۽ پڙهو گهمرايو هو ته سنڌ جي هر سرڪاري ڪاروهنوار ۾ سنڌي ٻولي لکي ۽ پڙهي ويندي. انگريز ڪمشنر اهو پڙهو به گهمايو هو ته جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو کي انگريز عملدارن وٽ ڪا درخواست يا اپيل ڪرڻي هجي ته اها به سنڌيءَ ۾ ڪئي وڃي. اها درخواست هر صورت ۾ ٻڌي ويندي. نه رڳو ايترو پر انگريز سرڪار اهو قانون به جاري ڪيو هو ته سنڌ ۾ جيڪو به ڪامورو يا آفيسر نوڪري ڪرڻ ايندو اهو لازمي طور سنڌي سکندو. سنڌ ۾ هينئر به اهي پوڙها موجود آهن، جيڪي ٻڌائين ٿا ته سنڌ جا انگريز استاد ۽ عملدار ڪهڙي لهجي واري سنڌي ڳالهائيندا هئا.
سنڌي ٻوليءَِ تي حملن ۽ هلائن جي تاريخ پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ شروع ٿئي ٿي. ڪراچيءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ تي پهريون حملو 1948ع ۾ تڏهن ٿيو جڏهن ان وقت جي وزيراعظم لياقت علي خان هڪ ئي ڌڪ ۾ ڪراچيءَ جي 1300 سنڌي ميڊيم پرائمري ۽ سيڪنڊري اسڪولن کي بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو. 1948ع ۾ ئي اردو کي ملڪ جي واحد ۽ سرڪاري قومي ٻولي قرار ڏنو ويو، جنهن کان پوءِ سڀ کان وڌيڪ احتجاج بنگالين ڪيو ۽ بنگلاديش ۾ ٻولي جي تحريڪ شروع ٿي.
ڪراچيءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ تي ٻيو وڏو حملو 1951ع ۾ تڏهن ٿيو جڏهن ڪراچيءَ ۾ موجود سنڌ يونيورسٽيءَ جو نالو بدلائي ڪراچي يونيورسٽي رکيو ويو ۽ سنڌ يونيورسٽي کي رڳو نالي جي تختي ڪلهي تي کڻائي حيدرآباد موڪليو ويو. اڄ پاڪستان ۾ پنجاب يونيورسٽي لاهور ۾ ۽ بلوچستان يونيورسٽي ڪوئيٽا ۾ آهي پر سنڌ يونيورسٽي، سنڌ جي گاديءَ واري شهر ۾ موجود نه آهي. سنڌي ٻوليءَ تي ٽيون وڏو حملو 1958ع جي مارشل لا کان پوءِ ٿيو، جڏهن حيدرآباد ريجن جي اردو ڳالهائيندڙ ٻارن کي سنڌي پڙهڻ کان آجو قرار ڏنو ويو ۽ ڪيترائي سنڌي ميڊيم اسڪول مارشل لائي حاڪمن جي زباني حڪم تي بند ڪيا ويا، ايوب خان جي ڊگهي مارشل لا دوران سنڌي ٻوليءَ ته ڇا پر “ سنڌ ” لفظ لکڻ تي پابندي رهي ۽ جنهنجي ردعمل ۾ سنڌ ۾ جاڳرتا جو هڪ نئون ۽ سونهري دور شروع ٿيو.
1948ع کان 1972ع تائين، پاڪستان جا شروعاتي چوويهه سال ملڪ ۾ آمريت رهي ۽ آمريت جو سڀ کان وڏو عذاب سنڌي ٻوليءَ تي ئي نازل ٿيو. ائين پئي لڳو ڄڻ ته سنڌي ٻولي آمرن جي سڀ کان وڏي مخالف هئي. اها ڳالهه اڳتي هلي 1983ع ۽ 1986ع ۾ تڏهن سچي ثابت به ٿي، جڏهن سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙن جي وڏي اڪثريت پاڪستان جي سڀ کان وڏي جمهوري تحريڪ هلائي جنهن کي دنيا اڄ ايم آر ڊي تحريڪ جي نالي سان ياد ڪري ٿي.
ملڪ ٽٽڻ کان پوءِ، باقي بچيل پاڪستان ۾ جڏهن ذوالفقار علي ڀٽي حڪومت جون واڳون سنڀاليون تڏهن 1972ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ سنڌي ٻوليءَ جو بل پاس ڪيو. جيتوڻيڪ هن بل ۾ چيل آهي ته هن قانون کي اهڙيءَ ريت عمل ۾ آندو ويندو جيئن اردوءَ جي استعمال کي ڪوئي نقصان نه پهچي پر پوءِ به رئيس امروهويءَ جهڙن ”مهربانن“ اردو کا جنازا هي ذرا ڌوم سي نڪلي. جهڙا شعر لکي، اردو ڳالهائيندڙ آبادي کي سنڌين خلاف ڀڙڪائڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ ٻوليءَ وارا فساد ٿيا ۽ انهن فسادن ۾ ڪيترائي بي گناهه انسان ماريا ويا.
1972ع واري ٻوليءَ جي فسادن کان پوءِ پ پ جي سرڪار پوئتي هٽي وئي ۽ ”احتياط“ جي نالي ۾ ڪيترن سنڌي رسالن تي بندش وڌي وئي. 1972ع واري سنڌي ٻوليءَ جي قانون ۾ چيل هو ته سنڌ ۾ چوٿين درجي کان ٻارهين درجي تائين سمورن اسڪولن ۾ سنڌي پڙهائي ويندي پر ڪراچيءَ اندر ڪاليجن ۾ ان حڪم تي پهرئين ڏينهن کان ئي عمل نه ٿيو. ڪراچي جي اردو ميڊيم اسڪولن ۾ مئٽرڪ تائين ته سنڌي پڙهائي وئي پر يارهين جماعت ۾ سليس سنڌي ڪڏهن به نه پڙهائي وئي. شهيد ڀٽي جي حڪومت جو تختو اونڌو ٿيڻ کان پوءِ ضياءُالحق جو سڄو دور گهٽ ۽ ٻوسٽ وارو رهيو ۽ سنڌي ٻوليءَ تي ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد ۾ عملي طرح ڄڻ پابندي رهي. ان وچ ۾ قومپرستن جي ڪن ڪن جلسن ۾ يا سنڌي ادبي سنگت جي ڪن گڏجاڻين ۾ صرف اهي جهيڻا ۽ هيڻا مطالبا ٿيندا رهيا ته ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد مان نيڪالي ڏنل سنڌي ٻوليءَ کي ٻنهي شهرن ۾ ٻيهر بحال ڪيو وڃي.
1999ع ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ماهر ڊاڪٽر غلام علي الانا تعليم جي وفاقي وزارت کي هڪ خط ذريعي آگاهه ڪندي انصاف طلب ڪيو ۽ چيو ته سنڌي شاگرد يارهين جماعت ۾ سليس اردو پڙهن ٿا جڏهن ته اردو شاگرد يارهين جماعت ۾ سليس سنڌي نه ٿا پڙهن. تنهن ڪري ان فرق کي ختم ڪرايو وڃي. ڊاڪٽر غلام علي الانا جي ان خط کانپوءِ ڪراچيءَ ۾ يارهين جماعت ۾ سنڌي پڙهائڻ جو بحث شروع ٿيو ۽ پوءِ لاڳيتا ڇهه سال اهو خط، ” ڏي سوال- وٺ جواب “ جي مقابلي وانگي سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومت جي تعليم وارن کاتن جي ٽپال ۽ رڪارڊ ۾ رلندو رهيو. آخرڪار 22 آگسٽ 2005ع تي تعليم جي وفاقي وزارت جي نصاب واري شاخ طرفان هڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو جنهن ۾ سنڌ صوبي جي ڪاليجن اندر سنڌي ۽ اردو پڙهائڻ لاءِ اسڪيم آف اسٽيڊيز جاري ڪئي وئي. هن اسڪيم ۾ چيو ويو ته يارهين درجي ۾ سنڌي شاگرد سليس اردو پڙهندا ۽ اردو شاگرد، سليس سنڌي پڙهندا. ان نوٽيفڪيشن جي روشني ۾ سنڌ تعليم کاتي 27 سيپٽمبر 2005ع تي هڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪندي صوبي جي ڪاليجن ۾ يارهين جماعت ۾ سليس اردو ۽ سليس سنڌي پڙهائڻ جو حڪم جاري ڪيو.
27 سيپٽمبر 2005ع واري ان تاريخي نوٽيفڪيشن جي جاري ٿيڻ سان ڪراچيءَ ۾ واويلا شروع ٿي وئي ۽ چيو ويو ته ڪراچيءَ جي ڪاليجن ۾ سنڌي پڙهائڻ وارا استاد نه آهن ۽ ساڳيءَ ريت ڪراچي بورڊ وٽ ڪراچيءَ جي هڪ لک شاگردن جي سليس سنڌيءَ وارن پيپرن جي چڪاسڻ لاءِ استاد نه آهن، تنهن ڪري يارهين ڪلاس ۾ اردو شاگردن کي سليس سنڌي پڙهائڻ ممڪن نه آهي، سنڌ جي ان وقت جي وزيرتعليم ڊاڪٽر حميدا کهڙو اعلان ڪيو ته سنڌيءَ جا استاد فورن رکون ٿا پر ارباب غلام رحيم جي حڪومت تي ڪراچيءَ وارن ايترو دٻاءُ وڌو جو صرف 22 ڏينهن کان پوءِ ڪراچيءَ جي ڪاليجن ۾ سليس سنڌي پڙهائڻ وارو فيصلو واپس ورتو ويو.
ڪراچيءَ جي ڪاليجن ۾ اردو شاگردن کي سليس سنڌي پڙهائڻ وارو تاريخي نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ کان سترهن ڏينهن پوءِ، 14 آڪٽوبر 2005ع تي سنڌ جي موجودهه گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد جيڪو ان وقت به گورنر هو، سنڌ تعليم کاتي جي سيڪريٽري کي خط لکيو، جنهن ۾ هن تعليم کاتي جي سيڪريٽري کي هدايت نما تجويز ڏني ته يارهين ڪلاس ۾ سنڌي پڙهائڻ واري ڳالهه کي غيرضروري طور ۽ اختلاف طور پيدا ڪيو ويو آهي ۽ ڪراچي بورڊ وٽ نه ايترا استاد آهن، جيڪي اهي پيپر چڪاسي سگهن ۽ نه ئي وري ڪراچي بورڊ آسان سنڌيءَ جا پيپر ڪرائڻ جي پوزيشن م آهي، تنهن ڪري تعليم کاتو 27 سيپٽمبر وارو نوٽيفڪيشن واپس وٺي.
سنڌ جي گورنر جي تعليم کاتي اندر اهڙي سڌي مداخلت تي سنڌ جي اديبن ۽ ڪجهه قوم پرستن هاءِ گهوڙا ڪئي پر ارباب غلام رحيم ۽ ڊاڪٽر حميدا کهڙو پنهنجا عهدا ۽ وزارتون وڃائجڻ جي ڊپ ۾ خاموش رهيا ۽ ڪراچيءَ جي ڪاليجن ۾ آسان سنڌي پڙهائڻ وارو ڪم اڌ ۾ ئي رهجي ويو.
سنڌ جي تعليم واري وزير ۽ قانون واري وزير کي معلوم هئڻ گهرجي ته سنڌ اسيمبليءَ جي ٻولي بل موجب سنڌ جي تعليمي ادارن اندر چوٿين درجي کان ٻارهين درجي تائين سنڌي پڙهائجڻ گهرجي پر ڪراچيءَ جي ڪاليجن ۾ پهرئين ڏينهن کان وٺي ان قانون تي عمل ئي نه ٿيو آهي ۽ اڄ به ڪراچيءَ جي سرڪاري ڪاليجن ۾ اردو شاگردن کي نه سليس سنڌي پڙهائي وڃي ٿي نه ئي هنن کان اهو پيپر ورتو وڃي ٿو. ساڳيءَ ريت قانون جي وزير صاحب کي به اهو معلوم هئڻ گهرجي ته سنڌ اسيمبليءَ جي ٻوليءَ بابت پاس ڪيل قانون تي درست نموني عمل نه پيو ڪيو وڃي.
متحدا کي هڪ پارٽي جي حيثيت ۾ پنهنجي پارٽي پاليسي واضح ڪرڻي آهي ته اها سنڌي ٻوليءَ واري بل کي تسليم ڪري ٿي يا نه. جيڪڏهن اها سنڌي ٻوليءَ جي بل جو احترام ڪري ٿي ۽ سنڌي ٻوليءَ کي ڪراچيءَ جي ڪاليجن ۾ پڙهائڻ جي حمايت ڪري ٿي ته پوءِ ان جي گورنر آڪٽوبر 2005ع ۾ ڪراچي ۾ سنڌي ٻولي کي يارهين ڪلاس ۾ پڙهائڻ واري تعليم کاتي جي فيصلي جي مخالفت ڪيئن ۽ ڇو ڪئي هئي؟ جيڪڏهن متحدا ڪالاباغ ڊئم وانگي سنڌي ٻوليءَ جي رستا روڪ جي به مخالف آهي ته کيس پنهنجي حامي گورنر کان اهو به پڇڻو پوندو ته هو سنڌ جي تعليمي بورڊن جو انتظامي سربراهه هئڻ ناتي، ڪراچيءَ جي ڪاليجن جي اردو شاگردن لاءِ سليس سنڌيءَ جي پيپر ڪرائڻ ۽ چڪاسڻ جو انتظام ڇو نه ٿو ڪري؟؟
ارباب غلام رحيم کي آمريت جي پيداوار قرار ڏيندڙ ۽ ڊاڪٽر حميدا کهڙو کي تعليم جو ٻيڙو ٻوڙڻ جو ذميوار قرار ڏيندڙ پ پ سرڪار ۽ ان جي وزيرن کي به پنهنجو احتساب ڪرڻو پوندو ته ڊاڪٽر حميدا کهڙو، پنهنجي پيءُ مرحوم ايوب کهڙي وانگي سنڌ جي ٻوليءَ واري حق لاءِ ٿورو آواز ته اٿاريو ۽ پوءِ وري حميدا کهڙو پنهنجي پيءُ وانگي وقت جي حاڪمن سان مصلحت ڪري ويهي به رهي. جيڪڏهن حڪومت جي دائري کان ٻاهر ويهي سوچجي ته اسان جي سياسي پارٽين ۽ سنڌي ادبي سنگت به اهو گهربل ڪردار ادا نه ڪيو آهي، جيڪو هنن کي ڪرڻ گهرجي ها. رڳو رستن تي جهنڊا کڻي پنڌ ڪرڻ ۽ تصويرون ڇپرائڻ سان سنڌي ٻولي بحال نه ٿيندي، اهو ڪم به هڪ اردو ڳالهائيندڙ اقبال ڪاظميءَ نالي شخص ڪيو آهي، جنهن سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ هڪ آئيني درخواست داخل ڪئي آهي ۽ عدالت کي گذارش ڪئي آهي ته قانون مطابق سنڌي ٻولي کي سنڌ جي سرڪاري ٻولي قرار ڏنو وڃي. اهو ڪم سنڌ جي ڪنهن قوم پرست پارٽيءَ کي ڪرڻ گهرجي ها. جيڪڏهن سنڌ جا قوم پرست ان معاملي ۾ گُسي ويا ته پوءِ اهو ڪم سنڌي ادبي سنگت کي ڪرڻ گهرجي ها پر اهڙي قسم جي سنجيدهه ڪوشش کان اسان جون سڀ ڌريون ۽ ادارا الائي ڇو پري ۽ پاسيرا آهن.
پ پ جي باني چيئرمين شهيد ذوالفقار علي ڀٽي سنڌي ٻوليءَ کي صوبي ۾ قانوني حيثيت ڏيارڻ جو قانون پاس ڪرايو هو، ان تي عمل ڪرائڻ ان جي پوئلڳن جو ڪم آهي. ڏسڻو اهو آهي ته سڄو ڏينهن ڀٽن ۽ انهن جي خونن ۽ شهادتن جا قسم کڻندڙ حڪمران، سنڌي عوام کي شهيد ڀٽي طرفان تحفي ۾ ڏنل سنڌي ٻوليءَ واري بل کي لاڳو ڪرائڻ ۾ ڪيتري ڪوشش ۽ قرباني ٿا ڏين؟

(فيبروري 2010ع ۾ نشر ٿيل)